مسجد خالد بن وليد جي خطيب سان ملاقات:
اسان جي هن ڀلاري سفر جي شروعات جمعي جي سڳوري ڏينهن کان ٿي هئي. انهي ابتدائي جمعي سميت حرم شريف ۾ رهندي چوٿون جمعو آيو هو. تاريخ 18 ذوالحج 1417هه/ 25 اپريل 97ع جي چوٿين جمعي تي پورا ٻاويهه ڏينهن ٿي چڪا هئا. يارهين وڳي ڌاري نماز جمعه لاءِ تياري ڪيم. ٻيا ساٿي هيڏانهن هوڏانهن نڪري ويا هئا. باقي آئون ۽ رحيم ڏنو سمون ٻئي سنڀري نڪتاسون ته هلي ٿا حرم شريف ۾ جمع نماز ادا ڪريون.
پر اتي پهچڻ کانپوءِ خبر پئي ته، هتي ايتري رش آهي جو اندر توڙي ٻاهر تهه خاني کان وٺي ڇت تائين حرم شريف ماڻهن سان سٿيو پيو آهي. ٻاهرئين اڱڻ سان گڏ روڊ تي به ماڻهو ويهي رهيا هئا. روڊ تي ويٺل نمازين جي صف بندي مون کي فقهي لحاظ کان صحيح نظر نه آئي ڇو ته انهن صفن جي وچان ڪافي فاصلو نظر ٿي آيو. توڙي جو نماز ادا به ٿي وڃي ها پر منهنجي دل اتي نماز پڙهڻ لاءِ آماده نه ٿي. انهي ڪري اسان واپس ورندي بازار جي هڪ وڏي جامع مسجد “خالد بن وليد رضه” ۾ نماز پڙهڻ لاءِ وڃي پهتاسون. هي تمام وڏي مسجد هئي جنهن ۾ مسجد لڳ عورتن لاءِ جدا انتظام ٿيل هو. مسجد ۾نمازين جو تعداد تمام گهڻو هو. خطيب صاحب توحيد جي عنوان تي پئي ڳالهايو ۽ انهي جا حوالا قرآن شريف جي آيتن مان ڏيئي سمجهائي رهيو هو. هتي مسجدن ۾ جمعي جي خطبن، تقريرن ۽ عام واعظن دوران اسلام جي بنيادي پنج رڪنن کان علاوه توحيد، شرڪ، سنت ۽ بدعت جا موضوع خاص طور شامل هوندا آهن.
ائين کڻي چئجي ته انهن موضوعن کانسواءِ ٻيا موضوع هوندا ئي ناهن. سياسي، سماجي مسئلن يا سرڪار جي قاعدي قانون تي اصلاحي تنقيد ڪرڻ جي سخت بندش آهي. سعوديه جي سڀني شهرن ۾خطيبن جون جمعي تي ڪيل تقريرون رڪارڊ ڪيون وڃن ٿيون ۽ پوءِ اطلاعات کاتي جا ملازم/ آفيسر اهي تقريرون چيڪ ڪن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن به خطيب سرڪار جي گائيڊ لائين کان هٽي ڪا اهڙي ڳالهه ڪئي هوندي، جنهن سان سرڪار جي قانون، ڪردار ۽ ساک متاثر ٿيڻ جو انديشو هوندو ته، اهڙي خطيب کي سرڪاري نوڪري تان معطل ڪري کيس جيل حوالي ڪيو وڃي ٿو.
جيڪڏهن انهي حڪومت خلاف شديد نقطه چيني ڪندي جارحانه انداز ۾ ڳالهايو هوندو ته، اهڙي کي ڪنهن خفيه جاءِ تي قيد ۾ رکي پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي ٿي، جي اهو خطيب پنهنجي ڪيل تقرير تي پڇتائي معافي نامو لکي ڏئي ٿو ته کيس ساڳي عهدي تي بحال ڪيو وڃي ٿو. مون کي مڪي شريف جي مقامي دوستن ٻڌايو ته سعوديه جي مختلف شهرن جي جيلن ۾ اڍائي سو جي لڳ ڀڳ حق گو عالم قيد آهن، جن جو عهدو مختلف مسجدن ۾ “خطابت” جو هو، پوءِ جڏهن انهن سرڪار کي حق جو ڪلمو چيو ته، اهي معطل ڪري قيد ڪيا ويا آهن. هتي مڪي جي مسجدن ۾ اذان ۽ نماز جي پنجن ئي وقتن جو ٽائم اهو ساڳيو آهي جيڪو بيت الله شريف/ مسجد الحرام ۾ اذان ۽ نماز جي ادائگي جو وقت آهي. مسجد خالد بن وليد ۾ نماز جمعه کان فارغ ٿي اسان خطيب صاحب سان هٿ ملايو. پر انهي صاحب مصافحه (هٿ ملائڻ) بعد پڇيو ته، توهان پاڪستاني آهيو؟ چيم ته هائو! بس اهو جواب ٻڌي خطيب صاحب پنهنجي حجري جو رخ ڪيو ۽ اسان ٻاهر نڪري هليا آياسين. مون پنهنجي ساٿي کي چيو ته، پاڪستان جو نالو ٻڌندي ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو الائي ڇو ٿا منهن گهنجائين! حالانڪه پاڪستان سرڪار جو شعبه اطلاعات و نشريات، دنيا وارن کي ٻڌائيندو رهي ٿو ته، “پاڪستان خالص مذهبي بنياد تي حاصل ڪيو ويو آهي ۽ اهو نه رڳو هڪ اسلامي ملڪ آهي پر ان جو مضبوط قلعو آهي.” خبر ناهي ته، سعودي باشندا پاڪستان جي انهي تعارف کان اڻ واقف ڇو آهن؟ ٿي سگهي ٿو ته، انهي جو ڪارڻ هيٺئين ريت هجي جيئن شيخ سعدي پنهنجي منظوم فارسي ڪتاب بوستان ۾ هڪ هنڌ ڪنهن زال ۽ مڙس جي هڪ دڪاندار جي باري ۾ گفتگو ذڪر ڪندي بيان ڪيو آهي ته، زال مڙس کي منٿون ڪندي چيو ته، خدا جي واسطي! ٻيهر پاڻ واري گهٽي ۾ ويٺل دڪاندار وٽان ڪڻڪ يا اٽو خريد نه ڪجان. مهرباني ڪري بازار ۾ ڪڻڪ جي واپارين کان ڪڻڪ خريد ڪري اچجانءِ. ڇو ته،
ڪه اين جَو فروش است گندم نماءِ.
اهو دڪاندار ڌوڪيباز آهي. ڪڻڪ ڏيکاري جَو پيو وڪڻي. اهڙي ڌوڪيباز سان ڪڏهن به ڏيتي ليتي نه ڪجي. سو ٿي سگهي ٿو ته، ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستانين جي ڪارڪردگي اهڙي هجي جيڪا شيخ سعدي مٿئين دڪاندار جي ذڪر ڪئي آهي. حالانڪه پاڪستان جي پاڙيسري ملڪن هندستان، سريلنڪا، بنگله ديش جي ڪنهن به رهاڪو تي ٻاهرين ملڪن ۾ اعتماد ڪيو وڃي ٿو پر پاڪستاني تي ڀروسو نه ٿو ڪيو وڃي!
اسان واپسي ۾ جاءِ ڏي پئي آياسون ۽ اها مٿين ڳالهه ٻولهه هلي رهي هئي ته، منهنجي ساٿي مون کان سوال ڪيو ته، آخر ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستاني ماڻهو کي شڪي نظر سان ڇو ٿو ڏٺو وڃي؟ وراڻيم ته، جيڪي پاڪستاني ٻاهرين ملڪن وڃن ٿا سي فقط دنيا ڪمائڻ/ گڏ ڪرڻ جي غرض سان وڃن ٿا. اهي تفسير ۽ حديث پڙهڻ ته ڪونه ٿا وڃن، نه ڪو دين جي تبليغ، وعظ و هدايت ۽ اسلام پکيڙڻ جي مقصد سان وڃن ٿا. جڏهن ته دنيا آهي ئي اهڙي شئي جيڪا ٺڳي ۽ دولاب کانسواءِ گڏ نه ٿي ٿئي! هڪ روايت ۾ آهي ته الدنيا زور لايحصل الابزور (اوڪما قال ص)يعني دنيا ٺڳي ۽ دوکو آهي ۽ اها ٺڳي کانسواءِ حاصل ئي نه ٿي ٿئي. باقي حلال طريقي ۽ جائز نمونه سان پورهيو ڪرڻ ڏوهه ڪونهي، اهوته شرعي حڪم ۽ سنت نبوي آهي. حلال روزگار حاصل ڪرڻ ته ايمان جي نشاني آهي. بي ايمان ماڻهو حلال ۽ حرام جو فرق نه ڪندو، هن کي فقط پيسو کپي، پوءِ ڪهڙي به طريقي سان حاصل ٿئي. انهي ڪري جيڪي پاڪستاني ٻاهرين ملڪن ڪمائڻ جي خيال سان وڃن ٿا سي پنهنجي فريبڪاري جي فن سان خوب ڪمائن ٿا. تڏهن ته، پاڪستان کي يورپ وارن ڪرپشن ۾پوزيشن هولڊر جو بين الاقوامي سرٽيفڪيٽ ۽ لقب ڏنو آهي. بس وڌيڪ پنهنجي گلا ڪرڻ به چڱي ڪانهي. شال رب سائين پاڪستاني حضرات کي ساڃهه ڏئي. (آمين)