مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

بارگاهه رسالت ۾ حاضري:

بارگاهه رسالت ۾ حاضري:
ساٿين طئي ڪيو ته، وچين نماز کان فارغ ٿيندي ئي پهرين روضي پاڪ جي زيارت ۽ پاڻ ڪريمنﷺ جي حضور ۾ حاضر ٿي صلوات و سلام عرض ڪبا. تنهن ڪري نماز بعد روضي پاڪ ڏي ماڻهن جي هجوم سان گڏ رڙهندا روانا ٿياسون.
جيئن جيئن ويجهو پئي ٿيس، تيئن پاڻ مرادو اندر مان آزي ڀريا آلاپ ڀٽائي جا بيت بنجي نيازمندي ۽ نوڙت سان پئي نڪتا ته،
مديني جا ماه، سڻ منهنجا سڏڙا،
ٻيو نه وسيلو واه، آهيان تنهنجي آسري.
مديني جا گهوٽ، سڻ منهنجا سڏڙا،
ڪج محمد موٽ، عاصي تنهنجي آسري.
مديني جا ڄام، سڻ منهنجا سڏڙا،
آهيان تنهنجي سام، سگهو رسج سپرين.
اهڙا ڪي ٻيا ڀاڳ، جو هن خطا ڪار کي اهڙي عظيم هستي جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ جو موقعو ملي رهيو هو، جيڪا روحانيت جي سڀني سلسلن جي پڄاڻي آهي. جنهن جي ٻاجهاري نظر هڪ ئي نگاهه سان، انسانيت جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي سلامتي جو ساحل نصيب ڪيو. جنهن جي درٻار ۾ پهتل هر خطا ڪار کي، رب العالمين وٽان سندس شفاعت منظور هجڻ جي ڀرپور اميد هجي.
بس انهي اميد جي سهاري اڳتي وڌي رهيو هئس. رسالت مآب ﷺ جي بارگاهه ۾ مون بدڪار کي پيش ٿيڻ جي ته ڪا همت ئي نه پئي ٿئي پر ڪلام الاهي جي هن آيت جي آڌار تي ته،
“۽ جڏهن انهن ماڻهن پاڻ تي ظلم ڪيو، تڏهن جيڪڏهن تو وٽ اچن ها پوءِ الله کان بخشش گهرن ها ۽ پيغمبر انهن لاءِ بخشش گهري ها ته، الله کي ٻاجهه سان موٽندڙ مهربان لهن ها”. (سورت نسا آيت نمبر 64)
رش سبب سرندا پئي وياسين، ٻيو ته رحمت للعالمين جي دربار جي ادب جي اها ئي تقاضا هئي ته، اٻهرائي جلد بازي نه ڪئي وڃي. ڇو ته بقول شاعر :
ادب گاهي است زير آسمان از عرش نازڪ تر
نفس گم ڪرده مي آيد جنيد و با يزيد اين جا
آسمان هيٺ هي اهڙي ادب جي جاءِ آهي، جو عرش کان به وڌيڪ نازڪ نفيس ۽ قابل احترام آهي. هن مبارڪ ماڳ تي وڏا وڏا ڀلارا، اولياءَ سڳورا جنيد بغدادي يا با يزيد بسطامي جهڙا به پنهنجو ساهه گهٽيو پيا ايندا آهن. يعني ته ادب جيڪري نه ته زبان مان ڀڻڪو ٿا ڪن، نه ڪي پيرن جو کڙڪو. بس ماٺ ئي ماٺ. بهرحال ڪنهن از غيبي ڪشش ڇڪي روضي جي ڄاري سامهون سلامي ٿيڻ لاءِ آڻي بيهاريو.
بردر آمد بنده بگريخته
آبروءِ خود بعصيان ريخته
در تي اهو ڀڳل ٻانهو آيو آهي جنهن ڏوهن سبب پنهنجي عزت آبرو مٽي ۾ ملائي ڇڏي آهي. شرمساري کان ڪنڌ جهڪيل رهيو ۽ زبان کي اشارن ڪناين سان صلوات و سلام پيش ڪرڻ جي اجازت ملي. ڀلا چند سيڪنڊن ۾ سالن جي سڪ ماٺي به ڪيئن ٿئي؟ دل محبت جي اٿاهه سمنڊ ۾ لڳندڙ ڇولين سبب ٻڏي رهي هئي ته زبان ذري گهٽ قوت گويائي وڃائي ويٺي هئي. رکي رکي ڪو واجبي اکر نڪتو ٿي. نه ته ديدار پُر انوار جي ڪيف ۾ مست مدهوش جسم، الائي ڪهڙي جهان ۾ گم هو. انهي ڪيف روح کي اهڙو ته رڱيو جو وري کيس اهڙي خوراڪ يا نصيب!.
پرين جي پساري لاءِ ايندڙ پروانن کي ديدار جو موقعو ڏيڻ خاطر ڪجهه پرڀرو ٿي مسجد جي ديوار کي سهارو ڏئي بيهي رهيس. اکيون لڳاتار آقاءِ نامدار ﷺ جي“مواجهه شريف” ڏانهن کتل رهيون. صلوات و سلام جي سريلي ڀڻڪي قبوليت جو يقين ڏياريو ته، پنهنجي والد صاحب (مولوي عبد الرحمان شورو) استاد محترم مولانا عبدالڪريم لغاري، ۽ سمورن دوستن، عزيزن جي طرفان سندن نالا وٺندو صلوات و سلام پيش ڪندو رهيس. اڃان حاضري ۾ ئي هئس ته، خيرالقرون جي ڪنهن پروانه رسول جو منظوم هديه عقيدت ذهن تي بار بار ايندو رهيو ته،
1. يا خير من دفنت في الارض اعظمه
فطاب من طيبهن القاع والاکم.
2. انت النبي الذي ترجيٰ شفاعته
عند الصراط اذا ما زلت القدم.
3. نفسي الفداءُ لقبر انت ساکنه
فيه العفاف و فيه الجود والڪرم.
4. وصاحباڪ لا انسا هما ابداً
مني السلام عليڪم ماجري القلم
ترجمو
1) ڌرتي ۾ جيڪي به هستيون دفن ٿيل آهن تن سڀني ۾ ڀلاري هستي، جنهن جي جسم جي سرهاڻ سان پڊ پوٺا، جبل جهر جهنگ واسجي ويا آهن.
2) تون ئي ته اهو عظيم پيغمبر آهين، جنهن جي شفاعت ۾ آسرو ڪري سگهجي ٿو، خاص ڪري ان وقت، جنهن دم پلصراط وٽ قدم پيا ٿڙندا ۽ ٿاٻڙندا.
3) جنهن قبر ۾ تون آرامي آهين، تنهن تان منهنجو جيءُقربان، انهي قبر ۾ پاڪائي، سخا ۽ ڪرم ڪُل اچي ڪٺا ٿيا آهن.
4) تنهنجي يارن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهان، منهنجي طرفان توهان سڀني تي سلام هجن ايستائين جيستائين قلم ڪاغذ تي لکندو پيو رهي. (يعني قيامت تائين) آخر ۾ هي خواهش ڪئي هئم ته،
محمد از تو مي خواهم خدارا
خدايا از تو عشق مصطفيٰ را
(اي واحد جا واکاڻيل محبوب مٺا! توکان خدا ٿو گهران. اي خدا، توکان عشق مصطفيٰ ٿو گهران.)
ٻنهي جهانن جي سردار ﷺ تي صلوات و سلام عرض ڪرڻ، ۽ سندس اصحابين حضرت ابوبڪر صديق ۽ حضرت عمر فاروق رضي الله عنهما جي خدمت ۾ سلام پيش ڪرڻ بعد سامهون واري دروازي باب البقيع وٽ وڃي بيٺاسون. اتان کان جنت البقيع ڏي نظر پيئي ته، اتي دفن ٿيل سڀني ڀلارن جي ايصال ثواب ۽ مغفرت لاءِ فاتحه خواني دعا وغيره ڪرڻ خاطر هليا ويا سون.