مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

حرم شريف ۾ هڪ پينو ڇوڪري:

حرم شريف ۾ هڪ پينو ڇوڪري:
مئي جي ٻي تاريخ جمع ڏينهن 11 وڳي ڌاري حرم شريف جي باب فهد واري پاسي کان تهه خاني ۾ وڃي ويٺس. قرآن شريف جي تلاوت ڪندو رهيس. ماڻهو نماز لاءِ صفن جي صورت ۾ ويهي ذڪر فڪر، تسبيح ۽ تلاوت ۾ مشغول هئا ته، هڪ نوجوان ڇوڪري پراڻا ڦاٽل ڪپڙا پائي نمازين جي اڳيان هٿ ڊگهيري سوال ڪرڻ لڳي. صورت شڪل مان اها ڇوڪري پٺاڻ نظر ٿي آئي. سوال ڪرڻ وقت روئڻهارڪي ٿي اوڇنگار ڏيئي بيک مڱي رهي هئي. ويٺل نمازين مان ڪي ماڻهو اٿي خيرات ڏيندڙ ماڻهن وٽان پيسا (ريال، ڊالر وغيره) وٺي انهي ڇوڪري کي ڏيئي رهيا هئا. مون کي انهي ڇوڪري جو روئڻ به مڪر محسوس ٿي رهيو هو. ڇو ته روئڻ وقت، ماڻهو جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي ايندا آهن ۽ بعضي ته ڳوڙها به وهن ٿا، پر اها ڇوڪري روئڻ جو فقط نمونو ڪري رهي هئي. اڃا اها صفن وچان هلي هيڏانهن هوڏانهن ڦرندي پيسا وٺي رهي هئي ته، حرم شريف ۾ عورتن کي الڳ صفن ۾ ويهارڻ، نمازين جون صفون درست ڪرائڻ، نماز جي وقت ستل ماڻهن کي اٿارڻ وارا ملازم جن جي سڃاڻپ هي آهي جو سندن هٿ ۾ مصلو هوندو آهي جيڪو ستل يا ويٺل نمازي کي هڻي تنبيه ڪن ٿا، تن مان هڪ ملازم اچي پنهنجي هٿ وارو مصلو انهي ڇوڪري کي پٺن وارو اهڙو هنيو جو اها ڇوڪري فوراً ڀڄندي ٻاهر نڪري وئي. ۽ اهو ملازم کيس دڙڪا ڏيئي عربي ۾ چوڻ لڳو ته، السوال حرام (پنڻ حرام آهي) سرحدي پٺاڻ يا افغاني پٺاڻ ڇوڪري کي هتي حرم شريف ۾ پنندي ڏسي مون کي ذهن ۾ آيو ته، اها ڇوڪري اڪيلي سر هوائي جهاز جا ڀاڙا ۽ سفر جو خرچ ڪري هتي ڪيئن ٿي پهچي سگهي؟ لازمي طرح کيس هتي پهچائڻ واروڪو شاهوڪار ماڻهو آهي، جنهن جي آڌار تي اها هتي (حرم شريف ۾) پهتي آهي ۽ پنڻ واري رقم ۾ شايد اهو شاهوڪار ڀائيوار هجي. انهي سوچ تي مون کي سنڌ جا ڪي سرندي وارا دنيا پرست ياد آيا جيڪي رمضان شريف جي موقعي تي عمري لاءِ وڃن ٿا ۽ پاڻ سان ڪي معذور، انڌا منڊا وٺي وڃن ٿا، جن کي حرم شريف ۾ ويهاريندا آهن ۽ انهن معذورن کي سيکاري ڇڏيندا آهن ته توهان چادر جو جهنڊ هڻي هڪ هنڌ ويٺا هجو! جيئن ته عرب سڳورا رمضان شريف ۾ خيرات ۽ صدقا تمام گهڻا ڏين ٿا، پوءِ اهڙي معذور ۽ جڏي کي ڏسي گهڻو ڏيندا آهن. جڏهن رمضان شريف پورو ٿئي ٿو ۽ هنن عمري تي آيل ماڻهن جي ويزا ختم ٿئي ٿي ته، انهن معذورن کي فري ۾ عمرو ڪرائي ۽ ڪجهه خرچي ڏيئي کين ماڳ پهچائيندا آهن. اهي حالتون انهن روايتن کي سچو ثابت ڪن ٿيون، جن ۾ فرمايو ويو آهي ته، آخري زماني ۾ حج تي ايندڙ ماڻهن مان مٿئين طبقي وارا (شاهوڪار) ماڻهو سير ۽ تفريح لاءِ ايندا ته، وچولي طبقي وارا واپار سانگي ۽ هيٺئين طبقي وارا غريب ماڻهو پنڻ لاءِ ايندا. يعني ته ثواب خاطر ۽ ڏوهن جي معافي رحمت ۽ مغفرت جي طلب لاءِ تمام ٿورا ماڻهو ايندا. سچ پچ ته، اها صورتحال عام جام نظر اچي ٿي. شال رب سائين اسان کي دنيا جي حرص و هوس کان پناهه ۾ رکي ۽ هنن ڀلارين جاين تي پهچڻ کانپوءِ سچي دل سان توبه جي توفيق نصيب ڪري انهي عهد تي آخر عمر تائين قائم و دائم رکي (آمين)
جمعي جي اذان آئي ته، تلاوت ختم ڪري سنت جون چار رڪعتون مس پڙهيم ته، خطبي جي اذان آئي. اڄوڪو خطبو شيخ عبد الرحمان سديس ڏنو هو.
جنهن ۾ هن مسلمانن کي عام وعظ نصيحت سان گڏ پنهنجي ديني ورثي جي حفاظت تي زور ڏيندي اعمال صالحه جي ترغيب ڏني هئي. علاوه ازين مسلمانن جي عام ڇڙواڳي، يورپ جي ڪلچر تي اڪن ڇڪن ٿيڻ، يهودين ۽ عيسائين جي روش اختيار ڪرڻ بابت موثر نمونه تنبيه ڪئي ۽ آخر ۾ مسلمانن جي عالمي سطح تي حالت زار ۾ بهتري، اخلاق و اعمال ۾ سڌاري ۽ سماجي زندگي ۾ مثبت تبديلي لاءِ دعا ڪئي.