مديني ۾ داخلا:
بارگاهه رب العالمين جي شرف زيارت کانپوءِ اسان جي سفر جي ٻي ۽ آخري منزل رحمت للعالمين جي دربار ۽ سندن مسجد مبارڪ هئي، جتي چند گهڙين ۾ پڄڻ وارا هئاسون.
قادر ڪريم جي ڪرم فرمائي ٿي نه ته، مون جهڙو گندو گنهگار اهڙي عظيم سعادت ۽ شرف زيارت جي لائق نه هو. ڇو ته خطا جي خمير مان ٺهيل بدڪار بوتو، ڀلا ڪائنات جي ڪارڻي ، عفت و عصمت، نزاڪت و نفاست، عبديت و اطاعت جي مجسمي، تاجدار رسالت ﷺ جي حضور ۾ بيهڻ جي لائق به ڪيئن ٿي سگهندو؟! پر قدرت وارو جيڪڏهن ڪنهن جي نصيب ۾ اهڙا موقعا مقدر ڪري ڇڏي ته انهي لاءِ ڪا وڏي ڳالهه ناهي!
سالن جون سڪون لحظي ۾ لهڻ واريون هيون، پوءِ به اهو ڊپ هئم ته، خبر ناهي مون کان محبت ۽ خوشي جي بي قابو جذبن سبب ڪابي ادبي نه ٿي پئي! ! ڇو ته، دربار رسالت جا آداب بجا نه آڻڻ سان برڪت ملڻ بجاءِ ڪئي ڪمائي چٽ ٿيڻ بابت خود قرآن پاڪ آگاهه ڪيو آهي. جيڪڏهن اهو ڊپ نه هجي ها ته، شايد آئون پاڻ تي ڪنٽرول نه ڪري سگهان ها.
گنهگار وجود جو ذرو پرزو پنهنجي حواسن ذريعي بي تابي سان درشن لاءِ منتظر هو. دل ۽ دماغ پنهنجي ديرينه منصوبن کي پايه تڪميل تي محسوس ڪندي خوشي مان نه ٿي ماپيا. ان هوندي به پنهنجي نا اهلي تي نادم۽ بي مايگي تي بيحد پشيمان هئا.
دلي ڪيفيت خبر ناهي ڪهڙن مرحلن مان گذري رهي هئي. سوچن جي سمونڊ ۾ آيل تازي طوفان، ڪيڏي مهل ٻوڙيو ٿي ته وري ڪيڏي مهل تاري ڪناري سان ٿي لڳايو.
خدا ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته، اها ڪهڙي حقيقت هئي؟ جنهن مون کي بنهه بي وس بنائي منهنجي وجود جي واڳ ڪنهن اڻ ڏٺي هستي جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏي هئي. انهي ئي ڪارڻ ڪري قول فعل، فهم فڪر پنهنجي خود خيالي ۽ خود مختياري سان نه پر ڪنهن از غيبي اشاري تي ڪم ڪري رهيا هئا. بس جي بريڪ مون کي اڻ ڏٺي احساسات جي اونهائين مان ڪڍي وري مشاهدي جي اکئين ڏٺي ماڳ تي آڻي ڇڏيو، جو حاجي سڳورن يعني زائرين مدينه جي بس ۾ ويٺل آخري کيپ کي سندن منزل تي لاٿو پئي ويو، جنهن کان پوءِ فقط اسان ئي وڃي رهيا هئاسون، جن کي گهڙي پل کانپوءِ جنت البقيع جي ڀر واري روڊ تي اوڀر ڏکڻ طرف لاهي خالي بس کي سندس اڏي تي نيو ويو.