مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

مسجد الحرام ۽ انتظامي ادارا:

مسجد الحرام ۽ انتظامي ادارا:
هاڻي اسان مسجد الحرام ۽ اتي جي موجوده انتظامي ادارن جو مختصر احوال پيش ڪريون ٿا.
قرآن شريف ۾ مسجد الحرام جو لفظ چئن معنائن ۾ استعمال ٿيو آهي. 1_فقط ڪعبي لاءِ، 2_ڪعبي جي چوطرف عمارت، صحن وغيره لاءِ جيڪو نماز لاءِ مخصوص آهي.
3_مڪي شريف جي پوري بستي لاءِ. 4_شهر مڪي کان ٻاهر حرم جي حد لاءِ به مسجد الحرام جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي. تحقيق لاءِ ڏسو: سورت بقره آيت 144، سورت بني اسرائيل/ اسرا آيت 1، سورت فتح آيت 27، سورت فتح آيت 8 4 .
حضرت ابراهيم جي تعمير ڪعبه وقت ماڻهن جي آبادي بنهه چند فردن تي مشتمل هئي پر پوءِ هزارين سال گذرڻ سبب انساني آبادي وڌندي وئي تان جو جڏهن اسلام آيو ۽ غير عرب ماڻهو به اسلام ۾ داخل ٿيڻ لڳا ته اهي ماڻهو به مڪي جي شرف ۽ فضيلت جي ڪري اتي رهڻ لاءِ رخ ڪرڻ لڳا. عربن جي آسپاس واري آبادي جو مڪي ڏانهن خصوصي طور تي تيزي سان لاڙو ٿيو جنهن ڪري حضرت عمر فاروق جي خلافت ۾ حرم شريف حاجي سڳورن لاءِ بنهه تنگ ۽ سوڙهو ٿي پيو. انهي تنگي جي پيش نظر حضرت عمر فاروق 17هه/638ع ڌاري پهريون ڀيرو حرم شريف جي توسيع (ڪشادي ڪرڻ) جو منصوبو تيار ڪيو، جنهن مطابق حرم جي ويجهن رهائشي گهرن کي خريد ڪيو ويو ۽ گهر ڊاهي حرم کي ويڪرو بنايو ويو. حضرت عمر فاروق جو اهو ڪارنامو ايندڙ خليفن لاءِ رهبري جو ذريعو بڻيو، جن به ضرورت مطابق حرم جي توسيع پئي ڪئي. البته حضرت عثمان حرم/ مسجد الحرام جي توسيع سان گڏ چوڌاري ورانڊا تعمير ڪري انهن تي ڇت وڌي، جڏهن ته کانئس اڳي انهي قسم جي تعميرات نه ٿي هئي. پوءِ اها تعميرات اڳتي وڌندي وئي ۽ حرم شريف/ مسجد الحرام ڏينهون ڏينهن حاجين جي گهڻائي سبب ڪشادي ٿيندي وئي.
مجموعي طرح مسجد الحرام جي توسيع جو ڪم خلافت راشدهه، خلافت بنو اميه، خلافت عباسيه، خلافت عثمانيه(ترڪي) ۽ موجوده سعودي شهنشاهيت دوران ٿيندو رهيو آهي. وقت جي ڪنهن به بادشاهه مسجد الحرام/ حرم جي خدمت کان پاڻ کي پاسيرو نه رکيو آهي بلڪه هڪ ٻئي کان وڌي خدمت سرانجام ڏني اٿن. تفصيل لاءِ تاريخ الحرمين (عربي) عمارت المسجد الحرام (عربي) ڏسي سگهجن ٿا.
شاهه فهد جي موجوده توسيعي پروگرام کانپوءِ هاڻي حرم شريف/ مسجد الحرام جي جمله ماپ/ پکيڙ ٽي لک ڇاونجاهه هزار چورس ميٽر آهي جنهن ۾ حرم شريف وارو ٻاهريون اڱڻ به شامل آهي. هن وقت انهي ۾ ست لک ستر هزار نمازين لاءِ گنجائش آهي موجوده توسيع جي تڪميل تي شاهه فهد جي نالي هڪ يادگار پٿر، مسجد الحرام جي باب فهد گيٽ نمبر 79 جي ڀر ۾ لڳل آهي، مذڪوره اڇي سنگ مرمر جي پٿر تي هيٺين عبارت لکيل آهي ته،
بسم الله الرحمٰن الرحيم
قام خادم الحرمين الشريفين
الملڪ فهد بن عبد العزيز آل سعود
بزيارة تفقدة لمشروع توسعة
و عمارة المسجد الحرام يوم 28/5/1411 هه
تقبل الله منه و اجزل له الاجر.
يعني ته، جمادي الاول جي اٺاويهين تاريخ مسجد الحرام جي تعمير ۽ توسيع واري منصوبي جي ديدار لاءِ شاهه فهد حاضر ٿيو. الله تعاليٰ سندس محنت ۽ ڪوشش قبول فرمائي ۽ کيس اڻ کٽ اجر نصيب فرمائي.
موجوده توسيع کان اڳوڻي سعودي توسيع جي ماپ هڪ لک ٻاونجاهه هزار چورس ميٽر هئي، جنهن ۾ ٽي لک چاليهه هزار نمازين لاءِ گنجائش هئي.
مسجد الحرام جي عمارت تهه خانه (انڊر گرائونڊ) سميت چار ماڙ آهي جڏهن ته ان جي ڇت به اڏيل عمارت جيتري ڪشادي آهي جيڪا حج جي موقعي تي نمازين ۽ طواف ڪرڻ وارن لاءِ ڪافي آساني پيدا ڪري ٿي. اسان جو اندازو آهي ته، سال بسال حاجين جي وڌندڙ تعداد لاءِ شايد اڳتي هلي اها به ناڪافي ٿي پئي. پر پوءِ به في الحال حجاج لاءِ ڏاڍي سهولت آهي. اهڙي طرح صفا ۽ مروه جي وچ واري جاءِ (مَسعيٰ: ڊوڙڻ جي جاءِ) جيڪا ٽي هزار نو سو پنجيتاليهه ميٽر ڊگهي ۽ ويهه ميٽر ويڪري آهي سابه ٻه ٽي ماڙ آهي جتي هاڻي حاجين لاءِ آساني ٿي پئي آهي جيڪڏهن هيٺ رش آهي ته مٿي وڃي ڊوڙجي ماڻهو ان جي ڇت تي به سعي (ڊوڙڻ) وارو رڪن پورو ڪن ٿا.
جماعت قائم ٿيڻ وقت صفا ۽ مروه وچ ۾ حاجي سڳورا نماز به ادا ڪن ٿا ۽ باقي وقت ۾ سعي ڪن ٿا.
مسجد الحرام کي مينهن پاڻي وقت سيلاب کان بچائڻ لاءِ هڪ خاص ڊرينيج (پاڻي نيڪال لاءِ ننڍي نالي) به ٺاهي وئي آهي جيڪا شارع قشاشيه جي ڏکڻ طرف کان ٿيندي زمين جي اندران صفا پهاڙي ۽ شارع جديد تائين هيٺ هلي وڃي ٿي. انهي ننڍي نالي جي ويڪر پنج ميٽر ۽ زمين جي سطح کان اوچائي چار ۽ 6 ميٽر جي درميان آهي. اڳي سيلاب جو پاڻي ڪڏهن صفا ۽ مروه وچان ته ڪڏهن مسجد الحرام ۾ اچي ڪڙڪندو هو ۽ پوءِ حاجين لاءِ ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي پر انهي نالي ڪڍڻ سان برسات يا سيلاب وغيره جي پاڻي جو نيڪال ٿي پيو آهي هاڻي اها تڪليف هميشه لاءِ دور ٿي وئي.
اسان جي هڪ دوست محترم حاجي محمد ابراهيم لاشاري صاحب جو چوڻ آهي ته، “منهنجي ڳڻپ مطابق مسجد الحرام/حرم شريف جا ڪل 97 دروازا آهن”. حالانڪه اسان دروازن جي ڳڻپ ڪئي ته 92 دروازا هئا جن کي سرڪار نمبر لڳائي هر دروازي تي نمبر واري پليٽ به هڻي ڇڏي آهي. پر حاجي ابراهيم صاحب وڌيڪ ٻڌايو ته، ڪي ڳجها ۽ ننڍا دروازا به آهن جن کي ڪو به نمبر نه ڏنو ويو آهي انهي ڪري اهي به ڳڻپ ۾ اچڻ گهرجن. انهن دروازن مان چار دروازا مين گيٽ (صدر دروازن) جي حيثيت رکن ٿا. يعني باب عبد العزيز، باب فهد، باب عمره، باب فتح جن مان هر هڪ دروازي جي ٻنهي پاسن ٻه وڏا منارا آهن. ان کان سواءِ باب صفا تي به هڪ منارو آهي.
اهڙي طرح مسجد الحرام جي ٽوٽل منارن جو تعداد 9 (نو) آهي هر هڪ مناري جي اوچائي 92 ميٽر (276 فوٽ) ۽ بنياد 7x7 (ست باءِ ست) ميٽر (21x21 ايڪيهه باءِ ايڪيهه فوٽ) ويڪر آهي. هر هڪ مناري جي مٿان پنج ميٽر (15 فوٽ) ۽ سٺ سينٽي ميٽر ڊگهي پائپ ذريعي هڪ چنڊ کڙو ڪيل آهي. اهو چنڊ خالص سون سان پالش ڪيل ٽامي جو ٺهيل آهي. مٿي ذڪر ڪيل وڏن دروازن جي ڀر ۾ پاڻي جون ٻه ٻه سبيلون آهن جن ۾ زمزم جي کوهه مان سڌو سنئون پاڻي پائپ ذريعي آندو وڃي ٿو، اهڙيطرح زمزم جي کوهه تي ماڻهن جي رش به گهٽجي وڃي ٿي.
حرم شريف جي جمله انتظامي معاملن جي ذميداري چند ادارن جي حوالي آهي، اسان انهن ادارن جون آفيسون گهمي ڦري روبرو وڃي ڏٺيون سين ۽ انهن ادارن جي ڪار ڪردگي نوٽ ڪئي سون جيڪا هتي پڙهندڙن آڏو پيش ڪريون ٿا.
1. ادارة الصالات بالمسجد الحرام (مسجد الحرام جي ايوانن/ گيلرين جي نگراني ڪندڙ ادارو.)
2. اداره التطويف (طواف ڪرائيندڙن بابت ادارو)
3. مڪتب التدريس بالمسجد الحرام (مسجد الحرام ۾ تعليم ڏيندڙن جي آفيس.)
4. مڪتب دوريات مراقبة التدريس بالمسجد الحرام. (مسجد الحرام ۾ تعليمي/ تدريسي سرگرمين جي گشتي نگراني ڪندڙن جي آفيس) اهي چارئي ادارا/ آفيسون باب عبد العزيز گيٽ نمبر 1 جي اندر کٻي ۽ سڄي پاسي آهن.
5. مڪتب الطواري (ايمرجنسي آفيس) اها آفيس ڪنهن به هنگامي حالت ۾ طبي امداد ۽ فرسٽ ايڊ جي سهولت لاءِ آهي اهڙيون ڪل 5 آفيسون حرم شريف لاءِ مخصوص آهن. جن مان اها هڪ آفيس باب اجياد گيٽ نمبر 5 جي اندرئين ساڄي پاسي آهي، جڏهن ته ساڳي نالي ۽خدمت لاءِ پنجون نمبر ايمرجنسي آفيس باب القراه گيٽ نمبر 43 وٽ آهي. انهي 43 گيٽ واري ايمرجنسي آفيس جي ٻاهران هڪ ايمبولينس به بيٺل نظر ايندي آهي.
6. اداره العربات والشباري. (صفائي وغيره ۾ ڪم ايندڙ هٿ گاڏن جو ادارو)
7. مڪتب اداره العربات والشباري. ( هٿ گاڏن جي اداري جي آفيس) حرم شريف جي اڱڻ/ صحن وغيره تي ڪريل ڪاغذ يا فروٽ جون کلون انهن گاڏن ۾ کڻي اڇلايون وڃن ٿيون. اهو هٿ گاڏن وارو ادارو ۽ سندس آفيس باب اسماعيل گيٽ نمبر 10 ۽ بابت الصفا گيٽ نمبر 11 جي وچ ۾ آهي.
8. مڪتب قائد قوة امن الحرم المڪي الشريف. (حرم مڪي امن فورس جي سربراهه جي آفيس) اها آفيس ابو قبيس چاڙهي گيٽ نمبر 12 (سُلم ابي قبيس باب رقم 12) وٽ آهي.
9. مڪتب المفقودات. (وڃايل شين جي آفيس) جن ماڻهن جون حرم شريف ۾ هلندي ڦرندي يا نماز دوران ڪي شيون وڃائجي ۽ گم ٿي وڃن ٿيون ته اهي انهي دفتر ۾ اچي معلوم ڪن ٿا. مذڪوره اداري جو هي ڪم آهي ته انهي اداري جا ماڻهو حرم شريف ۾ اندر يا ٻاهر اڱڻ تي ڪابه پيل شي جهڙوڪ: گهڙي، ٻٽون، بيگ، پاسپورٽ، شناختي ڪارڊ، پَرس، هٿ وارو ٿيلهو وغيره کڻي انهي دفتر ۾ جمع ڪرائيندا آهن. جيڪڏهن انهي شي مٿان ڌڻيء جو نالو پتو ۽ ملڪ جو نالو لکيل هوندو آهي ته انهي سموري تفصيل کي لسٽ ۾شامل ڪيو ويندو آهي. اهڙي لسٽ ٺاهي ڀر ۾ ديوار تي ٽنگي ويندي آهي ته جيئن وڃايل شي جو ڌڻي پنهنجو نالو پڙهي پنهنجي شي آفيس وٽان حاصل ڪري. گهڻو ڪري هلڪيون شيون هڪ وڏي کليل کوکي ۾ آفيس جي سامهون پٽ تي پيل نظر اينديون پر قيمتي يا وزني شيون آفيس ۾ رکيون وڃن ٿيون. اڪثر ڪري ڏسبو ته لسٽ پڙهڻ وارا ڪيترا ماڻهو پنهنجي نالي جي ڳولا ۾ هوندا آهن. پوءِ جنهن ماڻهو جو نالو لسٽ ۾ هوندو آهي ته اهو پنهنجي شي نالو ۽ پار پتا ٻڌائي لسٽ جوحوالو ڏيئي وٺي ويندو آهي اهڙي ماڻهو جو نالو ايندڙ لسٽ مان خارج ڪيو وڃي ٿو.
10. الاطفال التائهين(ڀٽڪي ويل ٻارن جو دفتر) جيڪي ٻار حرم ۾هلندي ڦرندي مائٽن/ وارثن کان وڇڙي اڪيلا پيا ڀٽڪندا آهن، هي ادارو اهي ٻار هٿ ڪري ٿو. پوءِ ٻارن جا مائٽ هن دفتر ۾ شڪايت ڪن ٿا ته سندس ٻار گم ٿي ويو آهي ۽ اهو ٻار دفتر ۾ موجود نه آهي ته دفتر جا ملازم ٻڌايل پار پتن تي ٻار جي تلاش ڪن ٿا ۽ ڳولي هٿ ڪري ڌڻين تائين پهچائين ٿا.
11. الاستعلامات (معلومات وٺڻ جي آفيس) انهي آفيس مان هر قسم جي معلومات وٺي سگهجي ٿي.
اهي ٽيئي آفيسون ارقم الڪيٽرانڪ چاڙهي (سُلم الارقم الڪهربائي) واري گيٽ نمبر14 ۽ ابو قبيس اليڪٽرانڪ چاڙهي (سُلم ابي قبيس الڪهربائي) واري گيٽ نمبر 13 جي وچ ۾ آهن.
12. جماعت تحفيظ القرآن الڪريم بمڪت المڪرمت تحت اشراف وزارت الشئوون الاسلاميت والدعوت والارشاد اُسست 1382هه.
يعني ته، سعودي جي مذهبي معاملن واري وزارت جي نگراني هيٺ مڪي شريف ۾ سن 1382هه ڌاري قرآن شريف ياد ڪرائڻ واري جماعت جو بنياد رکيو ويو. انهي عبارت وارو سنگ مرمر جو پٿر ابو قبيس اليڪٽرانڪ آٽو ميٽڪ چاڙهي گيٽ نمبر 14 جي ڀر واري ديوار تي لڳل آهي. انهي پٿر جي عبارت ٻڌائي ٿي ته، حرم ڪعبه ۾ قرآن شريف جي حفظ وارو مدرسو وزارت مذهبي امور جي نگراني ۾ هلندڙ آهي، مدرسه جي استادن جا پگهار ۽ ٻيا الائونس توڙي داخلا ۽ امتحان وغيره سڀ مرڪزي وزارت جي ايڊيوڪيشن رول مطابق آهن.
13. مرڪز : مرڪز الدفاع المدني بالمروت. (مروه ۾ شهري بچا وارو مرڪز) اها آفيس صفا کان مروه جي ڇيهه تي ٻاهران آهي جتي اڪثر ڪري هڪ فائر برگيڊ جي ڳاڙهي گاڏي تيار ٿي بيٺي هوندي آهي.
14. مدخل المعاقين. (حرم ۾ معذورن جي داخل ٿيڻ جي جاءِ)
اها جاءِ خاص محتاجن، معذورن، لولهن، لنگڙن ۽ اپاهجن جي داخل ٿيڻ لاءِ آهي، هن ڪري ته اهي معذور گهڻو ڪري ريڙهن (ويل چيئر) تي ايندا آهن انهي ڪري انهن لاءِ الڳ رستو مقرر ڪيو ويوآهي. اها جاءِ باب القرئت گيٽ نمبر 43 جي ڀرسان آهي جتي مڪتب الطواري به آهي.
15. مڪتب اداره الشوون المصاحف (قرآن شريف بابت اداري جي آفيس) انهي اداري طرفان حاجين کي قرآن شريف جا نسخا ڏنا وڃن ٿا. جن ۾ شاهه فهد قرآن اڪيڊمي پاران ترجمي وارا قرآن شريف ۽ مختلف ٻولين ۾ تفسير به ڏنا ويندا آهن. مذڪوره اداري جو اصول آهي ته، قرآن شريف وٺڻ لاءِ هر هڪ حاجي پنهنجو معلم ڪارڊ پيش ڪري قرآن شريف جو گهربل نسخو حاصل ڪري. انهي اداري جي آفيس باب الفتح گيٽ نمبر 45 جي اندرئين کٻي پاسي آهي.
16. مڪتب اداره الابواب (دروازن تي نگهباني ڪندڙ اداري جي آفيس) اها آفيس به ساڳي باب الفتح جي اندرئين سڄي پاسي آهي. مذڪوره اداري پاران هي ذميداري آهي ته سندس مقرر ڪيل ماڻهو دروازن مان اندر داخل ٿيندڙ ۽ ٻاهر نڪرندڙ ماڻهن جي جانچ ڪري اهو عملو گهڻو ڪري خاڪي وردي ۾ هوندو آهي. انهي اداري پاران هر گيٽ تي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مقرر هوندي آهي، مرد لاءِ ڪرسي نه هوندي آهي بلڪه هو بيهي ڊيوٽي ڪندو آهي البت عورت لاءِ ڪرسي هوندي آهي ۽ اها عورت وڏي ڪاري برقعي ۾ ملبوس نظر ايندي. سندس اکيون برقعي جي منهن واري ڄاريء مان ظاهر پيون ڏسبيون، جيڪي هر هڪ کي گهوري پيون جانچينديون. هٿن تي ڪارا جوراب چڙهيل ۽ پيرن ۾ ڪارو بوٽ پاتل هوندو اٿس. ڊيوٽي ڪندڙ مرد، مردن جي سامان جي چڪاس ڪندو آهي ته ڊيوٽي ڪندڙ عورت نماز لاءِ ايندڙ عورتن جي هٿن ۾ ٿيلهي، پرس ۽ ٻئي سامان جي جانچ ڪندي آهي. رش جو فائدو وٺي جيڪڏهن ڪا عورت گهت هڻي يا تڪڙ ڪري اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش به ڪندي آهي ته، اها ڊيوٽي ڪندڙ عورت نهايت ڦڙتي سان ان جو اڳ جهلي کيس روڪي سندس سامان ذرو پرزو چيڪ ڪندي آهي. اتفاق سان جيڪڏهن ڪنهن وٽ اخبار، فوٽو، ڪيمرا وغيره هوندي آهي ته اها ان کان ڦري گيٽ وٽ ئي رکي ويندي آهي پوءِ جڏهن واپس ٿيندو آهي ته گهرڻ تي کيس موٽائي ڏني وڃي ٿي. واپسي تي اچڻ کانپوءِ جيڪڏهن ڀُل ۾ اها شي ڪو ٻيو ماڻهو کڻي ويو ته گيٽ ڪيپرن (دربانن) جي ڪابه ذميداري ناهي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو وٽ فقط چپل/ جوتي هوندي آهي ته اها چيڪ نه ٿيندي آهي ڇو ته، انهي جي اندر کڻي وڃڻ جي اجازت هوندي آهي.
17. مراقبي مشروع مجموعه بن لادن السعوديت النظافت والسقايت و خدمات المسجد الحرام. (يعني ته، سعوديه جي بن لادن گروپ جي صفائي، پاڻي پهچائڻ ۽ مسجد الحرام جي خدمتن بابت منصوبن جي نگراني ڪندڙن جي آفيس) بن لادن گروپ سعوديه جي سرڪار طرفان منظور ٿيل وڏي ۾ وڏو ٺيڪيدار گروپ آهي، جيڪو سرڪاري تعميرات ۽ ٻين ترقياتي ڪمن جا ٺيڪا کڻي ٿو. انهي گروپ جي مالڪ جو نالو محروس محمد بن لادن و اولاده آهي. جڏهن ته انهي گروپ کان علاوه دَله گروپ به آهي جيڪو ٻئي نمبر تي وڏو ٺيڪيدار گروپ آهي.
مذڪوره بن لادن گروپ جي آفيس باب الفتح گيٽ نمبر 45 جي اندرئين پاسي آهي. بن لادن گروپ جي ٺيڪي ۾ حرم شريف جي صفائي جو انتظام ۽ زمزم جي پاڻي جي فراهمي ۽ ڪجهه ٻيون خدمتون آهن. اهڙي طرح مذڪوره گروپ جي هٿ ۾ ٽي شعبا آهن، انهي ڪري هر هڪ شعبي جي وردي به خاص آهي جيڪو پاڻي جو عملو آهي تنهن جي سائي رنگ جي وردي هنڪري ته پاڻي سان ساوڪ، آبادي خوشحالي ۽ جياپو حاصل ٿئي ٿو انهي ڪري وردي جو رنگ به شايد انهي لحاظ کان سائو مقرر ڪيو ويو آهي صفائي واري عملي جي وردي بلو رنگ جي هوندي آهي، اهڙي طرح ٻين ڪمن جي ڪارڪنن/ نگرانن جي الڳ رنگ واري وردي آهي. هر هڪ جي ڊريس تي پٺيان شعبي جو نالو ۽ عهدو ڇپيل هوندو آهي. جيڪو عام ورڪر هوندو آهي تنهن کي “عامل”، ته وري ان جي نگران سپروائزر کي “مراقب” لکيل هوندو آهي. منهنجي اهڙن ئي ٻن ٽن ماڻهن سان ملاقات ٿي هئي جن مان هڪ “عامل” هو جنهن جو وردي نمبر 8113 هو، جڏهن ته ٻه “مراقب” (سپروائزر) هئا جن مان هڪ جو وردي نمبر 8671 هو ته ٻئي جو 8657 هو جيئن ته انهن جا نالا ياد نه رهيا آهن البت انهن جا وردي نمبر ڊائري تي نوٽ ڪري ڇڏيا هئم جيڪي هتي حوالي طور لکيا اٿم.
18. هيئت الامر بالمعروف والنهي عن المنڪر (نيڪي ڪرڻ ۽ برائي کان روڪڻ وارو شعبو) ائين کڻي چئجي ته، امر بالمعروف جي نالي سان اهو هڪ شرعي پوليس کاتو آهي. جنهن جي سربراهي علما سعوديه جي بورڊ جي هٿ ۾ آهي. اها شرعي پوليس گهڻوڪري حرم شريف ۽ ان جي آسپاس گشت ڪندي رهي ٿي. جڏهن ته سعوديه جي ٻين شهرن ۾ به اها شرعي پوليس ماڻهن جي نقل حرڪت تي ڪڙي نظر رکي ٿي ته جيئن ڪو غير شرعي ڪم نه ٿئي. حرم شريف جي اندر انهي شعبي جي هر هڪ ماڻهو جي هٿ ۾ گهڻو ڪري مصلو هوندو آهي جيڪو خصوصي طرح نمازن جي وقت مردن ۽ عورتن کي الڳ الڳ ڪري بيهارڻ جي سختي سان فرض ادائي ڪري ٿو. ان کانسواءِ ڪنهن به اڻوڻندڙ غير شرعي حرڪت ڪرڻ تي سخت نوٽيس وٺي ٿو. انهي شعبي جي ڪنهن به فرد جيڪڏهن ڪنهن کي پڪڙي ورتو ته، ان جي هٿان ڪنهن به صورت ۾ آزاد ٿيڻ جو امڪان ڪونهي. اهو شعبو سعوديه جي پوليس يا ٻين سڀني فورسن کان وڌيڪ سخت آهي. ڪعبت الله جو طواف هلندي جيڪي کيسا ڪٽيندڙ لليچا هوندا آهن تن کي به اهائي شرعي پوليس پڪڙي سخت سزا ڏيندي آهي. اسان اتي حرم شريف ۾ معتبر ۽ مڪي جي رهاڪو ماڻهن وٽان ٻڌو هو ته هن سال (1997ع ۾) اڍائي هزار لليچا طواف ڪندڙ حاجين جا کيسا ڪٽيندي گرفتار ڪيا ويا آهن.
مذڪوره شعبو ۽ سندس آفيس باب القدس گيٽ نمبر 55 جي اندرئين ساڄي پاسي ۽ باب المدينت گيٽ نمبر 56 جي اندرئين کاٻي پاسي آهي.
19. مڪتب المراقبات بالمسجد الحرام (مسجد الحرام جي اندر مختلف ڪمن جي نگرانن جي آفيس)
20. اداره الفُرش والاثاث ( حرم شريف ۾ گلم وڇائڻ ۽ مسجد الحرام جي سامان جي سار سنڀال لهڻ وارو ادارو)
21. اداره السقيا زمزم (زمزم جي پاڻي پيارڻ/ پهچائڻ وارو ادارو) اهي ٽيئي ادارا باب العمره گيٽ نمبر 62 جي اندرئين سڄي ۽ کٻي پاسي آهن.
اداره السقيا پاران حرم شريف ۾ زمزم جي واٽر ڪولرن تي ملازم مقرر ڪيل آهن جيڪي پاڻي پيارڻ جو ڪم ڪن ٿا. مسجد الحرام جي اندر ڪعبي شريف جي سامهون چوڌاري نظر ڪبي ته، زمزم جي ٿڌي پاڻي سان ڀريل واٽر ڪولرن جي قطار ڏسڻ ۾ ايندي جن تي پيئڻ لاءِ زنجير ۾ ٻڌل اسٽيل جا گلاس به رکيل آهن. پاڻيء تي مقرر ڪيل ملازم آب زمزم پيئڻ وارن حاجي سڳورن کي پيو ڏسندو آهي ته جيئن ڪوبه ماڻهو پاڻي اجايو زيان نه ڪري ڇو ته ڪي ماڻهو وري انهي پاڪ پاڻي کي وضو لاءِ به استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته اهو ملازم اهڙي ماڻهو کي روڪيندو آهي ۽ چوندو آهي ته، “زمزم جو پاڪ پاڻي پيئڻ لاءِ آهي وضو لاءِ ٻاهر وڃو”. انهي ملازم جي هي به ڊيوٽي آهي ته جيڪڏهن ڪو واٽر ڪولر خالي ٿي وڃي ته ان کي پاڻي سان ڀري فُل ڪري. انهن واٽر ڪولرن سان پائپ لائن فٽ ٿيل آهي جيڪا سڌي سنئين زمزم جي کوهه مان اچي ٿڌي ڪرڻ واري مشين ۾ پوي ٿي جتان نهايت ٿڌو پاڻي خود بخود واٽر ڪولرن ۾ اچي پوي ٿو. ان کانسواءِ مٿئين اداري جا ملازم، مسجد الحرام جي صفن وچ ۾ رکيل زمزم جا ڊم به جيڪڏهن خالي ٿي وڃن ٿا ته ڀريندا رهن ٿا. جنهن لاءِ کين هڪ اهڙي گاڏي ڏنل آهي جيڪا کليل ۽ پلين فرش باڊي واري آهي ۽ منجهس اهڙي انجڻ لڳل آهي جنهن جو هلڻ وقت آواز ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي. ملازم انهي گاڏي تي ڀريل ڊم کڻي اچن ٿا ۽ خالي ٿيل ڊم گاڏي تي رکي واپس کڻي وڃن ٿا. اسان جا دوست اها گاڏي ڏسي حسرت مان چوندا هئا ته، ڪاش! اسان وٽ اهڙي گاڏي هجي ها ته اسان به چڙهي انهي گاڏيء جو مزو وٺون ها. خالي ڊم ڀرڻ کانسواءِ جيڪڏهن ڊمن مان هيٺ پاڻي وهڻ جيڪري ترڪڻ ٿي پوندي ته به انهي ئي اداري جا ملازم فوراً اهو هاريل پاڻي صاف ڪري وٺندا آهن.
22. مڪتب الهيئت. اها آفيس امربالمعروف واري شعبي جي آهي جيڪا باب المدينت گيٽ نمبر 56 جي اندران کاٻي پاسي تي آهي.
23. “الرئاست العامت لشوون المسجد الحرام والمسجد النبوي”
General presidency for al-masjid-al-haram and
al-masjid-al-nabvi affairs
يعني ته مسجد الحرام (بيت الله شريف) ۽ مسجد نبوي جي معاملن بابت جنرل سربراهي آفيس، صفا کان مروه جي اختتام تي بلڪل سامهون روڊ جي لڳو لڳ هڪ وڏي بلڊنگ آهي جنهن جي مٿان مذڪوره عبارت وارو بورڊ لڳل آهي. انهي آفيس ۾ حرم مڪي ۽ حرم مدني جي سڀني معاملن بابت جنرل ڊائريڪٽر هوندو آهي جيڪو سڀني منصوبن ۽ ڪمن ڪارين جي سربراهي ڪري ٿو ائين کڻي سمجهو ته حرمين جا سڀئي انتظامي ادارا انهي آفيس جي ماتحت آهن.
24. صيانت مباني المسجد الحرام (يعني مسجد الحرام جي جاين ۽ اڏاوتن جي حفاظت ڪرڻ وارو کاتو) مذڪوره ادارو حرم شريف جي تعميرات ۽ ڀڳي ٽٽي ٺاهڻ ۽ تعمير شده جاين جڳهن جي سنڀال لاءِ آهي. انهي کاتي جي ملازمن جي وردي اڇي خاڪي رنگ واري آهي. انهي کاتي جي ملازمن کي گهربل سامان موجود ڪري ڏيڻ لاءِ هڪ ذيلي شعبو آهي جنهن جو نالو “التشغيل و الصيانت ” (پورهيو ڪرڻ ۽ سنڀالڻ) آهي.
25. قوي الامن الداخلي السعودي (سعودي جي اندر امن قائم رکندڙ سگهارو کاتو) اهو هڪ سخت گير کاتو آهي جنهن جي ڪارڪردگي ۽ عمل دخل پوليس وارو آهي، انهي کاتي جي هر عملدار جو لباس ڳوڙهو خاڪي آهي ۽ وردي جي ڪلهي تي هڪ بيج لڳل هوندو آهي جنهن ۾ کاتي جو نالو لکيل هوندو آهي. انهي کاتي جي ننڍي وڏي عملدار کي وائرليس سيٽ مليل آهي، جيڪو حرم شريف ۾ هلندي ڦرندي امن امان جي صورتحال بابت بالا آفيسر کي واقف ڪندو رهي ٿو.
26. قوات الطواري الخاصت. (اسپيشل ايمرجنسي فورس) اهو هڪ ڪمانڊوز فورس آهي جيڪو اهم ضرورت وقت ڪم آندو وڃي ٿو. گهڻو ڪري چيلهه تي پلاسٽڪ جو ڪارو ڏنڊو وردي جي بيلٽ ۾ لڙڪيل اٿن. انهن جي وردي اسان جي پاڪستاني فوج جي وردي سان ملي جلي ٿي. آئون انهن ڏي اشارو ڪري دوستن کي چوندو هئس ته، “اهي اٿئو حرم جا چيتا شينهن”.
27. مشروع النظافت و خدمات المسجد الحرام. (صفائي ۽ مسجد الحرام جون خدمتون بجا آڻڻ وارو منصوبو) ڪعبت الله جي چوڌاري، مطاف ۽ مسجد الحرام جي اندرئين ۽ ٻاهرئين اڱڻ تي صفائي لاءِ خصوصي انتظامن ۾ هي ڳالهه شامل آهي ته، اڪثر ڪري ٽي وقت صبح، ٻپهر، شام ننڍڙا ٽريڪٽر هلن ٿا جن جي پوئين حصي ۾ ڦيٿن جي ليول تي فوم جو هڪ صافو لڳل آهي ۽ ٽريڪٽر جي اڳئين حصي ۾ صفائي لاءِ خوشبودار پوڊر ۽ جراثيم ماريندڙ ڪيميڪل ۽ پاڻي سان ڀريل هڪ ٽانڪي لڳل آهي، ٽريڪٽر ۾پوڊر گڏيل پاڻي هارڻ جو آٽو ميٽڪ سسٽم آهي، ٽريڪٽر هلندو ويندو ته ان جي اندر و اندر پاڻي فرش تي هاربو ويندو ۽ ٽريڪٽر جي پوئين حصي ۾ لڳل فوم جو صافو ان هاريل پاڻي کي اهڙو ته صاف ۽ خشڪ ڪندو ويندو جو ڄڻ ڪنهن ماڻهو هتي پاڻي جو ڦڙو به نه هاريو هو. اهو صافو پنهنجي جاءِ تي ڦرندو نظر ايندو ۽ صفائي ڪرڻ سان گڏ هاريل پاڻي چُهي ڇڪي ويندو. گهڻو ڪري اهي ٽريڪٽر حرم جي ٻاهرئين اڱڻ تي آزادي سان گهمن ٿا البته حرم شريف جي اندر ڪعبي جي چوڌاري صفائي وارو عملو هٿ سان پوڊر وارو پاڻي هاري صفائي ڪري ٿو. ڇو ته ڪعبه شريف جي احترام جيڪري اتي ٽريڪٽر نه ٿا آڻين يا ته ماڻهن جي رش سبب ائين نه ٿا ڪن. انهن صفائي وارن ٽريڪٽرن تي مٿئين کاتي جو عربي نالو نمايان اکرن ۾لکيل هوندو آهي.
28. حافظو اعلي النظافت. (صفائي جو خيال رکو)
حرم شريف ۾هلندي ڦرندي قدم قدم تي سائي ۽ ڳاڙهي رنگ جي پلاسٽڪ جا وڏا ڊم رکيل نظر ايندا، جن مان سائي رنگ واري ڊم ۾ فروٽ جون کلون، ڪاغذ پنو وغيره وڌا وڃن ٿا جڏهن ته ڳاڙهي رنگ واري ڊم کي ٿُڪڻ/ پاڻي هارڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. سائي ڊم تي “حافظوا علي النظافت” لکيل هوندو آهي ۽ ڳاڙهي ڊم تي “الدورات” (پاڻي جي استعمال لاءِ) لکيل هوندو آهي. انهي ڳاڙهي ڊم کي هٿ ڌوئڻ يا ڪپڙو وغيره ڌوئي نپوڙڻ، گرڙي ڪرڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي.
29. حرم شريف جي باب اجياد گيٽ نمبر 5 جي اندرئين کاٻي پاسي هڪ محراب نما چاڙهي رکيل آهي جنهن تي چڙهي ڪعبي ۾ اندر داخل ٿبو آهي اها چاڙهي اهڙي نمونه ٺاهي وئي آهي جو ڄڻ هڪ وڏي محراب جي وچ ۾ ڪا ٺهيل ٺڪيل چاڙهي فٽ ڪئي وئي هجي. سموري چاڙهي کي اندران ۽ ٻاهران اڇو فارميڪا لڳل نظر آيو. انهي محراب نما چاڙهيء ڀرسان هڪ منبر به رکيل آهي جيڪو جمع جي ڏينهن اتان کڻي ڪعبي جي ڀر ۾ مقام ابراهيم وٽ آڻي رکيو وڃي ٿو.
30. مسجد الحرام جي چوڌاري ٻاهرئين اڱڻ تي وڏا لوهي ٿنڀا کتل آهن، جن جي چوٽي تي تيز روشني واريون ڏهه ڏهه سرچ لائيٽون لڳل هونديون آهن. انهن جي ٻرڻ سان اڱڻ تي اهڙي ته روشني ٿئي ٿي جو فرش تي ڪريل وار به نظر پيو ايندو. انهن ڊگهن ٿنڀن مان هر هڪ تي (Holy Mosque) H.M ۽ ان سان گڏ ٿنڀي جو نمبر لکيل هوندو آهي. اهڙا ٿنڀا اٽڪل 15 کن آهن.
31. مسجد الحرام جي باب عبد العزيز گيٽ نمبر 1 جي مينار لڳ اولهه طرف اڱڻ تي هڪ بند ٿيل حوض وانگر اڏاوت نظر ايندي ويجهو وڃي ڏسبو ته، اهو حوض گول آهي جنهن جي ڇت هيٺ لڳو لڳ لوهي ڄاري ۽ ان جي مٿان سيمنٽ جا وڏا ٿلها گاڊر رکي اهو حوض بند ڪيو ويو آهي. اهڙا حوض ڪل 6 ست آهن جيڪي انهي مناره واري حوض جي لڳ سڌائي ۾ اولهه طرف آهن. حالانڪه اهي حوض ناهن بلڪه اصل ۾ انهن هيٺان سرنگهه ٺاهي وڏو مين روڊ پار ڪيو ويو آهي.
32. باب عبد العزيز کان ڏکڻ ۽ اولهه طرف ٻه چوکنڊيون نظر اينديون جيڪي لوهي ڄاري ۽ وچ وچ ۾ سيمنٽ جي ٿنڀن مٿان سنگ مرمر سان ٺهيل آهن انهن مان هڪ چوکنڊي تي پري کان هڪ بورڊ لڳل نظر اچي رهيو آهي ته، “دوره مياه للنساءِ”
ان جي هيٺان انگريزيء ۾ Womens toilets يعني ته عورتن لاءِ باٿ روم. انهي کان ڪجهه فاصلي تي اولهه طرف ٻي چوکنڊي تي لکيل آهي ته، “دوره مياه للرجال” يعني ته مردن لاءِ باٿ روم. اهي ٻئي باٿ روم انڊر گرائونڊ يعني زير زمين تهه خانه ۾هجڻ جي باوجود ٻن طبقن وارا آهن. جيڪڏهن پهرئين تهه خانه واري باٿ روم ۾ ماڻهن جي رش هجي ته، وري ان کان به هيٺ چاڙهي ذريعي لهي وڃو ته ٻيو نمبر باٿ روم نظر ايندو جنهن ۾ وضو، غسل ۽ ليٽرين وغيره جون سموريون ضرورتون پوريون ڪري آرام سان فارغ ٿي وري اچي خدا جي درٻار ۾ حاضر ٿيو.
33. باب عبد العزيز جي ويجهو سر ڏکڻ طرف هڪ بورڊ نظر ايندو جنهن تي لکيل آهي ته،
مواقف حافلات (يعني بسن جي بيهڻ جون جايون.) ويجهو وڃي ڏسبو ته، انهي بس اسٽاپ واري بورڊ سان لڳ ڏکڻ طرف هڪ لوهي پل آهي جتان کان هيٺ اوڀر طرف چاڙهي وڃي ٿي. هيٺ لهي ڏسبوته، ڪافي بسون بيٺل نظر اينديون ۽ انهي بسن واري اسٽاپ کان لڳ اتر طرف مين روڊ ڏسبو. اهو سمورو بس اسٽاپ ۽ مين روڊ حرم شريف واري اڱڻ هيٺ تهه خانه ۾ آهي. سچ پچ ته ڏسندڙ کي اهو نظارو حيرت زده بنايو ڇڏي. انهي انڊر گرائونڊ بس اسٽاپ جي لڳو لڳ سرنگهه ۾ زنانه ۽ مردانه باٿ روم آهن. اسان اتي وڃي ڏٺو ته، ماڻهن جي رش تمام گهٽ هئي ماڻهو نه هئڻ برابر هئا. باقي مٿين باٿ رومن ۾ ته ڇڪي جان ڇڏائڻي پوي ٿي. هن سرنگهه واري باٿ روم ۾ تمام سڪون، اطمينان ۽ آرام سان وضو، غسل، ڪپڙا ڌوئڻ يا ليٽرين جي ضرورت پوري ڪري سگهجي ٿي. انهن باٿ رومن کان علاوه حرم جي اوڀر ۽ اتر ڪنڊ تي يعني جنهن ڪنڊ تي “مستشفيٰ اجياد العام” (اجياد جنرل اسپتال) آهي اتي مردن ۽ عورتن لاءِ وسيع پيمانه تي انتظام ٿيل آهي. سڀني باٿ رومن کان هي پهريون نمبر ڪشادو آهي. سَوَن جي تعداد ۾وضو خانه ۽ وهنجڻيون وغيره آهن. چون ٿا ته، مڪي جي ڪافرن جي سردار ابو جهل ۽ سندس جوڙيوالن جا گهر انهي جاءِ تي هئا جتي اڄ ڪاڪوس ٺهيا پيا آهن. قدرت جا عجيب رنگ آهن جو ڀلارن جاقدم گاهه ۽ رهائشي مڪان مسجد بڻيا پيا آهن ته بدڪارن جا ٺڪاڻا پليتي جي پالوٽ هيٺ آهن. انهن باٿ رومن ڏي هيٺ لهڻ لاءِ ٻه پيدل هلڻ واريون چاڙهيون ۽ ٻه بجلي تي هلندڙ آٽو ميٽڪ چاڙهيون آهن.
پيدل چاڙهين ۾ هڪ هيٺ لهڻ لاءِ ۽ ٻي مٿي نڪري ٻاهر اچڻ لاءِ، اهڙي طرح بجلي تي هلندڙ آٽوميٽڪ چاڙهي ۾ به اچڻ ۽ وڃڻ لاءِ ٻه ٻه چاڙهيون آهن ته جيئن ايندڙ ۽ ويندڙ ماڻهن لاءِ مڪمل آساني ٿئي. واقعي لکين ماڻهن جي رش جي باجود اڀرا، ڪمزور، پوڙها ۽ معذور ماڻهو به آساني سان باٿ روم مان اچن ۽ وڃن ٿا.
34. حرم شريف جي ٻاهرئين اڱڻ کان اولهه ڏکڻ ڪنڊ تي هينئر ٻه ٽي هيڊي رنگ جون ڪرينون (مشينون) ڪم ڪري رهيون آهن شايد هيٺ زمين ۾ تهه خانن ٺاهڻ لاءِ کوٽائي ڪري رهيون آهن. پري کان ڏسبو ته اهي ڪي ٽيليفون جا ٿنڀا يا ٽيليويزن جا بوسٽر آهن پر جانچي ڏسبو ته پوءِ خبر پوندي ته اهي ٿنڀا نه پر ڪرينون آهن جيڪي گهڙي هيڏانهن، گهڙي هوڏانهن ڦرنديون رهن ٿيون. ٿي سگهي ٿو ته، آئنده جي حرم واري توسيعي پروگرام جي اها به هڪ ڪڙي هجي يا حاجين سڳورن جي رهائش لاءِ ڪو نئون تعميراتي منصوبو هجي. والله اعلم.
35. مسجد الحرام جي سڀني شعبن جي ملازمن لاءِ سعودي سرڪار پاران هڪ رهائشگاهه آهي جنهن جي ڪابه چارج/ هائوس رينٽ وغيره ڪونهي. ان کانسواءِ انهن ملازمن لاءِ هڪ خاص هيلٿ سينٽر به آهي جتي سندن مفت علاج ڪيو وڃي ٿو. اتفاق سان جيڪڏهن ڪو ملازم وڌيڪ بيمار ٿي پوي ۽ کيس ڪنهن وڏي اسپتال ڏي وڃڻ جي ضرورت ٿئي ته به علاج مفت آهي. البت ملازمن کي کاڌي پيتي جو بندو بست پاڻ ڪرڻو پوي ٿو. ٻاهرين ملڪن جي ملازمن لاءِ سفر خرچ به سرڪار تي آهي. باقي ملازمن کان ڊيوٽي پوري ورتي وڃي ٿي انهي ۾ ڪوتاهي ڪندڙ کي معافي نه ملندي آهي. مسجد الحرام جي سڀني انتظامي شعبن کي پرائيويٽ ڪمپنين/ ٺيڪيدارن کي ٽن سالن لاءِ ٺيڪي ۾ ڏنو ويندو آهي جنهن کانپوءِ وري نئون معاهدو ٿيندو آهي ۽ ايندڙ اسڪيمن بابت نوان شرط ۽ ضابطا طئي ڪيا وڃن ٿا.
پرائيويٽ ڪمپنيون لوئر اسٽاف کي ٽمپريري (عارضي) طرح ڀرتي ڪن ٿيون. پوءِ جنهن جي ڪارڪردگي بهتر هوندي آهي ته ان کي پڪو ڪيو ويندو آهي باقي جنهن جي متعلق سپروائزرن جي رپورٽ سٺي نه هوندي آهي ته اهي ملازمت مان خارج ڪيا وڃن ٿا.
حرم شريف جي سڀني انتظامي شعبن جي ملازمن جو تعداد ڏهه پنڌرهن هزار آهي. جن مان هيٺين ملازمن جو ماهوار پگهار ٽي چار سو سعودي ريال هوندو آهي جڏهن ته لوئر اسٽاف جي پڪي ملازم جو پگهار ماهوار پنج 6 سو سعودي ريال تائين هوندو آهي.
حرم شريف جا انتظامي شعبا سنڀاليندڙ پرائيويٽ ڪمپنيون هتي جي سعودي باشندن جون آهن ٻاهرئين ماڻهو کي اهڙي اجازت ناهي. البت اهي ڪمپنيون ملازمت لاءِ ماڻهو ٻاهرين ملڪن مان گهرائي سگهن ٿيون. اڪثر ڪري غريب مسلمان ملڪن مان ملازمت لاءِ ماڻهو گهرايا وڃن ٿا، جن کي سعوديه جي ريٽ کان گهٽ پگهار ڏنو وڃي ٿو. جن ملڪن مان ملازمت لاءِ ماڻهو گهرايا وڃن ٿا، تن ۾ بنگلا ديش، پاڪستان، سريلنڪا ۽ فلپائن جا مسلمان، هندستان جا مسلمان، انڊونيشيا، برما، ملائيشيا وغيره شامل آهن. عرب ملڪن جا ماڻهو ٻهاري ڏيڻ، صفائي ڪرڻ، پٽيواليء جي پوسٽ تي ڪم ڪرڻ پنهنجي لاءِ عيب سمجهن ٿا انهي ڪري انهن ڪمن لاءِ بر صغير جا ماڻهو مقرر ڪيا وڃن ٿا. البت هنري ۽ ٽيڪنيڪل پوسٽن يا سٺين ملازمتن ۽ عهدن تي عرب خوشي سان ڪم ڪن ٿا.
ٻڌو اٿئون ته سعودي سرڪار جي آئنده جي تعميراتي پروگرام ۾ جبل نور تي غار حرا ۽ جبل ثور تي غار ثور جي زيارت لاءِ سهولت خاطر تعميرات شامل آهي.
36. باب الصفا جي ساڄي پاسي مطاف لڳ زمزم جو کوهه آهي. مطاف جي فرش تي زمزم واري کوهه جي جاءِ بلڪل پڌري آهي. اها جاءِ اُها آهي جنهن جاءِ تي ڪاري سنگ مرمر جو گول دائرو ٺاهي “زمزم” لکيو ويو آهي اها ئي کوهه واري اصل جاءِ آهي. اهو گول دائرو اصل ۾ کوهه جو ڍَڪ آهي جنهن کي ضرورت وقت کوليو وڃي ٿو. اهو زمزم وارو کوهه قدرت جو هڪ معجزو آهي جنهن جي پاڻي جي مقدار ۾ حضرت بي بي هاجره عليها السلام کان وٺي اڄ تائين سواءِ چند موقعن جي ڪابه کوٽ نه آئي آهي. فقط 223 هه ۽ 234 هه ۾ ٿوري گهٽتائي ٿي. ان کانسواءِ پاڻي جي سطح ڪڏهن به هيٺ نه لٿي. بلڪه بي شمار حاجين جي سيرابي جي باوجود به پاڻي ڏينهون ڏينهن وڌندو رهيو. ٻڌو اٿئون ته، جيترو پاڻي ڪڍيو وڃي ٿو اوترو ئي ان جي زمين مان نڪرڻ واري رفتار ۾ واڌارو اچي ٿو. هڪ اندازي مطابق حاجي سڳورا روزانه ڏهه هزار مڪعب ميٽر زمزم جي پاڻي جو استعمال ڪن ٿا، ڄڻڪ هر ڪلاڪ ۾765 مڪعب ميٽر پاڻي جو استعمال ٿئي ٿو. جديد مشيني اوزارن ذريعي زمزم جون جيتريون به ٽيسٽون ۽ تحقيقاتون ڪيون ويون آهن تن مان ثابت ٿيو آهي ته، زمزم جو پاڻي بلڪل صاف سٿرو ڪنهن به ملاوٽ کان پاڪ، پيئڻ جي لائق ۽ عالمي معيار مطابق آهي نه رڳو ايترو پر سالن تائين رکڻ جي باوجود ان ۾ حيات بخش جزا گهڻي مقدار ۾ موجود رهن ٿا.
ڪجهه وقت ٿيو آهي ته، اسلام دشمن قوتن پاران هي پروپيگنڊا ڪئي وئي ته، اهو پاڻي هزارين سال پراڻو هجڻ ڪري صحت لاءِ انتهائي نقصانڪار آهي. انهي پاڻي ۾ اهڙا جراثيم پيدا ٿي ويا آهن جيڪي خطرناڪ وائرس جو سبب بنجي سگهجن ٿا.جڏهن يورپي ميڊيا اها پروپيگنڊا زور شور سان هلائڻ شروع ڪئي ته شاهه فيصل مرحوم جديد سائنسي تحقيقاتي اوزارن ۽ مشينن ذريعي ٽيسٽ ڪرائي. جڏهن ته اهي سموريون ٽيسٽون به يورپ جي سائنسدانن جي ليبارٽرين ۾ ٿيون، جن مجبور ٿي پنهنجي ڪوڙي پروپيگنڊا جو اقرار ڪيو ۽ کلئي عام اظهار ڪيو ته، هن پاڻي ۾قدرتي طور تي اهڙي صلاحيت موجود آهي جو صدين تائين ڪنهن به جراثيم لڳڻ يا صحت لاءِ نقصانڪار هجڻ جو ڪوبه امڪان ڪونهي.
زمزم وارو کوهه هينئر تهه خانه ۾ آهي جنهن جي مٿان طواف هلي رهيو آهي. کوهه وارو اهو تهه خانه هڪ وڏي هال جي صورت ۾بهترين نمونه تعمير ڪيو ويو آهي. انهي وڏي هال جي وچان هڪ ديوار ڏيئي هڪ پاسو مردن جي پاڻي پيئڻ لاءِ ٻيو پاسو عورتن لاءِ آهي. جيڪڏهن انهي تهه خانه جي هال ۾ اندر لهي ڏسبو ته، کوهه گولائي واري مضبوط شيشي ۾ بند نظر ايندو جنهن ۾ ڪيترائي پائپ لڳل هوندا جيڪي کوهه مان پاڻي ڇڪي رهيا آهن. کوهه واري اها اصل جاءِ حجر اسود کان 18 ميٽر (54 فوٽ) جي فاصلي تي آهي.
هاڻي اسان سلسليوار روزانه جي ڊائري، اکين ڏٺا احوال مشاهدا ۽ منظر وغيره ذڪر ڪريون ٿا.