الحرم لائبريري ۾ عربن سان ڪچهري:
هڪ ڀيري حرم شريف جي تاريخ ۽ مقامات مقدسه بابت گهربل ڪتابن جو ڍير ميز تي رکي نوٽ پئي ڪيم ته منهنجي ٽيبل کان ٻه ٽي ميزون ڇڏي ڪجهه فاصلي تي هڪ عرب شيخ ڪو تحقيقي ڪم ڪري رهيو هو. آڏي اک سان ڏٺم ته، اهو عرب شيخ گهڙي گهڙي مون ڏي نهاري رهيو هو.
سوچيم ته شايد ڪجهه ڳالهائڻ چاهي ٿو. انهي ڪري مون لکڻ جو ڪم روڪي انهي عرب شيخ ڏي مڙي نظر ڪئي ته، السلام عليڪم و رحمت الله چئي ڪرسي تان اٿيو ته آئون به ڪرسي ڇڏي ساڻس ملڻ لاءِ ٻه وکون وڌائي ويجهو ٿيس. ڀاڪر پائي ملياسين. پڇڻ لڳو ته توهان جي قوميت ڇا آهي؟ چيم ته، آئون سنڌي پاڪستاني آهيان. تنهن تي حيرت مان پڇيائين ته سنڌي پاڪستاني؟
عام طور پاڪستان جا باشندا فقط پاڪستاني سڏائن ٿا! مون چيو ته، اهي سنڌ جا اصلي رهاڪو نه هوندا. پاڪستاني پيدائش هوندا. انهي ڪري پاڪستاني سڏائن ٿا.
پنهنجي جواب جي وڌيڪ وضاحت ڪندي چيم ته، شيخ صاحب! توهان منهنجي وراڻي تي عجب پيا ڪريو!! ڇا توهان سنڌ ملڪ ۽ سنڌ واسين جي باري ۾ نه پڙهيو آهي؟ سنڌي عالمن، مفسرن ۽ محدثن فقيهن جي ديني علوم ۾ تصنيفي، تحقيقي ۽ تدريسي خدمتن کان ته پوري اسلامي دنيا واقف آهي! ! سنڌ جي عالمن جهڙوڪ :مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم ابوالحسن ٺٽوي ۽ ٻين جون تصنيفون ته مصر جي بين الاقوامي يونيورسٽي جامعت الازهر وٽ به مڃيل آهن. خود توهان سعودي باشندن تي به هڪ سنڌي قبيلي چاچڙ جي مخدوم شيخ محمد حيات (محدث) سنڌي جا ٿورا آهن، جو هُن سندس شاگرد شيخ محمد بن عبد الوهاب کي شرڪ ۽ بدعت خلاف جهاد ڪرڻ لاءِ ترغيب ڏني هئي. جنهن کانپوءِ شيخ عبدالوهاب حجاز ۾ شرڪ ۽ بدعت جي پاڙ پٽڻ لاءِ مجاهدن جي هڪ جماعت ٺاهي جهاد ڪري شرڪ ۽ بدعت جا اڏا، مزارون مقبرا، درگاهون ۽ قبا وغيره ڊاهي، مجاورن ۽ پيري مريدي جي سلسلي کي ختم ڪيو.
انهي تحريڪ جي ڪاميابي تي سعود خاندان جي حڪومت قائم ٿي. عرب شيخ مڃڻ لڳو ته، واقعي سچ ٿو چوين.
چيو مانس ته، مون پنهنجي قوميت جي تعارف ۾ سنڌي پاڪستاني هن ڪري ٻڌايو هو ته، اسان جو خاندان هزارين سالن کان سنڌ ملڪ ۾ رهڻ ڪري سنڌي سڏجي ٿو. البت وقت جي ڦيرن سبب پنجاهه سالن کان اها آزاد سنڌ، عيسائي سامراج ۽ برطانوي انگريز جي بر صغير مان وڃڻ ۽ قبضو ڇڏڻ کانپوءِ هندستان جي ورهاڱي ٿيڻ تي پاڪستان جي نالي سان ٺاهيل رياست جو هڪ حصو (صوبو) بنيل آهي. انهي ڪري اسان پهرين سنڌي ۽ پوءِ پاڪستاني آهيون. تعليم ۽ ڌنڌي بابت پڇيائين ته ان بابت ٻڌائيندي کيس عرض ڪيم ته، سائين! پنهنجو به تعارف ڪرايو؟ جواب ۾ چيائين ته، آئون مڪي شريف جي يونيورسٽي جامعه ام القريٰ ۾ پروفيسر آهيان، هينئر يونيورسٽي جي عربڪ لينگوئج ڊپارٽمينٽ (شعبه عربي ادب) ۾ ڊائريڪٽر جي عهدي تي آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن اهم موضوع تي تحقيق ۽ مطالعه ڪرڻ خاطر هن لائبريري ۾ اچڻ ٿئي ٿو. پڇيائين ته ڪهڙو ڪم پيو ڪرين؟ چيم ته، حرم شريف ۽ مڪي شريف جي مقامات مقدسه بابت معلوماتي مواد پيو گڏ ڪريان، ته جيئن مجوزه سفرنامي لاءِ گهربل مواد جو پورائو ٿي سگهي. وڌيڪ پڇيائين ته، توهان اسڪول جي ڊيوٽي کانپوءِ ڇا ڪندا آهيو؟ وراڻيم ته، اهو ئي ڪتاب، ڪاغذ ۽ قلم. بس لکڻ پڙهڻ سان پاڻ کي وندرايو ويٺا آهيون توڙي جو نه ته لکڻ ڄاڻون نه ڪي پڙهڻ، پر پوءِ به مشغلو مڙئي اهو آهي. سواليه انداز ۾ چيم ته، اسان حج ادا ڪرڻ آيا هئاسون، سو ته خدا جي مهرباني سان ادا ٿيو، پر هتي (مڪي شريف ۾) ڪو اهڙو ماڻهو ڪونه ٿو ملي جنهن سان ڪا ادبي رهاڻ ڪري روح ريجهايون. تنهن تي انهي پروفيسر صاحب چيو ته، هن لائبريري جو انچارج لائبريرين بهترين اديب ۽ شاعر آهي. جيڪڏهن اوهان چاهيو ته، هلي ساڻس ڪجهه وقت ڪچهري ڪريون. مون هائوڪار ڪندي پروفيسر صاحب کي اصرار ڪيو ته، اوهان گڏ هلندا ته ڏاڍو بهتر ٿيندو. بس پوءِ اسان گڏجي سڌو انهي لائبريرين جي آفيس ڏي وياسين. لائبريرين وٽ ٻيا به ڪي عرب شيخ ويٺل هئا اهي ته پروفيسر کي سڃاڻندا هئا، پر آئون انهن لاءِ اوپرو ۽ اجنبي هئس. انهي ڪري پروفيسر انهن سان اڳواٽ منهنجو تعارف ڪرايو ته لائبريرين خوش مرحبا ڪري مون کي ويهڻ لاءِ چيو ۽ خادم کي کاڌي پيتي لاءِ ڪجهه آڻڻ جو اشارو ڪيو. جنهن ڪجهه بوتلون، بسڪيٽ ۽ قهوه (ڪافي) وغيره آڻي حاضر ڪيا. هر ڪنهن پنهنجي پسند مطابق کاڌو پيتو. فارغ ٿيڻ تي مون لائبريرين ڏانهن متوجه ٿي عرض ڪيو ته، مون کي پروفيسر صاحب ٻڌايو آهي ته، توهان جو ادب سان گهرو تعلق آهي. انهي نسبت سان توهان کي روشن خيال اديب سمجهي گهڙي کن تبادله خيال ڪرڻ خاطر توهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيا آهيون. هن شڪريه بجا آوري ڪندي چيو ته، پاڪستاني ماڻهو هن لائبريري ۾گهٽ ايندا آهن. چيم ته، شايد انهن جو ڪتابن ۽ لکڻ پڙهڻ سان تعلق نه هوندو. اهي فقط ڌنڌي واپار وارا هوندا. لائبريري ۾ اچڻ، ڪتاب مطالعه ڪرڻ کي وقت جو زيان سمجهندا هوندا. هتي لائبريري ۾ علم ادب ته حاصل ٿيندو پر مال ملڪيت پيسو ڏوڪڙ هٿ نه ايندو. باقي اسان ته بقول حضرت علي رضي الله عنه،
(1 ) رضينا قسمت الجبار فينا
لنا علم و للجهال مال
(2 ) فان المال يفنيٰ عن قريب،
و ان العلم باق لايزال.
(يعني ته: اسان خدا تعاليٰ جي ورهاست تي راضي آهيون، جو اسان کي علم نصيب ڪيائين ۽ جاهلن کي مال ملڪيت ڏنائين. مال ملڪيت اهڙي شئي آهي جا سگهو ئي کاڄي کپي فنا ٿي ويندي پر علم هميشه باقي رهڻ واري شئي آهي.)
هن ڪري ته، اهو علم خدا جي صفت آهي، جيئن خدا جي ذات هميشه زنده قائم رهندي، تيئن اهو علم به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ قائم رهندو. باقي مال ته، خدا جي صفت ڪانهي. اها ته ايندڙ ويندڙ شئي آهي. لائبريرين سنجيدگي سان ٻڌندو رهيو. ڪچهري دوران ڪجهه ڳالهيون علم، ادب، تعليمي نصاب وغيره بابت به ٿيون.
مون لائبريرين کان اجازت گهري ته، اسان آزاد ذهن جا ماڻهو آهيون، جيڪڏهن ڪچهري ۾ گفتگو هلندي مون کان ڪا اهڙي ڳالهه ٿئي جيڪا توهان جي رنجش جو ڪارڻ بنجي ته، مون کي معاف ڪجو ۽ در گذر ڪجو. لائبريرين کلندي چيو ته، اسان جي دل ڪشادي آهي، اسان تنگ نظر ناهيون، توهان کلي طرح ڪابه ڳالهه چئي يا پڇي سگهو ٿا. عرض ڪيم ته، سعودي حڪومت کي اسلامي حڪومت سڏيو وڃي ٿو. حالانڪ انهي کي مسلمانن جي حڪومت چئي سگهجي ٿو، مگر اسلامي حڪومت نه ٿو چئي سگهجي! تنهن تي لائبريرين ڪجهه برهمي (ناراضگي) جو اظهار ڪندي چوڻ لڳو ته،“تنهنجي چوڻ جو مطلب ڇا آهي؟” چيم ته، توهان قرآن شريف پڙهيو آهي؟ وراڻيائين ته قرآن شريف اسان کي بر زبان ياد آهي. مون چيو ته قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ لڳ ڀڳ ستٽيهه (37) يا پنجٽيهه سورتن ۾ مختلف جاين تي جليل القدر پيغمبر حضرت موسيٰ عليه السلام جو ذڪر ڪٿي تفصيل ۽ ڪٿي مختصر بيان ڪيو آهي. حضرت موسيٰ جي قصي ۾ ايندو آهي ته، حضرت موسيٰ ٽن طاغوتي طاقتن سان مقابلو ڪيو. اهي ٽيئي طاقتون انسانيت کي غلام بنائي انهي جي جمله حقن جو استحصال ڪن ٿيون. اهي ٽي طاقتون شهنشاهيت، سرمائيداري ۽ جاگيرداري آهن، جن جو قرآن شريف فرعون، هامان ۽ قارون جي نالن سان تعارف ڪرائي ٿو. موسيٰ عليه السلام پنهنجي قوم بني اسرائيل کي متحد ڪري چاليهه سالن تائين صبر ۽ ثابت قدمي سان مقابلو ڪندو رهيو. انهي وچ ۾ اهي طاغوتي طاقتون موسيٰ عليه السلام جي قوم جي معصومن کان وٺي نوجوانن تائين قتلام ڪنديون رهيون. ڏاڍن هٿان ڪمزورن جو ڪوس هلندو رهيو. حضرت موسيٰ پنهنجي قوم کي همت ۽ حوصله جي تلقين ڪندو، توڪل بر خدا جي تاڪيد ۽ ڪاميابي جون خوشخبريون ڏيندو شيطاني قوتن سان جهاد جاري رکندو آيو. بي سرو ساماني غربت ۽ ڪسمپرسي واري حالت جي باوجود خدائي مدد سان حضرت موسيٰ عليه السلام جي فتح ٿي ۽ شهنشاهيت، سرمائيداري ۽ جاگيرداري هميشه لاءِ غرق ٿي تباهه ٿي و يون. 6 لک سٺ هزار ڪمزور بني اسرائيل جي جماعت کي، ٻارهن لک مسلح جابرن ۽ ڏاڍن جي جماعت تي سوڀ حاصل ٿي.
موسيٰ عليه السلام جي انهي قصي بيان ڪرڻ سان اشارتاً الله تعاليٰ حضور اڪرمﷺ کي تسلي ڏيڻ گهري ٿو ته، پيارا پيغمبر ﷺ تنهنجو مقابلو به ٽن طاغوتي طاقتن سان آهي. مڪي جا قريش سرمائيدار، مديني جا يهودي جاگيردار، روم ۽ فارس جون شهنشاهيتون تنهنجي مقابلي ۾ برسر پيڪار آهن. جيئن حضرت موسيٰ عليه السلام جي انهن شيطاني قوتن جي مقابلي ۾ فتح ۽ ڪاميابي ٿي هئي، تيئن تنهنجي به فتح ٿيندي. تون غمگين نه ٿي، پر صبر ۽ ثابت قدمي سان، حوصلي ۽ حڪمت عملي سان مقابلو ڪندو رهه. يقيناً توکي سوڀ ٿيندي. مون الله جي غيبي مدد توسان شامل آهي. وحي جي ذريعي پيغمبر ڪريم ﷺ کي اهڙيون خوشخبريون ملنديون رهيون مثال طور: انا فتحنا لڪ فتحاً مبينا. اسان توکي پڌري سوڀ عطا ڪري، تنهنجي مقدر ۾ فتح لکي ڇڏي آهي. انا اعطينا ڪ الڪوثر اسان توکي روحاني توڙي مادي قوتون ۽ جمله نعمتون نصيب ڪيون آهن. ورفعنا لڪ ذڪرڪ. انسانن مان ڪوبه تنهنجي شان جي بلندي تائين پهچڻ وارو ڪونه آهي. انسانيت جي عظمتن جي انتها تنهنجي ذات گرامي تي دنگ ٿي وئي، ڇو ته انڪ لعليٰ خلق عظيم. علاوه ازين ٻيون به ڪيتريون ئي آيتون آهن. لائبريرين منهنجي ڳالهه ٻڌندو رهيو پر سندس چهرو بلڪل بدلجي چڪو هو ۽ آئون پنهنجي ڳالهه ڪندو پئي ويس. آخر ۾ چيم ته، هاڻي ٻڌايو ته، جيڪڏهن شهنشاهيت، اسلام جي اصولن جي مخالف نه هجي ها ته، وقت جا پيغمبر انهي نظام جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڇو ڪن ها؟ ۽ نه ڪي الله تعاليٰ پيغمبرن کي اهڙي جدوجهد جو حڪم ڪري ها! ۽ نه وري انهن پيغمبرن جي اهڙي جدوجهد جو ذڪر قرآن شريف جهڙي وحي الاهي ۾ ڪيو وڃي ها! انهي مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته، انسانيت جي ڪاميابي، فلاح ۽ ڪامراني شهنشاهي نظام ۾ ناهي، بلڪه انهي لاءِ ته، قرآن شريف “شورائي نظام” قائم ڪرڻ جو خود حضور اڪرمﷺ کي حڪم فرمايو ته، “و شاور هم في الامر” يعني احڪامات الاهي کي نافذ ڪرڻ (شرعي نظام هلائڻ) لاءِ پنهنجي ساٿين سان مشورو ڪندو رهه.
شورائي نظام جا بنيادي اصول خود حضور اڪرمﷺ جن جا مقرر ڪيل آهن. جن کي اڳتي هلي عملي نمونه سان خلافت راشده ذريعي رائج ڪيو ويو. منهنجي انهي ڊگهي گفتگو کان پوءِ لائبريرين ڪاوڙ ۾ خفا ٿي چيو ته، “ذهبت الي الطول البعيد لم نڪ من المرافقين معڪ اليٰ مسعيٰ ڪ الفڪري” يعني تون تمام پري نڪري ويو آهين، وڏي کانجاڻ ۾ وڃي پيو آهين، اسان تنهنجي انهي فڪري مسلڪ سان گڏ تنهنجو ساٿ ڏيئي نه ٿا سگهون. يعني ته تنهنجي خيالن سان ڪنهن به صورت ۾متفق ناهيون. تون ڄاڻ تنهنجو فڪر ڄاڻي. انهي گفتگو ڪچهري کي بنهه بي مزه بنائي ڇڏيو هو. شايد منهنجي بيوقوفي هئي جو مون هڪ بي موقعه ڳالهه ڪري اجايو عرب سڳورن کي ناراض ڪيو. پر پوءِ به پنهنجي پاڻ کي تسلي ڏنم ته، تو جيڪا ڳالهه چئي سا حق هئي. لطيف سائين جي چواڻي ته،
واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.
منهنجي ماٺ ڪرڻ تي خاموشي ٿي وئي ۽ لائبريرين جي آخري چند جملن کان پوءِ منهنجي ڀر ۾ ويٺل پروفيسر صاحب مون کي مخاطب ٿي چيو ته، توهان سمجهو ٿا ته، هي پاڪستان آهي جو ايترو آزادي سان ويٺا ڳالهايو! ميان! ! هي سعودي حڪومت آهي!، جيڪڏهن تون اسان جي ادبي لڏي مان نه هجين ها ته ايتري ڳالهائڻ تي هيستائين گرفتار ٿي وڃين ها! ! آئنده هتي (سعوديه ۾)رهندي اهڙي گفتگو نه ڪجان. اسان ته ڪشاده دلي جيڪري توکي بخش ٿا ڪريون، پر جي لائبريري کان ٻاهر هجين ها ته هينئر جيل جي حوالي ٿي وڃين ها! ! بس مجلس جو ماحول کٽو ڏسي اجازت وٺي مطالعه واري ميز سنڀالي اچي ڪرسي تي ويٺس ۽ پنهنجو ڪم ڪرڻ لڳس. انهي ڪچهري کان پوءِ به لائبريري ۾ وڃڻ ٿيندو هو پر عرب سڳورن مان ڪوبه سلام جو جواب ڪونه ڏيندو هو، آئون خاموشي سان پنهنجي لکپڙهه جو ڪم ڪري هليو ويندو هوس.