مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

حضرت عثمان جي قبر تي حاضري:

حضرت عثمان جي قبر تي حاضري:
اسان نقشي جي آڌار تي هلندا، پاڻ سڳورن جي ٽئين خليفي ۽ ناٺي حضرت عثمان ذوالنورين جي قبر تي اچي حاضر ٿياسون. حضرت عثمان جي قبر جو پڌرو نشان هي آهي جو قبر جي سيراندي کان جيڪو پٿر کتل هو سو سائي رنگ وارو هو. نه ته ٻي ڪابه امتيازي علامت ڪانه هئي.
آئون حضرت عثمان جي قبر جي پيراندي کان ته، جاويد هزاروي سيراندي کان بيٺل هئاسون. اسان سان گڏ ٻيا به ڪافي تعداد ۾ ماڻهو موجود هئا. وڏي رش هئي. سڀ ماڻهو قبر جي چوڌاري حلقي (گولائي) جي صورت ۾ بيٺا هئا.
شهيد مظلوم حضرت عثمان جي قبر وٽ بيهندي سندس مظلومانه شهادت جو اهو پس منظر جيڪو سيرت ۽ اسلامي تاريخ ۾ پڙهيو هئم هڪ هڪ ٿي اکين آڏو اچڻ لڳو ته، لڙڪ لڪائي نه سگهيو هئس ۽ بي اختيار ڳوڙها ڳڙڻ لڳا هئا. اڃا انهي شهادت جي واقعي ۽ فسادين جي ڪيل انتهائي ظالمانه ۽ قاتلانه حملي تي پئي سوچيم ته، گولائي ۾ بيٺل گهڻن ماڻهن جي رش جو فائدو وٺي، ڪنهن اندر جي پليت پنهنجي دلي بغض کي هينئن ظاهر ڪيو جو هڪ پٿر کڻي زور سان حضرت عثمان جي قبر تي اڇلايائين اسان سڀ اهو پٿر زور سان قبر مٿان لڳندي ڏسي حيران ٿي وياسين. خبر پئجي نه سگهي ته اهو پٿر ڪنهن اڇليو؟ ماڻهو سڀ ششدر رهجي ويا، پر جاويد هزاروي اڳتي وڌي وڃي قبر مٿان اڇليل پٿر کنيو، اڃان پوئين پير موٽيو ئي مس هو ته، قبرن جي سار سنڀال لاءِ بيٺل هڪ سعودي عملدار جاويد کي کڻي ٻانهن کان سوگهو جهليو. شايد انهي عملدار جي نظر پٿر اڇلڻ وقت نه پئي هئي. نه ته اڇلڻ واري جي ضرور ڳولا ڪري ها. عملدار، جاويد کي سخت جٺ ڦٺ ڪرڻ لڳو ته، “تون پٿرن جو پوڄاري آهين. اهو پٿر کڻي پاڻ به پوڄيندين ته ٻين کان به پوڄا ڪرائيندين وغيره.” سوچيم ته، جاويد خواه مخواهه پيو جٺيون جهلي، ڪئي هڪڙي ڀري ٻيو، يا چٽي لڳي چاڪر تي ڀر وتايا تون. تنهن ڪري عملدار وٽ وڃي کيس ٿڌو ڪرڻ لاءِ چيم ته، “يا شيخ لسنا من عباد القبور، بل نحن رجال لا نتحمل ان يلقي احد حجراً عليٰ قبر سيدنا عثمان رضي الله عنه لذا رفع اخونا تلڪ الحجر و القاها خارج القبر ولا لِاَن يذهب بها اليٰ قريته کي يدعوالناس اليٰ عباد تها بللمس، والقبلة والسجده وغيرها من عباده الا وثان، کماز عمت ليس کذالڪ.
(سائين! اسان قبرن جا پوڄاري ڪونه آهيون. پر اسان اهي آهيون جو هن ڳالهه کي برداشت به نه ٿا ڪريون ته ڪو ماڻهو حضرت عثمان جي قبر تي ڪو پٿر به اڇلائي. انهي ڪري اسان جي ڀاءُ اهو پٿر کڻي قبر کان ٻاهر اڇليو آهي. هن لاءِ پٿر ڪونه کنيو اٿس جو اهو پٿر ڳوٺ کڻي وڃي انهي جي پوڄا ڪرائيندو. جيئن بتن جا پوڄاري ڪندا آهن. جيئن تو سمجهيو آهي حقيقت ائين ناهي.) جڏهن عملدار اصل حقيقت سمجهي ته، ٻانهن مان هٿ ڪڍندي چيائين ته، عفواً يا شيخ! اني ڪنت حسبت ان اخاڪ حمل الحجر للتبرڪ او ليد عو الناس اليٰ عبادتها.
(معاف ڪجو سائين! مون سمجهيو ته، توهان جي ڀاءُ تبرڪ يا پوڄا پاٺ لاءِ حضرت عثمان جي قبر تان پٿر کنيو آهي.) دعا کانپوءِ اڳتي وڌياسون. مطلب ته سڀني ڀلارن جي قبرن وٽان ٿيندا فاتحه دعا وغيره گهرندا، مغرب نماز لاءِ مسجد نبوي ڏانهن واپس ورياسون. جتي سانجهي ۽ پوءِ سمهڻي نماز پڙهي آخر ۾ حضورﷺ جي روضي پاڪ وٽ وڃي بيٺس.
دل ۾ خيال آيو ته اڄ کانپوءِ جڏهن به روضي پاڪ تي حاضري جي توفيق ملي ته، امام مالڪ جي مؤطا (حديث جو ڪتاب) ۾ حضرت عبد الله بن عمر رضي الله عنهما جو نقل ڪيل سلام عرض ڪندس، يعني السلام علي النبي، ا لسلام عليٰ ابي بڪر، السلام عليٰ عمر ته جيئن مقصد سان گڏ حضرت عبد الله جي سنت تي به عمل ٿي وڃي. بهرحال اهو منهنجو ذاتي خيال هو. سلام پڙهي جاءِ تي آياسون، ماني کائي پاڻ ۾ ويهي رهڻ ڪهڻ بابت ڪجهه اصول ۽ ضابطا طئي ڪياسون. جنهن مان خاص ڳالهه هي ته، مسجد نبوي ۾ نماز با جماعت جي حاضري يقيني بنائي وڃي. گهمڻ ڦرڻ ۾ سڀڪو آزاد آهي. البت جيترو ٿي سگهي وقت اجايو نه وڃائجي. گهڻي کان گهڻو وقت مسجد نبوي ۽ روضي پاڪ سامهون، تلاوت، ذڪر اذڪار، نماز، تسبيح و تهليل ۾ گذارجي. مسجد نبوي ۾هر فرض نماز روضي جي سامهون ڇٽين هيٺ يا ان جي ڀر ۾ پڙهجي ته جيئن ڪو به ساٿي، ٻئي کي آساني سان هٿ ڪري سگهي. علاوه ازين کاڌي پيتي جو سامان آڻڻ، صفائي وغيره سڀ ڪم ورهايا ويا. انهي مشوري بعد ساٿي ته وڃي ستا، پر مون ڊائري کڻي ڏينهن واري روئداد قلم بند ڪئي.
جيئن ته مدينه منوره ۾رهندي منهنجو اهو پهريون ڏينهن هو، تنهن ڪري باقي ڏينهن گهارڻ لاءِ مون پنهنجي جمله مصروفيات ۽ معمولات جو ٽائيم ٽيبل ترتيب ڏنو ته جيئن رٿا مطابق سڀ ڪم ٿيندا رهن. الحمد لله انهي ترتيب تي هلندي مدينه منوره ۾ اٺ ڏينهن پورا ڪيم.