مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

بيت الله جي تاريخ ۽ ابراهيمي تعمير:

بيت الله جي تاريخ ۽ ابراهيمي تعمير:
هاڻي اسان ڪعبت الله/ بيت الله جي تاريخ تي هڪ نظر وجهنداسون. ڪعبت الله شريف ڏهه ڀيرا تعمير ڪيو و يو آهي. حضرت موسيٰ جي زماني تائين اهو انبيائن جو قلعو ٿي رهيو هو. تعمير ڪندڙن جا نالا ترتيب وار هن ريت آهن. (1) ملائڪ (2) حضرت آدم (3) حضرت آدم جا پٽ ۽ پوٽا (4) حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل (5) عمالقه (6) جرهم (7) قصي بن ڪلاب (8) قريش (9) حضرت عبد الله بن زبير (10) حجاج بن يوسف ثقفي. انهن مان ڪن جو اختصار سان هيٺ ذڪر ڪجي ٿو.
ڪعبت الله جي تعمير بابت، اسلام جي بنيادي مقدس ڪتاب قرآن شريف ۾ تعمير جي نسبت حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل ڏي ڪيل آهي. جيتوڻيڪ ڪعبه جي تعمير جي باري ۾ ڪافي روايتون حضرت ابراهيم کان به اڳين پيغمبرن ۽ انهن جي امتن کي شمار ڪن ٿيون. پر اهي روايتون محدثن ۽ مورخن وٽ مشهور ته آهن، ليڪن اعتماد جي لحاظ کان قطعي مضبوط شمار نه ٿيون ٿين. ڇو ته شرعي ثبوتن ۾ قرآن شريف کي بنيادي اهميت ۽ اوليت حاصل آهي. قرآن شريف ۾ حضرت ابراهيم کان اڳين پيغمبرن جي تعمير ڪعبه جو ڪوبه ذڪر ڪونهي، پر اهڙي قسم جي ذڪر نه ڪرڻ سان اڳين پيغمبرن جي ڪعبه تعمير ڪرڻ جو انڪار به ثابت نه ٿو ٿئي. اسان هتي ابراهيمي تعمير بابت سٽون لکڻ مناسب سمجهون ٿا.
قرآن شريف جي سورت بقره آيت 127 کان 129 تائين رڪوع 15 ۾ خصوصيت سان چئن ڳالهين جو ذڪر آهي.
1. حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل جي تعمير ڪعبه بابت واضح ثبوت ۽ انهي عظيم خدمت لاءِ انهن جي خلوص و لِللهيت جو ذڪر.
2. رضاءِ الاهي خاطر نيڪ جذبي تحت ڪيل محنت جي قبوليت لاءِ ڌڻي جي دربار ۾ مخلصانه درخواست.
3. ٻنهي بزرگن جو گڏجي دعا گهرڻ ته، اي پالڻهار! اسان ٻنهي کي پنهنجو فرمانبردار ۽ تابعدار بناءِ، اهڙي طرح اسان جي اولاد مان به هڪ فرمانبردار جماعت قائم رکجانء.
4. توحيد جي انهي پهرئين مرڪز جي بنياد ۽ انهي عظيم درسگاهه جي اڏاوت جي پڄاڻي تي ٻنهي بزرگن هي به دعا گهري هئي ته، اي پالڻهار! اسان تنهنجي حڪم مطابق درسگاهه ٺاهي راس ڪئي آهي، پر عالَمِ انسانيت کي انهي درسگاهه مان مڪمل فيضياب ٿيڻ لاءِ اسان (حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل) جي اولاد مان هڪ ڪامل استاد موڪلڻ جي عنايت فرماءِ ته جيئن اهو ڪامل استاد هن درسگاهه ۾ ويهي تنهنجو هدايت وارو ڪتاب پڙهائي ۽ دانائي جي درس سان انهي ڪتاب جا اسرار، راز ۽ رمزون، ظاهري ۽ باطني علم سيکاري ۽ سمجهائي، ۽ تنهنجي ٻانهن کي شرڪ بدعت ۽ هر قسم جي ظاهري ۽ باطني پليتي کان پاڪ ڪري قلبن تان ڪفر ۽ شرڪ جا قصابن کان چڙهيل ڪَٽ لاهي ته جيئن تنهنجا ٻانها صالحن ۾ شمار ٿين. پالڻهار! ائين ڪرڻ تي تون پوري طرح قدرت ۽ طاقت رکين ٿو.
مٿي ذڪر ڪيل آيتن جي مفهوم مان هي ڳالهيون پڌريون ٿين ٿيون ته، ڪنهن به نيڪ ڪم ڪرڻ وقت خاص خدا جو راضپو گهربل هجي ۽ پنهنجي اولاد، اهل خانه وغيره لاءِ اهڙن ئي نيڪي جي ڪمن تي ڪار بند رهڻ لاءِ رب تعاليٰ کان دعائون گهرجن حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل جي آخري دعا جي قبوليت جي نتيجي ۾ تقريباً ٽي چار هزار سال پوءِ حضرت اسماعيل جي اولاد مان حضرت محمد مصطفيٰﷺ کي قيامت تائين انسانيت لاءِ هادي، رهبر ۽ پيغمبر بنائي موڪليو ويو جيئن حديث ۾ آهي ته اَنا دعوه ابي ابراهيم يعني آئون پنهنجي پيء ابراهيم جي دعا آهيان. ابراهيمي تعمير انهي زمانه جي آهي جڏهن حضرت اسماعيل 30 سالن جو نوجوان هو ته، حضرت ابراهيم عليهما السلام هڪ سو سالن کان به وڌيڪ پيرسن هو. روايتن مطابق حضرت ابراهيم پنهنجي رهائشي علائقه فلسطين شام مان پنهنجي فرزند حضرت اسماعيل سان ملڻ لاءِ مڪي شريف آيو ته، ان وقت حضرت اسماعيل زمزم کوهه ڀرسان هڪ وڏي وڻ هيٺ تير گهڙي ٺاهي رهيو هو.
اسلامي روايتن ۾ تيرن ٺاهڻ جو فن حضرت اسماعيل کان شروع ٿيو. شايد اهو پهريون هٿيار آهي جنهن کي حضرت اسماعيل ايجاد ڪري هٿيار طور شڪار ڪرڻ لاءِ ڪم آندو هو. انهي کان اڳ ٻئي ڪنهن جي متعلق اهڙي شاهدي نه ٿي ملي. و الله اعلم.
حضرت ابراهيم پنهنجي فرزند کي تير ٺاهيندي ڏسڻ کانپوءِ فرمايو ته، “پٽ! مون کي رب سائين حڪم فرمايو آهي ته، آئون سندس پاڪ گهر جي اڏاوت ڪريان ۽ تون مون سان انهي ڀلاري ڪم ۾ مدد گار ٿين.” حضرت اسماعيل اهو حڪم ٻڌي هائوڪار ڪري حضرت ابراهيم سان انهي ڀلاري ڪم ۾ ساٿي بنيو. پر جيئن ته ڪعبه واري هنڌ ڪنهن به اڏاوت جا نشان ڪونه هئا فقط هڪ دڙو هيو جيڪو هموار ٿيو پيو هو تنهنڪري حضرت ابراهيم الله تعاليٰ ڏي متوجه ٿي ڪعبه جي ماپ ۽ نقشه بابت معلوم ڪيو ته حضرت جبرئيل عليه السلام حاضر ٿي ڪعبه جو نقشو ڪڍيو، اهڙي ريت حضرت جبريل انجنيئري جا فرائض بجا آندا ته حضرت ابراهيم رازو ٿيو ته، حضرت اسماعيل معاون ۽ مزدور بڻيو.
آثار (روايتن) ۾ آيو آهي ته، حضرت ابراهيم ڪعبه جي تعمير پنجن جبلن جي پٿرن سان ڪئي جيڪي کيس ملائڪن آڻي ڏنا هئا ۽ حضرت اسماعيل اهي آندل پٿر کڻي حضرت ابراهيم کي ڏيندو پئي ويو اهي پنج جبل هي آهن.
1) طور سينا. 2) طورزيتا. 3) جبل حراءِ. 4) لبنان. 5) جودي (جيڪو الجزيره ۾ آهي)
جنهن وقت اهي ٻئي برگزيده پيغمبر ڪعبه جي تعمير ڪري رهيا هئا تنهن وقت سندن زبان تي هي دعا هئي ته، ربنا تقبل منا انڪ انت السميع العليم: يعني: اي اسان جا پالڻهار! اسان جي هي محنت قبول فرماءِ بيشڪ اسان جي ڳالهه ۽ دعا ٻڌڻ وارو ۽ اسان جي هر ڪم کي ڄاڻڻ وارو آهين.
ڪعبي جون پيڙهون ڀرجي، ڀتيون جڏهن زمين کان ڪجهه مٿي کڄي آيون ته حڪمِ الاهي موجب ملائڪن هڪ بهشتي پٿر آڻي ڏنو جيڪو ڪعبي جي اوڀر ڏکڻ واري ڪنڊ تي زمين کان تقريباً 4،5 فوٽ مٿي هنيو ويو. اهو پٿر کير جهڙو اڇو ۽ نوراني هو جنهن کي اڄڪلهه “حجر اسود” ڪري سڏيو وڃي ٿو. اهو پٿر حضرت آدم سان گڏ بهشت مان لاٿو ويو هو جيڪو طوفان نوح وقت جبل ابو قبيس تي ڪنهن محفوظ هنڌ رکيل هو.
حضرت ابراهيم کي خدا جو حڪم ٿيو ته انهي پٿر کي ڪعبي جي طواف جي ابتدا ۽ وري ستن چڪرن جي پوري ٿيڻ تي انتها لاءِ مقرر ڪجي ٿو.
جڏهن ڪعبه جون ديوارون زمين کان ايترو مٿي کڄي ويون جو اوساري ڪرڻ وقت حضرت ابراهيم جا هٿ نه ٿي پهچي سگهيا ته، خدا جي حڪم مطابق ملائڪن آندل هڪ پٿر ڏي اشارو ڪري چيو ته، هاڻي انهي تي بيهي تعمير ڪريو. اهو پٿر توهان جي حڪم ۾ هوندو جيئن چوندو تيئن ڪندو. جيڪڏهن مٿي ٿيڻ جي ضرورت پئي ته وڏو ٿي ويندو جنهن ڪري ڪنهن چاڙهي جي ضرورت نه پوندي. جي کٻي يا سڄي وڌڻ جي ضرورت پئي ته، اهو پٿر پاڻيهي اوڏانهن سري ويندو اهڙي صورت ۾ ڪنهن قوازي ٻڌڻ جي تڪليف ڪرڻي نه پوندي. پر جي مٿان کان هيٺ لهڻ جي ضرورت پوي ته، اهو پٿر سُڪڙجي ننڍو ٿي ويندو ۽ هيٺ آساني سان لهي وڃو. ضرورت مطابق پٿر کي حڪم ڪريو ته اهو پٿر هر حڪم جي تعميل ڪندو رهندو. مٿئين تفصيل مطابق ڪعبه جي تعمير مقرر ڪيل ماپ تائين راس ٿي ته، خدا جو حڪم ٿيو ته، “ابراهيم! ماڻهن کي حج ڪرڻ لاءِ سڏ ڪر”. عرض ڪيائين ته، پالڻهار! ماڻهن جي آبادي جيڪا دنيا جي مختلف دور دراز ملڪن ۾ پکڙيل آهي، اوسيتائين منهنجو آواز ڪيئن پهچندو؟ الله تعاليٰ فرمايو ته، ابراهيم! تون پنهنجي معمول واري آواز سان سڏ ڪر، آئون تنهنجو سڏ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ بلڪه ستن آسمانن ۽ عالَم ارواح (روحن جي دنيا) تائين به پهچائيندس. پوءِ حضرت ابراهيم جبل ابو قبيس تي چڙهيو، ٻي روايت ۾ صفا پهاڙي تي چڙهي ويو.
اتان بيهي واري واري سان چئن ئي طرفن ڏي منهن ڪري پڪارڻ لڳو ته، “ايها الناس! ان ربکم بنيٰ لکم بيتاً فحجوهُ”. يعني ته اي انسانو! توهان جي پالڻهار توهان لاءِ پنهنجو پاڪ گهر بنايو آهي پوءِ اچو اُن پاڪ گهر جو حج ادا ڪريو. الله تعاليٰ اهو آواز ڪائنات جي سموري مخلوق تائين پهچايو، تان جو عالمِ ارواح (ايندڙ انسانن جي روحن واري جهان) ۾به ٻڌو ويو. پوءِ جنهن انهي سڏ تي هڪ ڀيرو لبيڪ چئي تنهن کي هڪ حج نصيب ٿيندو جنهن ٻه ڀيرا ته ان کي ٻه ڀيرا حج نصيب ٿيندو. اللهم وفق لنا کل امر خير. حضرت ابراهيم ڪعبه جون چار ڪنڊون ڪيون. ڪنڊ کي “رڪن” ڪري سڏيو وڃي ٿو. هر هڪ ڪنڊ جو نالو ڪنهن خاص نسبت جي ڪري مختلف آهي. انهن چئني ڪنڊن جا نالا هن ريت آهن.
اوڀر ڏکڻ طرف : رڪن حجر اسود،
اوڀر اتر طرف : رڪن عراقي،
اتر اولهه طرف :رڪن شامي،
اولهه ڏکڻ طرف: رڪن يماني.
حضرت ابراهيم جي تعمير ڪيل ڪعبه جي مجموعي ماپ هي آهي. ڊيگهه: 45 فوٽ، ويڪر: .50/34 فوٽ ۽ اوچائي: 50/13 فوٽ، ڀت جي ٿولهه: 3 فوٽ.
ڪعبت الله جي چئني پاسن مان هر هڪ پاسي جي ابراهيمي تعمير جي ماپ هي آهي.
اوڀر ۾ : حجر اسود کان رڪن عراقي تائين 48 فوٽ،
اتر ۾ : رڪن عراقي کان رڪن شامي تائين 33 فوٽ،
اولهه ۾: رڪن شامي کان رڪن يماني تائين 50/46 فوٽ،
ڏکڻ ۾ : رڪن يماني کان رڪن حجر اسود تائين 30 فوٽ.
جيتوڻيڪ الحرم لائبريري مڪه مڪرمه ۾ زير مطالعه عربي ڪتابن، مٿي ذڪر ڪيل ماپ ذراع (نريء) جي حساب سان لکي هئي پر اسان سمجهڻ ۾ آساني خاطر هڪ نري (ذراع) برابر ڏيڍ فوٽ جي حساب سان ڳاڻيٽو ڪري لکي آهي.
ڪعبت الله کي “ڪعبه” هن ڪري سڏيو ويو آهي جو اها چئن ڪنڊن واري عمارت آهي. حضرت ابراهيم جي تعمير ڪرڻ وقت اها جاءِ آسپاس جي ايراضي کان مٿي دڙي وانگر هئي. عربي لُغت (ڊڪشنري) ۾مٿانهين ۽ اُڀريل شي يا جاءِ کي “ڪعب” چيو وڃي ٿو. جيئن پير جي مُريي (ٽڻي) کي به ڪعب چئبو آهي، ڇو ته اهو به مٿي اڀريل هوندو آهي.
ڪعبت الله شريف جي ديوارن جي ظاهري بلندي جي ڀيٽ ۾ جيتوڻيڪ موجوده سعودي حڪمران شاهه فهد جي پٽن جي محلات (جيڪا حرم جي باب عبد العزيز کان لڳ اوڀر اتر طرف آهي) جي بلندي وڌيڪ نظر اچي ٿي پر ڪعبت الله عظمت ۽ شان ۾ دنيا جي سڀني عمارتن کان بلند بالا آهي. جنهن جي عظمتن جا رشتا، آسمانن ۾ رهندڙ ملائڪن جي قبله بيت المعمور سان ڳنڍيل آهن، جيڪو عرش عظيم کان سڌو هيٺ ستين آسمان تي آهي. هڪ حديث ۾ آيو آهي ته، ڪعبت الله شريف آسماني قبله بيت المعمور جي بلڪل سڌائي ۾ آهي. جيڪڏهن ڪو ڀتر بيت المعمور تان هيٺ ڪيرائجي ته سڌو ڪعبت الله جي ڇت تي ڪري پوي. اهڙي طرح بيت المعمور وري عرش عظيم جي بلڪل سڌائي ۾ آهي. خدا تعاليٰ طرفان زمين وارن تي لهڻ واريون سموريون برڪتون ۽ رحمتون، عرش عظيم کان هيٺ بيت المعمور تي لهن ٿيون ۽ اتان کان بيت الله/ ڪعبه تي لاٿيون وڃن ٿيون جتان کان پوءِ دنياجي ڪنڊ ڪڙڇ ڏانهن خدائي حڪم مطابق ورهايون وڃن ٿيون. انهي مان ثابت ٿيو ته دنيا ۾ خدا جي جمله برڪتن ۽ رحمتن جو مرڪز ڪعبت الله شريف آهي پوءِ ان جي عطمت آڏو ٻي ڪا عمارت بيهي سگهي ٿي؟
حضرت ابرهيم جي تعمير جيڪا مٿي گذري چڪي تنهن جون فقط ديوارون هيون ڇت ڪونه هيس ۽ دروازو به زمين سان لڳل هو يعني ته اڄڪلهه وانگر ماڻهو جي قد کان مٿي نه هو پر اُن جي چانئٺ پٽ سان برابر هئي.
ابراهيمي تعمير بعد ڪعبت الله شريف ويجهو تعظيم خاطر ڪوبه گهر نه ٺاهيو ويندو هو تان جو حضور سائين جي پنجين ڏاڏاي قصي بن ڪلاب جي مڪي شريف جي امارت (سربراهي) سنڀالڻ کانپوءِ ڪعبه شريف جي آسپاس گهر تعمير ٿيڻ لڳا. جڏهن ته انهي کان اڳ عرب جبلن جي چُرن، ڍورين ۽ پري پري جي ميداني علائقن ۾ رهندا هئا. اهڙين ڍورين تي جن جي رهائش يا قبضو هوندو هو سو انهي جي نالي سڏبي هئي. جيئن شعب عامر (عبد الله بن عامر جو ڍورو) شعب ابي سفيان (ابو سفيان جو ڍورو) شعب ابي طالب (ابو طالب جو ڍورو) وغيره.
اتفاق سان قصي بن ڪلاب جو هڪ قبيلي بنو خزاعه سان جهيڙو ٿي پيو ته پاڻ پنهنجي قبيله کي چيائين ته، توهان جبلن جون غارون ۽ ڍورا ڇڏي ڪعبي جي آسپاس چوڌاري گهر ٺاهيو. جي نه ته اوهان جو حرم تي قبضو نه رهندو. ٻيو ته ڪعبت الله جي ڀرسان رهڻ ڪري عرب توهان کان ڊڄندا ۽ توهان مان ڪنهن سان به لڙائي ڪرڻ جائز نه سمجهندا. بس انهي ڳالهه جي ڪري ڪعبه شريف جي آسپاس رهائشي گهر ٺهڻ لڳا. البت اهي گهر گول دائري وانگر ٺاهيا ويا، جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ ٿري ماڻهو چونئرا ٺاهيندا آهن. عربن جو خيال هو ته، ڪعبو شريف چوڪنڊو آهي انهي ڪري گهرن جي اڏاوت ۾ انهي سان برابري ۽ هڪجهڙائي ڪرڻ تعظيم ۽ ادب جي خلاف آهي.
قريشن ڪعبي جي بلڪل ويجهو گهر اڏيا هئا، جن جا دروازا ڪعبي شريف ڏانهن ڪيا هئائون. رڳو مطاف (طواف ڪرڻ واري جاءِ) گهرن اڏڻ کان آجي ڪئي هئائون. جيئن ته ڪعبي شريف کي چوڌاري جبل گهيرو ڪريو بيٺا هئا انهي ڪري ڪعبي کان پري پري ته گهر به نه ٿي ٺهي سگهيا. هوڏانهن وري قبضو به رکڻو هو، تنهنڪري ويجها گهر ٺاهيائون.