طواف ڪندڙ هڪ جوڙو:
حرم مڪه ۾ پهچندي اسان کي ٻيو ڏينهن هو. سج ڪچن ٻپهرن تي هو. آئون بيت الله شريف جي ديدار کان شرفياب ٿي مسجد الحرام جي ٽئين طبقي تي چڙهي وڃي اهڙي جاءِ کان ٿي ويٺس جتان ڪعبي جو سڌو سنئون ديدار ٿي رهيو هو. ڪعبت الله جي دروازي کي سامهون هئس. ماڻهن انهي ٽئين طبقي تي به طواف پئي ڪيو، پر اهي اڪثر ڪري مون جهڙا ڪمزور ۽ اڀرا هئا جيڪي انتهائي رش جي ڪري هيٺ ڪعبه جو طواف نه ٿي ڪري سگهيا. آئون طواف کانپوءِ فارغ ٿي ڪعبي کي ڏسي به رهيو هئس ته دل ۾ ڪعبي جي ڌڻي کان عفوعافيت، علم و رزق، مغفرت و مرحمت جي طلب لاءِ دعائون به گهري رهيو هئس. طواف ڪندڙن ۾ اوچتو هڪ شخص سنڌي ٽوپي پائي ٻين ماڻهن سان گڏ اچي لنگهيو ته ان جي پويان هڪ اڌڙوٽ عمر جي عورت نج سنڌي قومي ويس گربي جي سٿڻ ۽ گج پائي ان مرد جي پويان پويان طواف ڪندي وڃي رهي هئي. سنڌي ماڻهو لکن ۾ پڌرو هوندو آهي. سچ پڇو ته مون کي اهي ماڻهو ڏسي ڏاڍو سڪون آيو. پنهنجي ملڪ جي ويس ۽ ملڪي ماڻهو جو مون کي ان وقت احساس ٿيو. حالانڪه ڳوٺ ۾ رهندي اسان کي انهي قسم جو ڪڏهن به احساس نه ٿيو هو ته “پنهنجن عزيزن قريبن سان گڏ زندگي جا ڏينهن گهارڻ ڪيڏي نه خدا جي خاص مهرباني آهي.” حقيقت ۾ اهي ماڻهو ڏاڍي مشڪل ۾ آهن جيڪي پنهنجن کان پري، ڏيهان ڏور ملڪان پري اداسي جا ڏينهن گهارين ٿا.
مون سوچيو ته، آئون اٿي وڃي انهي سنڌي ٽوپي واري همراهه سان ملان ۽ ڀاڪر پائي کيس کيڪاريان پر وري به الائي ڇو چپ چاپ ويٺو رهيس. شايد هن ڪري اٿڻ جي نه ڪيم ته، جنهن جي ديدار لاءِ اڏامي آيو آهيان سو منهنجي اڳيان پنهنجون سڀئي عطائون ۽ نوازشون ڪندو هجي ۽ آئون ان کان منهن موڙي ڪنهن ٻئي ڏي پيو واجهايان. انهي ڪري انهن سنڌي ماڻهن تي هڪ نظر وجهي گهڙي کن احساسات جي گهراين ۾ ٽٻي هڻي وري نظر ڪعبي تي ڄمائي حمد و ثنا ۾ مشغول ٿي و يس.