مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

جده هوائي اڏو:

جده هوائي اڏو:
اڄ بروز جمعھ 10 محرم 1418هه مطابق 16 مئي 1997ع فجر نماز پڙهي جده هوائي اڏي تي چانهه پاڻي ڪئي سون. جاويد هزاروي ٽڪيٽن جي سلسلي ۾ پي آءِ اي آفيس وارن سان مليو. جن اڄوڪي شام لاءِ ٽڪيٽ اوڪي ڪري ڏنا. هاڻي پورو ڏينهن هتي جده ايئرپورٽ تي شام يعني رات واري فلائيٽ ۾ ڪراچي ڏي روانگي جي رٿا ڪري. ايئرپورٽ جو نظارو ڪرڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن پهري پياسون.
گهمي ڦري وري وٿاڻين اچي ايئرپورٽ بابت مليل زباني ۽ تحرير معلومات سهيڙي ترتيب ڏنم. جيڪا هتي پيش ڪجي ٿي.
زيارت حرمين ۽ حج و عمره جي ارادي سان، دنيا جي پنج وڏن کنڊن مان ايندڙ مسلمان، 120 ملڪن مان سعودي جي خشڪي، سامونڊي ۽ هوائي جي 13 رستن ذريعي پهچن ٿا. خشڪي جي 8 رستن مان وڏي ۾ وڏو رستو جتان ڪثرت سان حاجي ۽ زائرين حرم اچن ٿا سو “جديده عر عر” آهي. اهو خشڪي رستو آمدو رفت جي لحاظ کانپوءِ ٻئي نمبر تي آهي. ساموندي رستي جهڙوڪ جده ۽ ينبع ذريعي هر سال تقريباً چاليهه هزار حاجي پهچن ٿا. البت سڀ کان وڌيڪ حجاج لاءِ اچ وڃ جو آرامده، تڪڙو ۽ آسان ذريعو هوائي رستو آهي. جنهن لاءِ جده جو شاه عبدالعزيز بين الاقوامي هوائي اڏو رات ڏينهن مصروف آهي. هن جا ٽي ٽرمينل آهن. جن مان هڪ سعودي ايئرلائن جي جهازن جي اندرون ملڪ سفر لاءِ، ٻيو، ٻاهرين ملڪن ۽ بين الاقوامي ايئرلائنز لاءِ، جنهن کي چاليهه غير ملڪي ڪمپنيون استعمال ڪن ٿيون. ٽيو، حجاج لاءِ خاص آهي.
اهو ٽرمينل ڏيڍ سو ايڪڙ جي ايريا تي اڏيل آهي. انهي حج ٽرمينل ۾ هڪ ئي وقت 80 هزار حاجين جي رهڻ، ترسڻ جي گنجائش آهي. هن هوائي اڏي کي ٺهندي ست سال لڳا، راس ٿيڻ تي 1981ع ۾ هوائي جهازن ۽ مسافرن لاءِ کوليو ويو. هوائي اڏي کان شهر جده 19 ڪلوميٽر پري آهي. فائبر گلاس جي تنبن جي شڪل ۾ تيار ٿيل هن حج ٽرمينل جا وڏا ڪشادا 210 تنبو آهن. جيڪي ٽفلون (Teflon) جا آهن. ٽفلون جي انگريزي ۾ معنيٰ ٿيندي، Non stick coating for kitchen uten sils يعني ته هن جي تعمير ۾ اهڙو مٽيريل استعمال ٿيل آهي جو گرمي يا ٿڌ، يا ٻئي ڪنهن موسمي اثر کان بلڪل محفوظ آهي. گرم ترين ملڪ ۾ اها عمارت رهڻ ڪهڻ جي لائق ۽ آرامده، ان سان گڏ منجهس ضروريات زندگي جا جملي اسباب گهڻي مقدار ۾ موجود آهن. هي نه رڳو هوائي اڏو پر ڪو وڏو خوش حال شهر ٿو ڀانئجي، جتي چاليهه کان وڌيڪ غير ملڪي هوائي ڪمپنين جي آفيسن سان گڏ بينڪون، طبي سهولتون. ڪرنسي بدلائڻ جا خاص دڪان، يوٽيلٽي ۽ جنرل اسٽور، کاڌي پيتي لاءِ ريسٽورنٽ، البت بورڊنگ سان گڏ لاجنگ (طعام و قيام) واريون هوٽلون في الحال نظر نه آيون. ڇو ته مسافرن جو هتي رهڻ ۽ ترسڻ فقط وقتي ۽ ڪجهه ڪلاڪن لاءِ هوندو آهي. سو به يا ته جهاز ۽ ٽڪيٽ جي انتظار ۾ گذري ٿو يا بس وغيره جي اوسيئڙي ۾، هتي هنڌين ماڳين نماز پڙهڻ لاءِ خاص جايون. باٿ روم، وضو خانا. هر طرف صفائي. فرش ايڏا صاف جو پٽ تي ڪنهن ڪپڙي يا وڇاڻي جي ضرورت ئي ڪونهي. هن ايئرپورٽ تي اهڙو انتظام آهي جو حجاج ۽ زائرين کي جهاز مان لهندي سڌو ٽرمينل بلڊنگ آندو وڃي ٿو. جتي وزارت حج ۽ اوقاف جا ملازم سندن استقبال لاءِ موجود آهن. هن هوائي اڏي کي سعودي عرب جو دروازو سمجهيو وڃي ٿو.
حج ٽرمينل ۽ بين الاقوامي ايئرپورٽ جي وچ ۾ لڳو لڳ 160 چورس ميٽر جو هڪ پارڪ/ باغ آهي جيڪو ٻنهي کي هڪ رستي جي صورت ۾ ملائي ٿو. جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان هي هوائي اڏو دنيا جو سڀ کان وڏو ۽ سڀ کان وڌيڪ عمده، محفوظ مضبوط ۽ جديد تعميرات مان هڪ آهي.