بادل بابت احساس:
جهاز به هلندي ڪجهه پاسيرو ٿي بادلن سان ڪلها گسائڻ لڳو. مون شيشي واري دريء تي هٿ رکيو ته، جيڪڏهن بادل سخت ۽ مضبوط هوندا ته، ضرور دريء سان ٽڪرائيندي ڪجهه نه ڪجهه ٺڪاءُ يا کڙڪو محسوس ٿيندو. پر ائين ڪونه ٿيو. ڇو ته بادل حقيقت ۾ پاڻيء جا بخار آهن. جيئن اسان باهه ٻاريندا آهيون ته ان جو دونهون بورچي خاني مان ٻاهر نڪرڻ لڳندو آهي. بس ڪڪر به دونهين مثال آهن. خدا تعاليٰ پنهنجي قدرت ۽ حڪمت سبب کاري سمونڊ جي بخارن کي هوا جي ذريعي مٿي کڻي سمونڊ جي کاراڻ گڏيل بخارن کي فلٽر ڪري پاڻي ۾ بدلائي کاراڻ بدران مٺو ۽ ٿڌو صاف شفاف پاڻي بنائي هيٺ وڏ ڦڙو ڪري وسائي ٿو. جڏهن اهي مينهن جا ڦڙا سڪل ۽ مئل زمين تي ڪرن ٿا ته اها جيئري ٿي پوي ٿي هاڻي جيڪو به فصل پوکيو، ٻج ڇٽيو ته هڪ داڻي جي عيوض سو داڻا اپت پئي ٿئي.
ساڳيو مينهن جو ڦڙو جيڪڏهن سامونڊي سپ جي وات ۾ وڃي ٿو ته صدين بعد اهو املهه ماڻڪ جو روپ وٺي سچو موتي بنجي يا ته بادشاهن جي تاج ۾ جڙيل نظر اچي ٿو يا ته حسينائن جي هينئن جو هار بنجي سندن سونهن ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏي ٿو. اهڙي طرح اهو ئي مينهن جو ڦڙو جيڪڏهن ڪومايل گل تي ڪري ٿو ته ٻهڪي پوي ٿو، جي پوٺن پڊن تي پوي ٿو ته، اتي ساوڪ ڦٽي ٿي ۽ پوءِ ائين لڳندو آهي ته ڄڻ ڌرتي بهار جي مست موسم ۾ خوشيء وچان سائي چادر اوڍي ڇڏي هجي. قدرت ڪيئن نه ڪائنات جي نظام کي ڪڪرن سان وابسته ڪري ڇڏيو آهي. قرآن شريف ۾ بار بار انهي قسم جا اشارا فڪر و تدبر، سوچ ۽ ويچار لاءِ موجود آهن.
بهرحال جهاز مٿانهين کان هيٺ لاهي ڏي رخ رکيو هو ۽ انهن بادلن جي ڄار مان گذري هيٺ آيو هو. پر پوءِ به زمين گهڻو هيٺ هئي. اسان جن بادلن مان گذريا هئاسون سي زمين جي فضائي حدود کان گهڻو مٿي هئا. ڇوته، انهن بادلن کانپوءِ به هيٺ زمين جي ويجهي وارا بادل ڏسجي رهيا هئا ۽ ان سان گڏ سعوديه جي ريتيلي سر زمين به ڏسڻ ۾ اچي رهي هئي. ڪجهه منٽ هلي جهاز هيٺ لهندي لوڏا کائي رهيو هو ۽ اسان کي چيلهه پٽا ٻڌا پيا هئا. جهاز جي ٻن ٽن لامارن کانپوءِ جده هوائي اڏو دريء مان ڏسڻ ۾ پئي آيو. جهاز جي لامارن ڏيڻ وقت هڪ زور دار جهٽڪو محسوس ڪيم. ايڏو ته گوڙ ٿيو جو، ڪن ٻوڙا ٿي ويا. اڃان اسان زمين کان ڪجهه مٿي هئڻ ڪري، جده جي مختلف روڊن ۽ شهري علائقن جو طائرانه نظارو ڪري رهيا هئاسون.