قضا آئي اوچتي:
انهن مبارڪبادي ملاقاتن دوران بابا سائين به اڪثر موجود رهندو هو. افسوس! جو سڄو ڏينهن ملاقاتي ماڻهن سان ملڻ سبب، فراغت نه ملڻ ڪري بابا سائين سان نويڪلائي ۾ ڪا تفصيلي ڪچهري نه ٿي سگهي. رڳو ايترو جو سمهڻي ڌاري گهر اچڻ ٿيندو هو جتي ٿوري گهڻي ساڻس ڪچهري ٿي سگهندي هئي. بس انهن ملاقاتن ۽ مبارڪن ۾ ٻارهن ڏينهن گذريا هئا ته، اوچتو ئي اوچتو عزرائيل قضا جي قلم سان لکيل اجل وارو امر الاهي کڻي پهتو، حضرت والد ماجد (مولوي عبدالرحمان شورو) 30 مئي 1997ع تي جمع جي فجر نماز مهل سجدي جي حالت ۾ اجل کي لبيڪ چئي دارالبقا ڏي راهي ٿي ويو. انا لله و انا اليھ راجعون.
هيڏي وڏي خوشي تي ٺڪ مٿان هيڏي وڏي حادثي جيڪو صدمو پهچايو سو منهنجي لاءِ قيامت کان گهٽ ڪو نه هو. رب جي توفيق ساٿ ڏيئي همت ۽ حوصلو پيدا نه ڪري ها ته، اهڙين صبر آزما گهڙين مان گذري، تسليم و رضا جو دامن پڪڙي پٽ پاراتي روڄ راڙي کان بچڻ مشڪل آهي. تنهن هوندي به انهي صدمه جي يادگيري جڏهن به ايندي آهي ته، جي جهوريو وجهي پوءِ مرحوم والد صاحب لاءِ مغفرت جي دعا گهري، انهي دلدوز صدمه کي ميٽڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.
حضرت والد صاحب جي وفات تي، حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري جيڪا تحريري تعزيت ڪئي هئي سا هتي حرف بحرف نقل ڪجي ٿي.
تعزيت نامو
مولوي محمد يامين صاحب!
انا لنغفل والايام في الطلب. (متنبي) ترجمو: اسان بلڪل ويسلا ويٺا آهيون ۽ زمانو اسان جي تلاش ۾ پويان پويان آهي.
افسوس! اڄ ڀلاري ڏينهن جمع کان مدرسه دارالهديٰ، مسڻ وڏي جي جامع مسجد جو هڪ مخلص ڪارڪن ۽ روحاني رفيق صوم و صلوات جو پابند، جمع نماز جي صف مان هڪ جاءِ خالي ڪري هليو ويو آهي. انا لله و انا اليھ راجعون.
اڃا ديار حبيب جي سفر جي مبارڪن جو سلسلو ختم ئي نه ٿيو هو ته، مٿان هي جا نڪاهه حادثو رونما ٿي ويو.
مرحوم کي رب پاڪ جنت نصيب ڪري جمع ڏينهن وفات جو ثواب عطا ڪري ۽ پس ماندن کي صبر جميل جي توفيق عطا فرمائي. آمين.
آسمان تيري لحد پر شبنم افشاني ڪري.
فقط
جمع 22 محرم 1418هه سندس هڪ جهونو رفيق ”عبد“
موتمار حادثن ۽ دردناڪ واقعن جو دل تي ڪجهه وقت لاءِ اثر ته رهي ٿو پر ويسارو نيٺ اهي غم ڏک ميساريو ڇڏي.
هي حقيقت آهي ته، جيئن حافظو خدا جي نعمت آهي تيئن ويسارو به قدرت جي نعمت آهي.
ڇو ته، جيڪڏهن اهڙا دل ڏاريندڙ حادثا پيش اچن ۽ انهن جو صدمو انساني حافظي ۾ هر وقت موجود رهي ها ته پوءِ انسان ته دنيا ۾ نه هلي سگهي ها، نه ڪي دنيا جا ڌنڌا ڪاروبار ڪري سگهي ها. سو ته هر وقت انهن ڏکن ۾ پيو ڏري ۽ ڳڻتين ۾ پيو ڳري ها. پر ويساري سبب اهي سڀ ڏک درد کيس وسريو وڃن ۽ هو وري تازو توانو، نوبنو ٿي، “ڪان لم يڪن شيئا” (ڄڻڪ ڪجهه ٿيو ئي ڪو نه هو) وري پنهنجي ڪرت ۾ لڳيو وڃي.
تڏهن ته مرزا غالب چيو هو ته،
یاد ماضی عذاب ہے یا رب!
چھین لے مجھ سے حافظہ میرا۔
)نوٽ: والد صاحب جي زندگي بابت تفصيلي مضمون ماهوار الفاروق ڪراچي بابت ماه جمادي الثاني 1419هه مطابق آڪٽوبر 1998ع ۾ ڇپيو هو.
اهڙي طرح ماهوار الصادق ڪراچي ۾ به ڀرپور تاٿرات شايع ٿيا هئا.(
سفر نامي جي پڄاڻي هن دعا سان ٿا ڪريون ته، شال رب سائين اسان سڀني کي حج ۽ عمره جي بار بار سعادت ۽ روضھ اطهر جي زيارت نصيب ڪرڻ سان گڏ، اها ڪمائي قبول فرمائي، اسان لاءِ آخرت جو سمر بنائي. آمين ثم آمين.
وصلي الله تعاليٰ عليٰ خير خلقھ محمد و آلھ و اصحابھ و اهل بيتھ و اتباعھ اجمعين و سلام علي المرسلين. والحمدلله رب العالمين. آمين برحمتڪ يا ارحم الراحمين.