مديني ۾ اچڻ تي سندن استقبال:
اسان مٿي لکي آيا آهيون ته، سيد المرسلين ﷺ قبا ۾ چار ڏينهن رهي مسجد جو بنياد رکي پوءِ 12 ربيع الاول جمع ڏينهن مديني (يثرب) ڏانهن روانگي جو ارادو ظاهر فرمايو ته قبا جا رهاڪو خاص ڪري بني عمرو بن عوف قبيلي جا عرض ڪرڻ لڳا ته، اي الله جا رسول! ڇا اسان کان تنگ ٿي نڪرڻ چاهيو ٿا. يا اسان جي جاءِ کان به وڌيڪ بهتر جڳهه جي تلاش ۾ نڪرو ٿا. مهرباني فرمائي اسان جي ڳوٺ مان روانا نه ٿيو بلڪه اسان جو عرض آهي ته هتي ئي رهي پئو.
اسان هر طرح جي خدمت لاءِ حاضر آهيون. پاڻ سڳورن وراڻيو ته، مون کي اهڙي بستي ۾ رهڻ جو حڪم ٿيو آهي جيڪا سمورين کي کائي ويندي (يعني پنهنجي اندر سمائي ڇڏيندي) انهي ڪري منهنجي ڏاچي جو رستو نه روڪيو ڇو ته، اها الله جي حڪم سان هلي ٿي ۽ انهي جي ئي حڪم سان بيهي ٿي.
مديني (يثرب) ڏي پاڻ سڳورن جي روانگي جو اطلاع اتي جي رهاڪو انصار صحابه جهڙوڪ: حضرت ابو ايوب انصاري ۽ ٻين کي ٿيو ته، اهي سڀئي اهڙو اطلاع ملندي ئي سائين جن جي استقبال لاءِ آتا، واٽون واجهائي، نيڻ وڇائي اچڻ لاءِ اوسيئڙي ۾ هئا. هيڏانهن پاڻ سڳورا ﷺ جيئن ئي ٻپهرن جي وقت بنو سالم ڳوٺ وٽ پهتا ته، جمعي نماز جي فرض هجڻ جو حڪم نازل ٿيو ته، پاڻ اتي ئي سو ماڻهن جي امامت ڪندي جمعو نماز پڙهايائون. انهي پهرين جمع پڙهڻ واري جاءِ کي اڄڪلهه “مسجد جمعھ” جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو ڇو ته يادگار خاطر انهي جاءِ تي مسجد جوڙائي وئي. جمعي نماز جي ادائگي کانپوءِ پاڻ ڪريمن سندن ڏاچي قصويٰ تي سوار هئا ته، ساڻن گڏ اصحاب سڳورا ڪي سوار ته ڪي پيادا مگر مسلح (هٿياربند) هئا. ڏاچي مزي مزي سان وکون واريندي هلي رهي هئي. حضرت ابوبڪر صديق رڪيبدان ته اصحاب سڳورا همسفر. هي قدوسي قافلو جنهن ويل وڃي رهيو هو ته، ان وقت فضا خدا جي حمد و ثنا، پالڻهار جي وڏائي ۽ هيڪڙائي جي نعرن سان گونجي رهي هئي. ننڍا وڏا، ٻار ٻڍا نبوي چهري جي نورانيت ڀري تجلي جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ بيتاب ٿيا بيٺا هئا. پاڻ ڪريم، مديني منوره جي ڏاکڻي پاسي کان شهر ۾ داخل ٿيا. اهو ڏسي يهودين جي عالمن توريت کوليو ته، انهي ۾ نبي آخرالزمان حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ٻين نشانين سان گڏ هي به نشاني هئي ته، “خداوند ڏکڻ کان، جيڪو پاڪ آهي، سو ڪوههِ فاران مان ظاهر ٿيو (بائبل ۾ مڪي جو نالو فاران لکيل آهي) انهي جي دٻدٻي سان آباد ٿي (ڀرجي) وئي.” مردن کان علاوه عورتون به گهرن جي ڇتين تي چڙهي ٻنهي جهانن جي سردا رجي “جشن آمد” جو روح پرور نظارو ڪري رهيون هيون. وري انصارن جون معصوم نياڻيون پنهنجي ٻاراڻي پاڪيزه لهجي ۾ هي مرحبائي گيت ڳائي رهيون هيو ته:
نحن جوار من بني النجار،
يا حبذا محمد من جار.
اسين بني نجار قبيلي جون نياڻيون آهيون، واهه واهه! محمد اسان جو ڪهڙو نه ڀلو پاڙيسري آهي.
اصحاب سڳورا انهي ڏينهن جو پنهنجي ڪچهرين ۾ ذڪر ڪندي فرمائيندا هئا ته، اسان جي زندگي ۾ خوشي جو اهڙو ڏينهن وري نه آيو. انهي ڏينهن جمال مصطفيٰ سان مديني جي هر شئي بکندي ۽ ٻهڪندي نظر پئي آئي. سبحان الله!
هر هڪ جي آرزو هئي ته، ٻنهي جهانن جو سردار سندس مهمان ٿي کيس ميزباني جو شرف بخشي. انهي ڪري هر هڪ دل سان آڇ ٿي ڪئي ته، سائين! هي گهر، هي در، هي مال هي زر، هي ساهه هي سر اوهان جي قدمن ۾ حاضر آهي پر پاڻ هر ڪنهن کي هيئن ٿي وراڻيائون ته، منهنجي ڏاچي کي اڳيان اچي مهار نه جهليو. اها الله جي حڪم سان هلي رهي آهي جتي ويهندي سا اسان جي منزل آهي. پاڻ انهن سڀني آرزومندن کي دعائون ڏيندا اڳتي وڌندا رهيا. تان جو قصويٰ ڏاچي جا قدم انهي جاءِ تي اچي رڪيا جتي هاڻي مسجد آهي. اتي ڏاچي ويهي پنهنجو ڪنڌ کڻي پٽ تي رکيو. ڏاچي جي ويهڻ واري اها جاءِ ٻن يتيم ڀائرن سهل ۽ سهيل جي ملڪيت هئي، جتي کجين جو کرو به هو ته، اٺن جي جهوڪ سان گڏ ڪي کجي جا وڻ ۽ ڪجهه قبرون به هيون.