مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

مقدس آثارن بابت:

مقدس آثارن بابت:
مديني منوره ۾ هلندي ڦرندي ڪٿي به ڪي مقدس يادگار ۽ پاڻ ڪريمن جي سونهري دور جا آثار باقي ناهن. انهن کي شرڪ ۽ بدعت جي آڙ ۾ ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي. حالانڪ انهن آثارن سان ته مدني دور جي مقدس تاريخ وابسته آهي. ڀلا جيڪڏهن شرڪ ۽ بدعت جو ئي خدشو هو ته، انهي شرڪ جي روڪ ٿام لاءِ مناسب انتظام ٿي پئي سگهيو. انهن يادگار آثارن تي غير شرعي ڪمن، پوڄا پاٺ، نذر نياز، پڙ وغيره کي روڪڻ لاءِ ملازمن ۽ خادمن ذريعي ڪڙي نگراني رکجي پئي سگهي پوءِ آخر انهن يادگارن کي ڊاهڻ، مليا ميٽ ڪرڻ سان توحيد کي ڪهڙي تقويت ملي؟
پر جي اهي يادگار نشاني طور باقي ۽ محفوظ رکجن ها ته، ان سان توحيد تي ڪهڙي داغ لڳڻ جو خطرو هو؟ افسوس! اڄ اسان انهن عربن جي ڳولا ۾ مديني جي گهٽي گهٽي مان گذرندا، انهن کي سڪندي واٽن تي واجهايون ٿا پر اهي عظيم عرب جيڪي نه رڳو اسان جي سونهري اسلامي تاريخ جا هيرا هئا بلڪ انهن هستين جي ذڪر کانسواءِ اسان جي تاريخ جو ڪو به ورق، تارخ سڏي نه ٿو سگهجي، سي عظيم عرب مديني جي دردر جي مٽي ڇاڻيندي. توڙان توڙ تلاش ڪندي به نه ٿا لڀن. صد افسوس!! اهي نه رڳو عربن جا پر سموري انسانذات جا مايه ناز، قابل فخر اعليٰ انسان پنهنجو وارو وڄائي وڃي جنت البقيع ۾ آسودا ٿيا. انا لله وانا اليھ راجعون.
هاڻوڪن عربن جي عربيت فقط لباس تائين وڃي رهي آهي. شايد اهو عربي لباس عبا، عقال ۽ ثوب وغيره به هتي ٿا پائن، پر جڏهن عيش عشرت خاطر يورپ جو رخ ڪن ٿا ته اهو به اتي ڇڏيو ٿا وڃن. يورپ ۾ پهچڻ تي عرب ۽ انگريز ۾ ڪو به فرق نظر نه ايندو. پڪ سان عربن ۽ عجمين جي سردار ٻاجهن ڀرئي رسول ﷺوٽ سندن هم زبان امت (عربن) جا اهي افعال ۽ احوال ضرور پهتل هوندا، جيتوڻيڪ اسان جو حال انهن کان به ابتر آهي، پر مديني جي رهاڪو هجڻ جي حيثيت سان هنن عربن تي وڌيڪ ذميداري عائد ٿئي ٿي.
عجب آهي ته، عرب توحيد جي جذبي ۾ هڪ پاسي ته، مدني دور ويندي خيرالقرون جي سڀني آثارن کي شرڪ جي ڊپ کان ڊاهي ڍير ڪري ڇڏين ٿا پر ٻئي پاسي پاڻ ته غيرن جا غلام، يهودين عيسائين جا ٻانهن ٻڌا نوڪر، يس مين ٿيا بيٺا آهن! ڇا توحيد اهو سبق سيکاري ٿي؟ مڃون ٿا ته، ڪنهن شئي جي جاهلاڻي احترام ۽ تقدس جي پردي ۾ شرڪ جنم وٺي ٿو، پر خود عربن جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ معاشي حالت جو تنقيدي جائزو وٺبو ته، هڪ ئي رندي سان سندن توحيد جي قلعي کلي پوندي ۽ اندران ته، شرڪ ئي شرڪ پڌرو ٿي پوندو!!
ڇا هي حقيقت ناهي ته، عرب خدا ۽ رسول ﷺجي اصلي تعليم وساري، ان کي خيرباد چئي ڪي وڃي برطانيه جي سياسي چڪرن تي چڙهيا ۽ انهن جي ياري تي فخر ڪرڻ لڳا ته ڪي فرانس جي ڦندي ۾ ڦاٿا، ته وري ڪن امريڪا جي رفاقت ۾ راحت محسوس ڪئي ته ڪي روس سان گڏجي روسياه ٿي ڪامريڊي کي ڪلهو ڏيئي سڀ ڪي وڃائي ويٺا نه رهيو ايمان نه اسلام؟
نه خدا هي ملا نه وصال صنم،
نه اڌر ڪي رهي نه اڌر ڪي رهي.
هي شرڪ جو نه پر عشق جو مسئلو آهي. سعودي حڪومت شرڪ کي ته ڊاٺو پر جن آثارن سان عشق واڳيل هو تن جو به خون ڪري ڇڏيو. حقيقت جي نظر سان ڏسبو ته، انهن مقدس آثارن، ماڳن مڪانن جو عقيده سان نه پر تاريخ ۽ تهذيب سان تعلق آهي. اهي ماڳ مڪان شاندار ماضي جي تاريخ جا باب آهن. اهي انهي لحاظ سان باقي رهڻ کپن ها. اهي آثار ته خود اسان لاءِ علم جو ذريعو آهن. ڇو ته، علم جن وسيلن سان حاصل ٿئي ٿو تن وسيلن ۾ وحي کانپوءِ آثار القدماء (آڳاٽين هستين جا آثار) جو نمبر اچي ٿو. اهي ئي ته، آڳاٽن ماڻهن جا يادگار آثار آهن جن کي ڏسڻ، هٿ ڪرڻ ۽ انهن مان سبق پرائڻ لاءِ قرآن شريف “سير و افي الارض” جو حڪم ڪري بار بار توجهه ڏياريو آهي ۽ اها ئي ته تاريخ آهي جنهن کي قرآن شريف “ايام الله” جي نالي سان سڏيو آهي. خدا جي ڌرتي تي گهمي ڦري اهڙن آثارن کي ڏسڻ سان ماضي جي تاريخ کي زنده رکي سگهجي ٿو ۽ پنهنجي عقيده ۾ پختگي پيدا ڪري سگهجي ٿي. ڀلا جي آثارن کي ڊاهڻ کانسواءِ ٻي ڪا گنجائش ڪانهي ته، ڪعبت الله، مسجد نبوي به ته آثار آهن! صفا مروه، مزدلفه، منيٰ، جمرات، عرفات وغيره به ته آثار آهن!!
اتي جيڪي ادا ڪجي ٿو سي ريتون روايتون توڙي جو امر الاهي آهن پر وڏن جي طريقن جا يادگار ناهن ڇا؟ پوءِ ڀلا انهي عظيم پيغمبر جي جاءِ پيدائش، ان جي دعوت جا مرڪز، سفر جون منزلون، غار حرا، غار ثور، نزول وحي جا مقامات محفوظ ڇو نه ڪجن؟ اهي به ته انهن ئي عظيم انسانن جا يادگار آهن، جن تاريخ جا وهڪرا هميشه لاءِ موڙي ڇڏيا هئا. اهڙن صاحبِ عظمت انسانن جا آثار محفوظ نه ڪجن، باقي پنهنجي هٿرادو تاريخ ۽ ڪارنامن کي محفوظ رکڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪجي!! برين عقل و دانش ببايد گريست.
سعودي حڪومت خلافت راشده ته ڪونهي جو انهي جو هر عمل سنت ۾ شمار ٿئي بلڪه اها اڄڪلهه جي بادشاهت آهي جنهن جي اسلام ۾ ڪا به گنجائش ڪونهي.
بادشاهت قيصر ۽ ڪسريٰ جي يادگار آهي، پوءِ کڻي انهي کي اسلام جو پٽڪو ٻڌايو ويو آهي. شهنشاهيت اسلام جي فڪري پروگرام جي بلڪل مخالف آهي.
بهرحال اسان جي نظر ۾ آثارن کي ميٽائڻ پنهنجي تاريخ جا مينار ڊاهڻ برابر آهن، ڇو ته، شريعت جا حڪم انساني سماج، رياست ۽ حڪومت لاءِ آهن، آثارن کي ميساري انهن جو نالو نشان گم ڪرڻ لاءِ ناهن.