مديني کان واپسي:
اڄ خميس 9 محرم 1418هه مطابق 15 مئي 1997ع تي اسان جي مديني کان روانگي جو ڏينهن آهي. ڇو ته 16 مئي تي صبح 4 وڳي ڌاري اسان کي جده کان ڪراچي بذريعه هوائي جهاز واپس وطن روانو ٿيڻو آهي. انهي واپسي جي تياري خاطر اسان جي هڪ ٻن ساٿين به ٻن ٽن ڏينهن کان پنهنجي مٽن مائٽن، دوستن يارن، ننڍرن توڙي وڏڙن لاءِ تحفا ۽ سوکڙيون خريد ڪرڻ شروع ڪيون آهن.
ايترو ته سامان ورتو اٿن جو هنن جي کڻڻ کان ته مٿي پر جهازوارن جي مقرر ڪيل وزن کان به مٿي. حالانڪه مون چيو مانِ ته، ڀلا ڪپڙن جا تاڪيا، بريف ڪيس، گهڙيال، واچون، منياري جو سامان، رڌ پچاء ۾ ڪم ايندڙ سامان، رومال، ٽوپيون، تسبيحون ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ کوڙ پيون ملن پوءِ ڇو ٿا ايڏو بار کڻو، پاڻ به پريشان، ته ساٿين کي به پريشان ڪيو.
وڌيڪ چيو مانِ ته، اهي سڀ شيون هتي جون ٺهيل ته ڪونهي جو کڻي چئجي ته مديني ۾ ٺهيون آهن. وراڻيائون ته واقعي اهي شيون چين، جاپان ۽ يورپ ۾ ٺهيون آهن. پر پوءِ به مديني ۾ پهچڻ تي انهن کي مديني جي هوا ته لڳي آهي!
مون کي عجب ٿيو ته، اسان جو هڪ ساٿي پنهنجي پوٽن ۽ ڏوهٽن لاءِ رانديڪا ۽ جهنجهڻا به وٺي اچي بريف ڪيس ۾ ڀرڻ لڳو هو. دوستن کي چيم ته، هتان ايمان جي دولت کڻي هلو. ڇو ته، اهو پاڪستان ۾ ملڻ مشڪل آهي. باقي اهڙو سامان ته جتي ڪٿي پيو ملي. بقول شاهه ته،
وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي،
ويچيندي ولات ۾ ذرو ٿئي نه ضاءِ،
سا ڪا هڙ هلاءِ، آڳهه جنهن جي اُبهين.
وطن واپسي جو وقت ويجهو ايندي به، دل ۾ انهي لاءِ ڪي اُڪير ڀريا اُڌما محسوس نه ٿي ٿيا. شايد رحمت للعالمين جي پاڙي ۾ رهندي ويڳاڻپ جو احساس ئي ختم ٿي ويو هو. اهو احساس به ان وقت ٿيندو آهي جڏهن ماڻهو پاڻ کي نڌڻڪو، لاوارث، لاوطن ۽ بي سهارا محسوس ڪندو آهي. پر هتي ته، ڌڻي به اهڙو هو جنهن جا قدم عرش ۽ ڪرسي تي گهميا هجن ۽ کيس شافع محشر هجڻ جو شرف اڳواٽ عنايت ٿيل هجي. ڀلا انهي کان وڌيڪ ٻيو ڪو وارث ۽ ٻيو ڪو سهارو؟ وري مديني جهڙي ڌرتي ۽ مديني جهڙو ديس، ڀلا دنيا ۾ ڪو ٻيو آهي؟ آئون ڪنهن شاعر جي زباني ته هيئن چوندس:
اگر فردوس بر روءِ زمين است،
همين است، و همين است، وهمين است.
(جيڪڏهن زمين تي جنت الفردوس آهي ته بس اهو ئي آهي، اهو ئي آهي، اهو ئي آهي)
دوستن سان گڏجي روضھ رسول ﷺتي موڪلاڻي لاءِ حاضر ٿي مواجهه شريف آڏو جسم جو ذرو ذرو زبان بنجي هي عرض ڪري رهيو هو ته:
الصلواة والسلام عليڪ يا رسول الله.
الصلواة والسلام عليڪ يا حبيب الله،
الصلواة والسلام عليڪ يا نبي الله.
ٻه قدم اڳتي وڌي حضرت ابو بڪر صديق ۽ حضرت عمر فاروق رضي الله عنهما تي سلام چئي دعا گهريم. درود ۽ سلام جي زباني هديھ عقيدت پيش ڪري، آئنده وري حاضر ٿيڻ جي توفيق گهري، انهي اميد تي الوداع چيم، باقي دل جيڪو هديھ عقيدت بحضور سرور ڪائنات ﷺ پيش ڪيو سو ته، دل جي ئي ڦرهي تي اُڪريل آهي. قلم، دل جون اهي ڪيفيتون قلمبند ڪرڻ کان قاصر آهي. شل بارگاهه رسالت ۾ مون گنهگار امتي جو اهو خلوص ڀريو درود ۽ سلام قبول ٿي آخرت ۾ شفاعت جو باعث بنجي. آمين. مون پنهنجي گهران آندل سامان تي، هتان وڃڻ وقت جيڪو واڌارو ڪيوسو هو 22 ڪلو کجور. 20 ڪلو زمزم، سوا سير سرمون ۽ بس. حج کان واپسي تي مون اها ئي خريداري ڪئي، اهو ئي سامان ورتم. باقي الله الله، خير صلاح.
اسان سڀ ساٿي سامان ٻڌي تيار ٿي معلم جي مڪتب تائين پهتاسون. جتي بسون اڳيئي تيار بيٺيون هيون. پنهنجي بس هٿ ڪري سامان رکي ويٺاسون.
حج تي اچڻ وقت، جڏهن اسان پهريون ڀيرو جده ايئرپورٽ تي لهي معلم جي ڏنل بس ۾ مڪي روانا ٿيا هئاسون ته، اها بس شرڪة الجزيره لنقل الحجاج (حاجي کڻندڙ الجزيره ڪمپني) جي هئي. اها بس 49 سيٽن واري ايئرڪنڊيشن هئي. هينئر وري شرڪة المغربي (مراڪشي ڪمپني) جي بس ملي هئي. جنهن ۾ 48 سيٽون هيون.
ساڍي ٻارهين وڳي ڏينهن جو بس مديني کان جده لاءِ رواني ٿي. بس جي رواني ٿيڻ تي اسان ڄڻ مديني جي مير ﷺکان دعائون وٺندا واپس وڃي رهيا هئاسون ۽ بظاهر مديني کان موڪلائي رهيا هئاسون. تيز رفتار بس جلد ئي مديني جي شهر مان نڪري ٻاهر جده واري مين روڊ تي ڊوڙڻ لڳي هئي ۽ اسان جي گنهگار زبان، درود و سلام جا گل گنبذ خضرا جي مڪينﷺتان گهور ڪري رهي هئي. ميل کن تائين ته اکيون الوداعي نگاهن سان مدينه شهر تي کتل رهيون ۽ پوءِ تيز رفتار بس گهڙي پل ۾ جسماني اکين کان مدينه جو پري کان پسارو اوجهل ڪري ڇڏيو ته دل ۾ نقش ٿيل مدينه جو منظر سامهون آيو ۽ زبان پنهنجا سلام پيش ڪندي نماڻائي سان اچاريو هو ته:
اي شهرن جا شهنشاهه! توتي سلام!!
اي پياري نبي جا پيارا شهر!
اي انسانيت جا آسرا!
اي نيري اُڀ هيٺ پوري جڳ جي پناهه! توتي سلام!
اي مدينة النبي!
تون ته خدائي فيض ۽ انعامات الاهي جو اڻ کٽ خزانو آهين. تون ته رحمتن ۽ برڪتن سان مالا مال آهين، پنهنجي فيض مان ڪو ڦڙو هن فقير کي به عنايت ڪر!
اي ڪائانت جا روح!
تون ته سڄي جڳ جهان جو ساهه آهين.
صبح ۽ شام، رات ۽ ڏينهن جي هر پل هر ساعت،
نوراني ملائڪ عرش کان اچي تنهنجي فرش تي،
درود ۽ سلام جا تحفا پيش ڪن ٿا.
اي اکين جا ٺار توتي سلام!
تون ته، ٻنهي جهانن جي سردار کي جي ۾ جايون ڏيئي هميشھ لاءِ پنهنجي هنج ۾ سمهاري،
بهشت کان به اول سرسي کڻي وئين،
اي شهرن جا شهنشاهه توتي سلام،
اي انسانيت جا آسرا توتي سلام،
اي پياري نبي جا پيارا شهر توتي سلام.
اي روحاني دنيا جا جنت الفردوس! توتي لک سلام.
اللهم صل عليٰ محمد و عليٰ آل محمد ڪما صليت عليٰ ابراهيم و عليٰ آل ابراهيم انڪ حميد مجيد.
اللهم بارڪ عليٰ محمد و عليٰ آل محمد ڪما بارڪت عليٰ ابراهيم و عليٰ آل ابراهيم انڪ حميد مجيد.
بس ۾ ويٺل ماڻهن تي نظر وڌم ته، ٽي سنڌي اسان گروپ وارا هئاسون ته اسان کان اڳين سيٽ تي ويٺل همراهه سنڌي پئي لڳو. جنهن سان گڏ ڪا مائي به ويٺل هئي. شايد سندس زال هجي. واٽ تي روڊ جي ڀر ۾ ڪنهن هوٽل وٽ بس اچي بيٺي ته سڀئي لٿاسون، جتي ماني کاڌي سون ۽ اڳين جي نماز به پڙهي سون. اتي انهي همراهه کان ڪير، ڪٿي جو آهين؟ پڇيم ته، وراڻيائين منهنجو نالو محمد موسيٰ لغاري، ڳوٺ دولت لغاري لڳ ميرپورخاص. چيو مانس ته سائين صاحب خان سڃاڻين؟ ته چيائين اهو ته، اسان جو مائٽ به آهي ته استاد به، چيومانس ته، توهان جو استاد هو ته منهنجو به استاد هو. پوءِ ته وري نوان سوان ڀاڪر پائي سڃاڻو ٿي ملياسون. مون کان به پڇيائين ته، پنهنجو نالو ٻڌائي، مسڻ وڏي ۽ مولانا محمد اسماعيل لغاري ۽ مولانا عبدالڪريم لغاري سان شاگردي جي نسبت جو ذڪر ڪيم، پوءِ ته، بهار بهار ٿي ويو. مطلب ته بس ۾ فقط اهي چار پنج سنڌي هئاسون باقي ٻيا اردو، پنجابي ۽ سرائيڪي هئا. بس جو ڊرائيور مصري عرب هو. تنهن کي يا ته عربي گانن ٻڌڻ جي ٻاڙ لڳي هئي يا ڪا ننڊ هيس جا اکوڙڻ ٿي چاهيائين. سو ڪيسٽ لڳائي وڄائڻ شروع ڪيائين ته بس ۾ ويٺل ماڻهن ڪن اردو ۾ نهين، نهين، ته ڪن انگريزي ۾ نو نو، ته ڪن عربي ۾ لا، لا، ڪندي ڊرائيور کي ڪيسٽ بند ڪرڻ جو اشارو ڪيو ته پوءِ اهو ويچارو وڏي آواز سان درود پڙهڻ شروع ٿيو. اڳتي هلي ڊرائيور سندس ڀر ۾ ويٺل ماڻهن کي چوڻ لڳو ته، بخشيش! بخشيش!! يعني ته، آئون مولائي آهيان مون کي ڪا خرچي ڪرايو.حالانڪه ڊرائيور سيٽ جي سامهون بس ۾ لڳل تختي تي لکيل هو ته، “ڪو به حاجي، ٽرانسپوٽ جي ڪنهن به ملازم کي خرچي وغيره نه ڏئي، ڇو ته ڪمپني انهن کي مڪمل پگهار ۽ الائونس ڏئي ٿي.” عربي انگريزي ۾ اهڙا بورڊ پڙهي به ويٺل ماڻهن هڪ ٻئي کان 2_2 ۽ 4_4 ريال وٺي گڏ ڪري مصري ڊرائيور کي ڏنا.
جده مين روڊ تي ٽريفڪ پوليس پاران بورڊ لڳل هئا جن تي وڏن اکرن ۾ الله اڪبر، الحمدلله، سبحان الله، استعفرالله، بسم الله، السرعة قاتلھ (تيز رفتاري موت آهي) لکيل هو.
روڊ جي نه رڳو آسپاس پر ميلن تائين غير آباد ريگستان ۽ ننڍا وڏا جبل هئا. ڪا به آبادي، پوک، ڪو به ڳوٺ، يا ڍور ڍڳا، اٺ ٻڪريون ۽ رڍون، يا ڪو هڪ ٻه اٺ چرندا نظر آيا، ڪٿي ڪٿي پري کان تنبو جهڙا پڪا گهر ڏٺا سون جن جي اڳيان ڪارون ڊاٽسنون بيٺل هيون. سعوديه جو اڪثر علائقو غيرآباد، ۽ کيڙي پوکي جي لائق ناهي. اسان کي ته روڊ جي ٻنهي پاسي پري پري تائين جابلو علائقو هموار نظر نه آيو بلڪه اهو وڏين وڏين ڇپن سان سٿيل هو، آڏيون پاسيريون ڇپون ائين پيل هيون. ڄڻ ڪوهين ميل پکڙيل جابلو ميدان ۾ ڪنهن وڏي گوبل هر سان کيڙي ڪري جبل اکوڙي ۽ اڍوڙي ڇڏيو هجي. ممڪن آهي جتان جده روڊ گذري رهيو هو انهي پاسي شايد ڪوهستان هموار ڪو نه هو.
بس جو ڊرائيور خبر ناهي ته اوجاڳن جو ماريل هو، يا ڪو خمار هئس جو هلندي ڪٿي به ڪا وڏي جاءِ، هوٽل ٿي ڏٺائين ته، بس بيهاري پاڻ وڃي ڪنهن ٿلهي تي يا ڪنهن وڇايل گلم وغيره تي سمهي ٿي رهيو ۽ اسان کي چيائين ته، سيروفي الارض، ڪلوا واشربوا (گهمو ڦرو، کائو پيئو) بس ۾ ويٺل ڪي حاجي سڳورا واقعي به گهمڻ ڦرڻ جا شوقين هئا سي هيڏانهن هوڏانهن چڪر هڻڻ وڃن ته، ڪي وري شڪايت ڪن ته، جيڪڏهن اها رفتار رهي ته، پاڻ وقت تي جده به پهچي نه سگهنداسون. واقعي ٿيو به ائين جو سج لٿي ڌاري اچي جده ايئرپورٽ جي حج ٽرمينل تي پهتاسون. سامان لاهي، هڪ پاسي ٿي سانجهي نماز ادا ڪئي سون. خدا جا شان! حج دوران اچڻ وقت جده ۾ سانجهي نماز به مون پڙهائي هئي ته، هينئر به سانجهي جي امامت مون ڪرائي. نماز کان فارغ ٿي اسان جو دوست جاويد هزاروي ٽڪيٽ اوڪي ڪرائڻ لاءِ پي آءِ اي جي آفيس ڏي ويو. ٿوري دير کان پوءِ واپس اچي ٻڌايائين ته پاڻ کي رواني ٿيڻ جي وقت کان 12 ڪلاڪ اڳ پهچڻو هو. پاڻ ته ٻه ڪلاڪ ليٽ ٿي وياسون، انهي ڪري پنهنجا هي ٽڪيٽ ڪينسل ٿي ويا آهن.
هاڻي وري صبح سوير وڃي آفيس وارن کي چئبو، ٽڪيٽ ڪينسل ٿيڻ تي ارمان ٿيو. جيڪڏهن مقرر وقت تي روانگي ٿئي ها ته بهتر هو، پر جي ائين نه ٿيو ته، انهي ۾ به قدرت جي حڪمت هوندي. سمهڻي نماز پڙهي ماني کائي گهڙي ساعت ڪچهري ڪري سڀاڻي جا ڪم سڀاڻي تي ڇڏي سمهي پياسون.