هڪ بزرگ ۽ ڪتي جي ڳالهه:
طالبي واري دور ۾عربي ادب جي ڪتاب نفحت اليمن ۾ هڪ جاءِ تي پڙهيو هو سون ته، ڪو بزرگ ڪنهن جبل جي چوٽي تي پنهنجي جهوپڙي اڏي رهڻ لڳو ۽ اتي اڪيلو رهي سڄي دنيا کان ڪٽجي رات ڏينهن عبادت ۾ مصروف رهندو هو. الله تعاليٰ انهي جي رزق روزي جو بندوبست پنهنجي قدرت سان ڪري ڇڏيو جو کيس پتو به نه پوندو هو ته، اها روزي ڪٿان آئي ۽ ڪير کڻي آيو. هڪ دفعي الله تعاليٰ کيس آزمائڻ گهريو ته، انهي غيبي رزق جو سلسلو بند ٿي ويو. لڳاتار ٽي ڏينهن ٽي راتيون بک ۽ اڃ ۾ رهي، اهو بزرگ بنهه بي حال ٿي ويو. جيئن چوندا آهن ته، “بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري.”
هاڻي منجهس ڪابه سگهه نه رهي، بلڪه موت جو خوف ٿي پيس. مجبوراً جبل جي چوٽي تان هيٺ لهي ڀر واري ڳوٺ جي ڪنهن گهران ماني گهريائين، جتان کيس ٽي مانيون مليون. جڏهن اهو بزرگ مانيون کڻي واپس جبل جي چوٽي ڏانهن ورڻ لڳو ته، انهي گهر جو ڪتو سندس پيڇو ڪري کيس ڏاڙهڻ لڳو. بزرگ ڪتي مان جان ڇڏائڻ لاءِ ٽن مانين مان هڪ ماني ڪتي کي اڇلائي ڏني ۽ پاڻ جبل ڏانهن وڌڻ لڳو. ڪجهه وکون هليو ته، ڪتي اها ماني پوري ڪري وري بزرگ جو پيڇو ڪيو ۽ ڏاڙهڻ لڳو ته وري ٻي ماني به ڪتي کي اڇلائي ڏنائين. جڏهن ڪتي اها به کائي ورتي ته وري بزرگ جو پيڇو ڪيو ۽ ڏاڙهڻ لڳو تنهن تي ٽين ماني به اڇلي ڏنائينس. ڪتو اها ٽين ماني به کائي وري اچي بزرگ کي ڏاڙهڻ لڳو. تنهن تي بزرگ خفا ٿي ڪتي کي ڦٽڪار ڪندي چيو ته، وڏو ڪمينو آهين! مون تنهنجي مالڪ وٽان جيڪي مانيون آنديون سي ته، توکي اڇلائي ڏنم، ٻيو ڪهڙو خزانو کڻي آيو آهيان جو تون اڃان به مون کي ڏاڙهڻ آيو آهين؟ الله تعاليٰ ڪتي کي ڳالهائڻ جي سگهه ڏني جنهن چيو ته، فقير! ڪمينو تون آهين يا آئون؟ بزرگ حيرت مان پڇيو ته، ڀلا ڪيئن؟ ڪتي چيو ته، ڏس! تنهنجو به مالڪ آهي ته منهنجو به هڪ مالڪ آهي. منهنجو مالڪ جيڪڏهن مون کي ٽڪر ڀور ڏئي ٿو تڏهن به سندس گهر جي چوڪي ڏيان ٿو، پر جي نه ٿو ڏئي تڏهن به پنهنجي فرض ادائي ۾ ڪوتاهي نه ٿو ڪريان ۽ نه ڪي سندس در ڇڏي ڪنهن ٻئي جي در تي وڃي رهان ٿو. تنهنجي مالڪ هيترا سال توکي پئي کارايو پياريو، پر فقط ٽي ڏينهن آزمائش خاطر کائڻ پيئڻ بند ڪيو اٿس ته انهي جو در ڇڏي ٻين جي درن تي پيو ڌڪا کائين؟ بزرگ، ڪتي جي ڳالهه ٻڌي پشيمان ٿي چيو ته، واقعي آئون قصور وار آهيان. اهو هڪ تمثيلي واقعو آهي جنهن مان انسان ۽ حيوان جي حالت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.