حرم شريف ۾ پهريون جمعو:
مڪي شريف ۾ پهچڻ کانپوءِ پهرئين جمعي جي ڀلاري ڏينهن تي 10 وڳي ڌاري اچي حرم شريف جي تهه خانه ۾ ويٺس، ڇو ته سخت گرمي هئي انهي ڪري اسان عموماً اڳين ۽ وچين نماز حرم شريف جي تهه خانه ۾ وڃي پڙهندا هئاسون. دوستن يارن کي نشاني طور ٻڌائي ڇڏيو هو سون ته، باب فهد کان تهه خانه ڏي ويندڙ چاڙهين تان هيٺ لهي سامهون واري لائين جي هڪ سو سٺ (160) نمبر ٿنڀي وٽ اڳين ۽ وچين نماز مهل حاضر ٿبو. انهي ڪري اسان جڏهن به تهه خانه ۾ نماز يا تلاوت ذڪر تسبيح وغيره لاءِ وڃڻ چاهيندا هئاسون ته مذڪوره نشان ڪيل ٿنڀي وٽ وڃي ويهندا هئاسون. اپريل جي 11 تاريخ هئي. قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندي جڏهن ساڍا ٻارهن ٿيا ته جمعه جي اذان آئي. تلاوت ختم ڪري، سنت جون چار رڪعتون مس پوريون ڪيم ته، خطبي جي اذان ٻڌڻ ۾ آئي ۽ پوءِ امام ڪعبه خطبو ڏيڻ شروع ڪيو. عرب ملڪن يا هتي سعودي ۾ خطبي کي تقرير يا واعظ سمجهيو ويندو آهي هونئن به خطبه جي معنيٰ ماڻهن کي مخاطب ٿي ڳالهائڻ، خطاب ڪرڻ. اسان وٽ عربي ۾ خطبه پڙهڻ کان اڳ جيڪو مقامي ٻولي ۾ وعظ/ تقرير ڪرڻ جو رواج آهي تنهن جو مطلب هي آهي ته، اسان جا سنڌي ماڻهو عربي نه ٿا ڄاڻن، انهي ڪري انهن کي عربي واري خطبي مان هڪ ڳالهه به سمجهه ۾ نه ٿي اچي، تنهنڪري عربي ۾ خطبي جي سنت برقرار رکڻ سان گڏ الڳ سنڌي ۾ وعظ ڪيو وڃي ٿو. باقي هتي سعوديه ۾ ته اهو مسئلو ئي ڪونهي. ڇو ته اهي عرب آهن ۽ عربي خطبي کي چڱي طرح سمجهي سگهن ٿا. پوءِ انهن لاءِ عربي خطبي کان الڳ وعظ ڪبو ته اهو به لازمي طرح عربي ۾ ئي هوندو. اهڙي صورت ۾ غير ضروري ڊيگهه، ساڳي ڳالهين کي بار بار دهرائڻ سان نصيحت بجاءِ نفرت پيدا ٿيندي.
امام ڪعبه جي آواز مان شيخ عبد الرحمان سُدَيس معلوم ٿي رهيو هو، تنهن نهايت بهترين اديبانه انداز ۾عربي ۾ خطبو ڏنو. سندس تقرير (خطبي) جون ڏهه پوائنٽون/ نقطا لکڻ جهڙا هئا. پر بد قسمتي سان ان وقت مون وٽ قلم ۽ ڪاغذ به نه هئا. نه ته ضرور نوٽ ڪريان ها. انهي ڳالهه جو مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو. ٻيو ته، ٽيپ نه هئڻ سبب تقرير رڪارڊ به نه ڪري سگهيس، ڇو ته حرم شريف ۾ ٽيپ رڪارڊ کڻي وڃڻ تي قطعي بندش آهي. جيڪڏهن ڪو کڻي ايندو ته گيٽ ڪيپر کانئس ڦري پاڻ وٽ رکي ڇڏيندو.
امام صاحب پنهنجي تقرير ۾ حج جا ارڪان وضاحت سان بيان ڪيا ۽ ان سان گڏ حج جي فضيلت، اهميت، مسلمانن جي اتحاد، دنيا ۾ مسلمانن سان ٿيندڙ ظلمن جو ذڪر ڪيو ۽ آخر ۾ عالم اسلام جي ڀلائي ۽ بيت المقدس جي آزادي لاءِ دعا به گهري. جمعه ڏينهن هئڻ ڪري حرم شريف ۾ انتهائي رش هئي. ميلن تائين رڳو ماڻهو ئي ماڻهو نظر اچي رهيا هئا. مڪي شهر جا سڀئي روڊ رستا جيڪي حرم جي آسپاس هئا سي سڀ ماڻهن سان سٿيل هئا، ڄڻ ته ماڻهن جو سمونڊ اٿلي پيو هو. رش جو وڏو سبب هي به هو ته، حج جا ڏينهن بنهه ويجها اچي پهتا هئا، انهي ڪري ٻاهرين ملڪن ۽ آسپاس جي عرب رياستن جا ماڻهو به لکن جي تعداد ۾ ڏينهون ڏينهن مڪي شريف ۾ پهچي رهيا هئا. انهن سڀني ماڻهن جو هڪ هنڌ گڏجڻ يقيني طور تي ازدحام جو باعث بڻبو.
ماڻهن جي پيهه پيهان سبب اسان نماز کانپوءِ به اندر تهه خانه ۾ ويٺا رهياسون. ڪلاڪ ٻن کانپوءِ جڏهن رش گهٽجي وئي ته ٻاهر نڪري آياسون.