مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

عرفات ڏانهن روانگي:

عرفات ڏانهن روانگي:
ٻئي ڏينهن يعني اربع 9 ذوالحج مطابق 16 اپريل تي صبح سوير اٿي فجر نماز پڙهي سون. جيئن ته، 9 ذوالحج جي فجر نماز کان 13 ذوالحج جي وچين نماز تائين تشريق جون تڪبيرون هر مسلمان تي فرضي نماز کانپوءِ هڪ ڀيرو چوڻ واجب آهن، انهيڪري اسان پهرين تشريق جون تڪبيرون چوڻ شروع ڪيون ۽ پوءِ لبيڪ اللهم لبيڪ (تلبيه) پڙهيوسون. فراغت بعد پرائيويٽ ٽيڪسي ذريعي مڪي شريف کان 12 ميل اوڀر طرف عرفات جي ميدان ڏي روانا ٿياسون. اڄوڪي اربع واري ڏينهن حج پڙهڻو هو. حج جو خطبو عرفات تي ٿيندو آهي جتي وقوف به ڪجي ٿو. انهي 9 تاريخ واري ڏينهن کي احڪامات حج ۾ “يوم عرفه” جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته، هن کان اڳئين ڏينهن يعني 8 ذوالحج واري ڏينهن کي “يوم التروية” چيو ويو آهي. 8 تاريخ منيٰ ۾ قيام ڪرڻ سنت آهي پر بد قسمتي سان آئون منيٰ جي باهه واري حادثي سبب اتي رهي نه سگهيس جنهن ڪري مون کان اها سنت فوت ٿي وئي. سنت جي فوت ٿيڻ تي شريعت ۾ ڪو ڏنڊ يا جرمانو وغيره ته ڪونهي پر پوءِ به پالڻهار کان انهي ڪوتاهي ۽ بي وسي سبب ٿيل خطا تي ان وقت به معافي گهري رهيو هئس ته اڄ تائين اهو ارمان ۽ پشيماني اٿم. ڳالهه پئي ڪيم ته، وقوف عرفات يعني عرفات جي ٻن ميلن واري ميدان جي ڪنهن به حصي ۾ 9 تاريخ جي سج لڙڻ کان وٺي 10 ذوالحج جي پرهه ڦٽڻ کان ڪجهه پهرين تائين ٿورو يا گهڻو وقت ويهڻ، بيهڻ، ترسڻ يا فقط گهڙي پل حاضر ٿيڻ فرض آهي. البت سج لڙڻ کان سانجهي تائين عرفات جي ميدان ۾ رهڻ واجب آهي. وقوف (بيهڻ ۽ ترسڻ) دوران حديثن ۾ خدا جي حمد و ثنا ڪرڻ، درود شريف پڙهڻ، تلاوت ڪرڻ، دعائون گهرڻ، تسبيح ۽ ذڪر وغيره ڪرڻ جي تاڪيد ۽ ان جي قبوليت بابت آيل آهي.
بهرحال اسان گاڏي ۾ ويهي عرفات ڏي وڃي رهيا هئاسون. جيئن جيئن منيٰ کي ويجها پئي ٿياسون تيئن ڪالهوڪي حادثي جو صدمو وري تازو ٿي دل کي ڏاريندو پئي ويو. جڏهن اسان جي گاڏي منيٰ وٽان گذري ته، سڙيل تنبو نظر آيا جن جو ڪوبه ڇيهه ڪونه هو. گاڏي ۾ ويٺل ماڻهن کان پڇڻ تي خبر پئي ته، ستر، پنجهتر هزار تنبو سڙي ويا آهن. مون انهن سڙيل تنبن تي نظر ڊوڙائي ته، ميلن تائين سڙيا پکڙيا پيا هئا. ممڪن آهي ته انسانن جا لاش پهرين کڻي ويا هجن ۽لاشن کانسواءِ ٻيو سڙيل سامان وغيره ڪرينن جي مدد سان پوءِ ميڙي کنيو ويو هجي.
سڙيل تنبن جي ايراضي جمرات (شيطانن) جي ڀر واري جبل کان شروع ٿي هئي ۽ مزدلفي واري روڊ لڳ جبلن تائين هئي ڇو ته، جمرات (شيطانن) جي ڀر پاسي واري جبل وٽان باهه شروع ٿيندي ئي تيز طوفاني هوا لڳڻ شروع ٿي هئي جنهن باهه کي اتان کان ڌڪيندي اچي مزدلفه روڊ واري جبل وٽ پهچايو هو، تان جو ننڍا ٻوٽا ۽ سڪل گاهه وغيره جيڪو جبل جي مٿان هو سو به سڙي ويو ۽ انهي وچ وارا تنبو سمورا باهه جو کاڄ ٿي ويا هئا جڏهن انهي ڊگهي پٽي (جيڪو اولهه ڏکڻ ڪنڊ کان اوڀر اتر ڪنڊ طرف هو) کان اولهه اتر ۽ اوڀر ڏکڻ وارا تنبو گهڻا تڻا بچي به ويا هئا.
سڙي شهيد ٿي ويندڙ ماڻهن جي تعداد بابت سعودي ريڊيو ۽ اتي جي عربي روزانه اخبارن مطابق 280 ماڻهو باهه جي عين حادثي ۾ فوت ٿيا آهن. جڏهن ته اها خبر اسان جي مشاهدي آڏو پڌرو نسورو ڪوڙ هئي. اها خبر ٻڌي ۽ اخبارن ۾ پڙهي مون کي عجب ٿيو ته اسان جي نقلي پاڪ ملڪ ۾ ته نشرياتي ذرائع ابلاغ ۾ ڪوڙين خبرن جي اشاعت روزانه جو معمول بلڪه اسان جي انفارميشن سيل جي طبعي خصوصيت آهي پر هن اصلي پاڪ ملڪ م به حڪومتي ادارا رومال ۾ ويڙهڻ بجاءِ پڌرو ڪوڙ پڙي تي کنيو ڦٽو ڪن. (استغفرالله) شايد ان جو سبب هي آهي ته، مسلمان ملڪن جا نشرياتي ادارا، عالمي ميڊيا (بين الاقوامي نشريات) جي رهبري ۽ روش مطابق هلن ٿا، جڏهن ته عالمي ميڊيا تي يهودين ۽ عيسائين جو پورو پورو ڪنٽرول آهي انهن وٽ سچ کي ڪوڙ چوڻ ۽ ڪوڙ کي سچ چوڻ ته سندن پيشه ورانه مهارت جو هڪ معمولي کيل آهي.
منيٰ جي حادثي ۾ مري ويندڙ ماڻهن جي اڪثريت هندستان جي هئي، جڏهن ته، بنگلاديش، پاڪستان، مصر، اردن، انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ ڪن ٻين ملڪن جا به ماڻهو سڙي ويا هئا. عام ماڻهو ته مري ويلن جو تعداد ”هزارين“ ٻڌائي رهيا هئا، پر منهنجو اندازو هو ته، پنڌرهن (15) کان ويهن (20) هزارن جي اندر ماڻهو سڙي شهيد ٿي ويا هئا. ڇو ته حج تي آيل ماڻهن جو تعداد لڳ ڀڳ 35 لک هوندو. جن مان هڪ ته اهي هئا جيڪي پاسپورٽ ذريعي مختلف ملڪن مان حج تي آيا هئا ۽ سعودي سرڪار وٽ باقاعده رجسٽرڊ هئا، پر ٻيا وري اهي هئا جيڪي بنا پاسپورٽ به هئا، جن ۾ مقامي سعودي ۽ ٻاهرين ملڪن مان عمري جي ويزا تي آيل ماڻهو به هئا ۽ ڪي ماڻهو انهن خليجي عرب رياستن جا به هئا جن سان سعوديه جا دوستانا تعلقات آهن ۽ مٿن پاسپورٽ واري سختي ڪانهي. اهڙي طرح آفريقا جي غريب مسلمانن سان سعوديه سرڪار جي ته رعايت آهي بلڪه انهن کي هڪ خاص ڪوٽا مطابق سعودي حڪومت اجازت ڏيندي آهي ۽ انهن سان اچڻ وڃڻ جي سفري اخراجات ۾ سعودي سرڪار مدد به ڪندي آهي. اسان جي اندازي مطابق 35 لک حاجين مان سڀ جا سڀ صحتمند سگهارا ۽ نوجوان به ڪونه هوندا. لازمي طرح هر لک جي پويان هڪ هزار اهڙا ماڻهو هوندا جيڪي اڀرا، بيمار، پوڙها، معذور، محتاج، اپاهج، عورتون ۽ ٻار به هوندا ته اهڙي طرح 35 لک ماڻهن ۾ اهڙن محتاج ۽ اڀرن جو انگ 35 هزار ٿي ويندو. ۽ اهي 35 هزار ڪمزور ماڻهو باهه جي قيامت جهڙي حادثي مان سڀ جا سڀ سلامت ڀڄي ڪونه نڪتا هوندا.
جيتوڻيڪ انهن اڀرن کي ڪنهن سهارو ڏيئي بچايو به هجي پر پوءِ به انهن مان اڌو اڌ ماڻهو باهه جو ضرور شڪار بنيا آهن. جڏهن ته باهه ۾ ته نوجوان سگهاراچست ۽ چالاڪ به سڙي رک ٿي ويا هئا. انهي ڪري اسان چئون ٿا ته سعودي ميڊيا جيڪا 280 ماڻهن جي مري وڃڻ جي رپورٽ ڏني هئي سا سنئون سڌو ڪوڙ ۽ حقيقت جي بلڪل ابتڙ هئي.
اسان گاڏي ۾ هلندي ماڻهن جو پاڻ ۾ باهه تي تبصرو ٻڌي رهيا هئاسون. جن چيو پئي ته، “يار! اها باهه ڪونه هئي پر قدرت جو هڪ عذاب هئي.” ماڻهن کان پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته، “باهه لڳاتار پنج ڪلاڪ (12 کان 4 وڳي) تائين هلي پوءِ جيئن ته باهه جي وڌندڙ رخ ڏانهن مزدلفه روڊ وارو جبل آڏو اچي ويو هو ۽ جبل تي تنبو به نه هئا انهي ڪري اتي رڪجي وسامي وئي. حالانڪه چار هزار فائر برگيڊ گاڏيون باهه وسائڻ لاءِ سر ٽوڙ ڪوشش ڪري رهيون هيون پر باهه تي ڪنٽرول نه ڪري سگهيون.”
ماڻهن جا اهي تبصرا ٻڌندي منهنجو ذهن وري ٻئي پاسي هليو ويو ته، منيٰ واري جاءِ اصل ۾ “قربانگاهه ذبيح” آهي. آڳاٽن مذهبن ۾ قرباني واري شئي جبل تي يا ڪنهن پوٺي تي ڇڏي اچبي هئي، رات جو قدرتي وڄ اچي انهي قرباني ڪيل شئي کي ساڙي ويندي هئي، جنهن مان هي سمجهيو ويندو هو ته، انهي ماڻهو جي قرباني خدا وٽ قبول ٿي وئي. پر جيڪڏهن ڪنهن جي قرباني کي آسماني وڄ ساڙي نه ويندي هئي ته سمجهبو هو ته، انهي ماڻهو جي قرباني خدا وٽ قبول نه ٿي. جيئن حضرت آدم عليه السلام جي ٻن پٽن حضرت هابيل ۽ قابيل منڪر جي وچ ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو هو ته، اوهان ٻئي قرباني ڪري سامهون واري جبل تي وڃي رکو پوءِ جنهن جي قرباني کي آسماني وڄ ساڙي ويندي ته سمجهبو ته، انهي جي قرباني قبول پئي ۽ اهو جيڪي ڪرڻ چاهي ٿو تنهن جي خدا جي طرفان منظوري آهي. نتيجي ۾حضرت هابيل هڪ دنبو ذبح ڪري جبل تي رکيو ته، قابيل منڪر ڪڻڪ جي سنگن جي ڳٺڙي آڻي جبل تي رکي. صبح جو وڃي ڏسن ته، حضرت هابيل جو ڪُٺل دنبو آسماني وڄ ساڙي وئي، جڏهن ته، قابيل منڪر جي ڪڻڪ جا سنگ (آڀون) ثابت ٻڌا رکيا آهن. انهي سموري واقعي جو مطلب قدرت طرفان هي سمجهايو ويو ته جيڪا ڳالهه حضرت هابيل ڪرڻ چاهي ٿو سا خدا وٽ پسند ۽ جيڪا ڳالهه قابيل ڪرڻ گهري ٿو سا خدا وٽ بلڪل ناپسند آهي. اهو واقعو ذهن ۾ ايندي مون کي هي ڳالهه نظر آئي ته، جيڪي ماڻهو سڙي ويا هئا سي در اصل بارگاهه رب العزت ۾ پنهنجي جان جو نذرانو ڏيئي قربان ٿي خدا جا مقبول ٻانها ٿي ويا آهن يا هينئن کڻي چئجي ته الله تعاليٰ انهن جي ڪمائي قبول ڪري کين دنيا ۾ ڇڏڻ بجاءِ بهشت ۾ پهچائي ڇڏيو. پر انهي مان هي مطلب هر گز نه وٺڻ گهرجي ته، جيڪي سڙي ويا، سي ته في سبيل الله شهيد ۽ خدا جا مقبول ٻانها ٿي ويا، باقي جيڪي باهه کان ڀڄي نڪتا ۽ بچي ويا، سي خدا کي ناپسند آهن، ائين هر گز ناهي. ڇو ته اهي سڀ جا سڀ عشق الاهي جي ٻرندڙ شمع مٿان گهور ٿيڻ وارا پروانا هئا. پوءِ هي جدا ڳالهه آهي ته ڪي پروانا سڙي قربان ٿي وڃن ٿا ته ڪي بچي وڃن ٿا.