غار ثور جي زيارت ۽ هجرت جو واقعو:
ڇنڇر 26 ذوالحج (3 مئي) تي حافظ محمد خان سومرو، جاويد هزاروي ۽ گنهگار بنده گاڏي ذريعي مڪي شريف کان 4_3 ميل پري “غار ثور” ڏي روانا ٿياسين. غار ثور مڪي جي مشهور جبل ثور جي چوٽي تي آهي. چوٽي جي اوچائي بابت ڪن ڪتابن 1500 (پنڌرهن سو) فوٽ ته ڪن وري ميل ڏيڍ ميل جو فاصلو لکيو آهي. غار ثور ۽ غار حرا جي بيهڪ ۾ فرق هي نظر آيو جو غار حرا اڀ ڪپرو اهي، البت غار ثور لهواري تي آهي. اتي (مڪي شريف) جي ماڻهن جو چوڻ هو ته، غار ثور تي چڙهائي، غار حرا کان به ڏکي آهي (و الله اعلم)
جاويد هزاروي ته، غار ثور ڏي چڙهندو هليو ويو، باقي آئون ۽ حافظ محمد خان هيٺ ئي بيٺا رهياسون ۽ غار ثور جي تاريخ بابت تبادله خيال ڪندا رهياسون. سوچيم ته مٿي چڙهڻ ڪو ضروري به ته ڪونهي. هنن جاين تي پهچڻ کانپوءِ ذهن کي انهن واقعن ڏي متوجه ڪجي، جيڪي واقعا هنن ڀلارين جاين سان وابسته آهن ۽ اهي جايون زبان حال سان اسان کي اسلام جو ابتدائي زمانو ۽ واقعا ياد ڏياري رهيون آهن. آئون ۽ حافظ صاحب انهن سونهري ياد گيرين ۾ سڀ ڪجهه وساري چڪا هئاسون. غار ثور جو ذڪر قرآن شريف جي سورت توبه آيت نمبر 40 ۾ هڪ اهڙي واقعي جي پس منظر ۾ آيو آهي جنهن جو تذڪرو حضور اڪرم ﷺ جي سيرت طيبه جو هڪ روشن باب آهي، اسلام جي غلبي ۽ نشر و اشاعت ۾ پيڙهه واري پٿر جي حيثيت رکي ٿو. اهو ئي واقعو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين اسلام پکڙڻ جو ذريعو بنيو. انهي واقعي جو مختصر عنوان آهي، “مديني ڏانهن هجرت (لڏي وڃڻ)”.
اسان هتي انهي اهم واقعي جو فقط اهو حصو ذڪر ڪريون ٿاجنهن جو تعلق غار ثور سان آهي.
نبوت جي تيرهين سال جڏهن قريشن ظلمن جي انتها ڪري ڇڏي ته، الله تعاليٰ مڪي ۾ رهندڙ مسلمانن کي مديني ڏانهن هجرت ڪرڻ جو حڪم فرمايو. جڏهن ڪن بيمارن، پوڙهن ۽ بعض عورتن کانسواءِ سڀئي مسلمان مديني ڏانهن لڏي وڃي چڪا هئا ته آخر ۾ آقاءِ نامدار ﷺ کي هجرت جو حڪم به اهڙي وقت ٿيو جو ڪافرن انهي رات کين بستري تي يا رات جي وقت گهر کان ٻاهر نڪرڻ تي شهيد ڪرڻ جو پڪو پروگرام ٺاهي، قريشن جي يارهن قبيلن مان چونڊ بهادر ۽ ويڙهاڪ يارهن نوجوان مقرر ڪري، حضور اڪرمﷺ کي قتل ڪرڻ جي ارادي سان سندس دروازي ٻاهران بيهاري ڇڏيا هئا. پر ڪافرن جي انهي بڇڙي رٿا جو اطلاع پاڻ ڪريمنﷺ کي الله تعاليٰ بر وقت وحي جي ذريعي ڪري ڇڏيو. جنهن ۾ هي وضاحت هئي ته، “اهي شيطان تنهنجي دروازي ٻاهران اگهاڙيون تلوارون کنيو تنهنجي نڪرڻ جي انتظار ۾ آهن. پيارا حبيب! هاڻي تون گهر ڇڏي پنهنجي بستري تي سندئي سوٽ علي المرتضيٰ کي سمهاري ٻاهر نڪري انهن بيٺل مردودن جي مٿي تي مٽي جو ذرو ذرو رکندو، انهن جي اڳيان لنگهي هليو وڃ. اهي تنهنجو وار به ونگو نه ڪري سگهندا. جيئن تون در کان ٻاهر نڪري انهن جي آڏو ايندين ته آئون الله پنهنجي قدرت سان انهن جون اکيون انڌيون ڪري ڇڏيندس نه رڳو ايترو پر اهي انڌا ٻوڙا گونگا ٿي ويندا، جو نه توکي ڏسن نه ڪي قدمن جو کڙڪو ٻڌن نه ڪي ان وقت هڪ ٻئي سان ڳالهائي سگهن، انهن جي جسم جو وار وار به ته مون الله جي قبضي ۾ آهي انهي ڪري منهنجا حبيب! هاڻي هجرت لاءِ تيار ٿي مڪو ڇڏي روانو ٿي.” وحي الاهي جي امر موجب، حضور اڪرمﷺ سورت ياسين پڙهندي گهر کان ٻاهر نڪري دروازي تي قتل جي ارادي سان بيٺل ڪافرن مان هر هڪ جي مٿي تي مٽي جو ذرو رکندا انهن جي اڳيان لنگهندا هليا ويا انهن مت جي موڙهل مردودن کي ڪابه ڪل نه پئي. ڄڻ سندن حواس بي حس بنجي ويا هئا. قدرت واري کانئن ٻڌڻ، ڏسڻ، ڳالهائڻ وغيره جي طاقت ئي کسي ورتي هئي. مذڪوره سورت جي شروعاتي 9، آيتن مان آخري آيت نمبر 8 ۽ 9 ۾ جيڪو ذڪر آهي سو هڪ لحاظ سان انهن ڪافرن جي انڌي ٿيڻ ۽ پاڻ ڪريمن کي سندن اڳيان لنگهڻ وقت نه ڏسڻ بابت اشارو ڪندي دروازي تي بيٺل ڪافرن تي هو بهو ٺهڪي اچي ٿو. جيتوڻيڪ اهو قدرت جو هڪ معجزو هو جيڪو پاڻ ڪريمن جي حفاظت خاطر ظاهر ٿيو هو، پر انهي معجزي جو بنيادي ڪارڻ 8 ۽ 9 نمبر سورت ياسين جون اهي آيتون هيون جن جي تلاوت ۾ اهڙو اثر هيو بلڪه اڃا تائين به موجود آهي. اڄ به جيڪڏهن ڪو موحد، مخلص، مجاهد في سبيل الله، حق جي راهه تي هلندڙ ڪمالات جو صاحب آهي ته الله تعاليٰ ان جي حفاظت لاءِ اهڙي غيبي مدد ڪري سگهي ٿو.
الله تعاليٰ وٽ اها ڳالهه ڪا مشڪل ڪانهي. مطلب ته پاڻ سڳورا پنهنجي گهران نڪري سڌو پنهنجي سرويچ ساٿي حضرت صديق اڪبر رضي الله عنه جي گهرجي دروازي تي هٿ هڻي سڏ ڪيو ته، “ابوبڪر جاڳين پيو! ” اندران جواب آيو ته، لبيڪ يا رسول الله! (منهنجو ابو ۽ امان توتان قربان) هائو سائين ڇهن ڏينهن کان توهان جي انهي سڏ جي انتظار ۾ جاڳان پيو، ڇا هجرت (لڏڻ) جو حڪم ملي ويو؟ پاڻ ڪريمن وراڻيو ته هائو! دروازو کولي حضرت صديق رضي الله عنه رسالت مآب ﷺ جو استقبال ڪري کين اندر وٺي آيو. حضور اڪرم، حضرت صديق اڪبر کي خوشخبري ٻڌائيندي فرمايو ته، الله تعاليٰ جي مرضي آهي ته، محمد ﷺ سان هن سفر ۾ ابوبڪر ئي گڏ هجي. سو هاڻي هلڻ جي تياري ڪر. حضرت صديق اڪبر انتهائي مسرت آميز لهجي ۾ رب جا شڪر ڪندي عرض ڪيو ته، اها منهنجي ديرينه دلي تمنا هئي جو “آئون توهان جي هن سفر ۾ ساٿي بنجان.” سا رب سائين پنهنجي خصوصي ڪرم سان پوري ڪئي. “زهي عز و شرف”. واهه اهڙي عزت، واهه اهڙو شرف. حضرت صديق هن سفر لاءِ ضروري سامان جي هڙ اڳ ۾ ئي ٺاهي رکي هئي، رڳو ان کي ڪنهن رسي سان ٻڌڻ جي ضرورت هئي، سو پنهنجي وڏي نياڻي بي بي اسما کي سڏي چيائين ته، ڌي ! ڪا رسي کڻي آ، پر جيئن ته، وهاڻي رات اونداهي سبب رسي هٿ نه پئي اچي ته، بي بي صاحبه پنهنجي چيلهه تي ٻڌل چمڙي جو ڪمر پٽو ڪاتي سان ٻه ٽڪرا ڪري، هڪ ٽڪري سان اهو سامان ۽ ٻئي ٽڪري سان مشڪيزه (سانداري) جو منهن ٻڌي حضرت صديق جي حوالي ڪيو. سفر خرچ لاءِ حضرت صديق وٽ گهر ۾ جيڪا به روڪڙ رقم سون چاندي هو سو به هڙ ۾ وجهي ساڻ کنيائين.
12 سيپٽمبر 622ع مطابق سن 13 نبوت 27 صفر خميس جي رات پوئين پهر گهور انڌيري ۾ رحمت للعالمين ﷺ ۽ سندن ازحد سچو فدا ڪار ساٿي حضرت صديق رضي الله عنه اباڻو شهر مڪو شريف ڇڏي روانا ٿيا، اهڙي طرح سندن هجرت جي سفر جو آغاز ٿيو. مڪي شريف جي چوڌاري نڪرندڙ مشهور رستا، واٽون ۽ پيچرا ڇڏي نت نئين واٽ ورتائون جيڪا عام ماڻهو کان مخفي ۽ غير معروف هئي. انهي دوران حضرت صديق اڪبر ڪنهن مهل پاڻ ڪريمن کان اڳيان هلندو ٿي رهيو ته وري ڪيڏي مهل پويان ٿي آيو. تنهن تي پاڻ ڪريمن پڇيس ته، ابوبڪر! ڇو ڀلا ڪڏهن اڳيان ڪڏهن پويان پيو هلين؟ وراڻيائين ته سائين! جڏهن هي خيال ٿو اچيم ته،“ٿي سگهي ٿو ته، دشمن ڪافر متان اڳيان ڪو گهٽ جهليو قتل جي ارادي سان ڪنهن لڪ وٽ ويٺا هجن ته، آئون اوهان جي اڳيان ٿو هلان، پر جڏهن وري هي خيال ٿو اچيم ته، متان ڪافر پويان اچي وار ڪن ته، آئون توهان جي پويان پويان هلڻ لڳان ٿو. چاهيان ٿو ته، اوهان جي ذات اقدس کي دشمن ايذاءُ نه پهچائي. پر جي ڪو ايذاءُ پهچي ته اهو پهرين ڀلي مون کي پهچي. انهي راهه ۾ جي منهنجي جان اوهان جي سر تان صدقو ٿي وڃي ته به اها ڪا وڏي قرباني ڪانهي. بقول شاعر،
سردرقدم يار فدا شد چه بجاشد
اين بار گران بود اداشد چه بجا شد
يعني: سر محبوب جي قدمن ۾ قربان ٿيو ته اهو ڪهڙو نه چڱو ٿيو! حالانڪه اهو سر به ته خود هڪ ڳرو بار هو جو لهي پيو، سو ڪهڙو نه چڱو ٿيو.
جڏهن اهي ٻئي ڀلارا مڪي شريف کان 3_4 ميل پري جبل ثور وٽ پهتا ته، هڪ روايت مطابق حضرت صديق اڪبر حضور سائين جن کي عرض ڪيو ته، سائين! توهان جي ساٿي صديق جا ڪلها، توهان جي سواري ٿيڻ لاءِ حاضر آهن. ڇو ته آڏتراڇين ڇپن واري هن جبل جي مٿي چڙهائي ڏاڍي ڏکي آهي، جتي ڪوبه روڊ رستو ڪونهي، انهي تي هلي مٿي چڙهڻ مشڪل آهي، ڪرم فرمائي توهان منهنجي ڪلهن تي چڙهڻ لاءِ راضي ٿيو ته، آئون رحمت للعالمين جي سواري ٿيڻ جو اعزاز ماڻيان. حضور اڪرمﷺ حضرت صديق اڪبر جي اها پيشڪش منظور فرمائي ۽ صديق اڪبر کين جبل ثور جي چوٽي تائين کڻي پهچايو.
حضور اڪرمﷺ اتي جي محفوظ پناهه گاهه “غار ثور” ۾رهڻ جو راضپو ڏيکاريو ته، حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه پاڻ سڳورن کي عرض ڪيو ته، سائين! توهان ٿورو ترسو ته آئون غار جو جائزو وٺي، پوري طرح صفائي ڪري اچان، متان ڪا انهي ۾ ايذا ڏيندڙ شئي هجي. حضرت ابوبڪر غار ثور ۾ اندر لهي هٿوراڙيون هڻي صفائي ڪئي. جڏهن کيس اطمينان ٿي ويو ته، حضور سائين جن کي عرض ڪيائين ته، هاڻي توهان اطمينان سان اندر اچي آرام فرمايو. جڏهن اهي ٻئي ڀلارا غار ۾ داخل ٿي چڪا هئا ته، الله تعاليٰ غار جي منهن کي دنيا وارن خاص ڪري قريش ڪافرن جي نظر کان پردي ۾ رکڻ خاطر هڪ ڪمزور جيت ڪوريئڙي کي حڪم ڪيو ته، غار جي منهن تي تاڃي اڻي ڄاريدار پردا لڳائي ڇڏ، ۽ جهنگ مان ڪبوترن کي حڪم ٿيو ته، هلي غار جي منهن وٽ بيٺل وڻ ۾ آکيرا ٺاهيو ۽ اتي هلي آنا لاهيو. رات وچ ۾ غار جي منهن تي ڪوريئڙي جي ڄار جا پردا لڳي ويا ته ڪبوترن جا آکيرا آنن سميت ٺهي ويا. جنهن ڪري اتي اهڙي صورتحال ٿي وئي جو ڄڻ انهي غار وٽان ڪنهن انسان جو گذر ئي نه ٿيو آهي. غار ثور اندر حضور اڪرمﷺ، حضرت ابوبڪر صديق جي ڊگهيريل جوٽ (ران) سيراندي ڪري آرام فرمائي رهيا هئا ته، حضرت ابوبڪر چوڪيدار وانگر پهرو ڏيئي سيد الاولين و الآخرين جي منهن مبارڪ ۾ نظر ڄمائي ديدار پُر انوار ۾ محو ۽ مست هو. سبحان الله! صحابه ڪرام مان ڪنهن کي به اهڙو اڻ لڀ موقعو نصيب نه ٿيو جو سڄي ڪائنات کان ڪنڊائتو ٿي حضور سائين جو اهڙي طرح اڪيلي سر ديدار ڪن، جو انهي ديدار ۾ ساڻن ڪو به گڏ نه هجي. اهو اعزاز فقط حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه کي نصيب ٿيو. بقول شاعر،
اين سعادت بزور بازو نيست
تانه بخشد خداءِ بخشنده
اها سعادت عظميٰ بازو جي زور (مادي طاقت) ذريعي حاصل ڪري نه ٿي سگهجي، اها ته فقط بخشڻهار جي خصوصي عنايت سان ئي ملي سگهي ٿي.
وصال حبيب جي مٿئين منظر کي اکين آڏو رکي، شاهه لطيف به ساڳي طرح طالب حقيقي جي روپ ۾ آسائتو آهي ته،
اکين ۾ ٿي ويهه ته آئون واري پلڪ ڍڪيان،
توکي نه ڏسي ڏيهه، آئون نه پسان ڪي ٻيو.
عجب آهي ته، وصل جي رات ڊگهي هوندي به ڪا ڊگهي محسوس نه ٿيندي آهي، ڄڻ ڪا گهڙي پل هئي جا اک ڇنڀ ۾ گذري وئي.
پرهه ڦٽندي انهي خميس رات پنهنجي ڪاري چادر کڻي سميٽي ته، صبح جي هير پنهنجي ڌيمي رفتار سان نئين سج نڪرڻ جو پڙهو ڏيندي رواني ٿي ته، سورج اڀرندي سندس ڪرڻا اچي غار جي منهن تي سرڪار دوجهان جا سلامي ٿيا. اڃا صبح جي ويل ئي هئي ته، حضور اڪرم ﷺ جي تلاش ۾ قريش ڪافر مڪي جي سر زمين جي ٻاڙي ٻاڙي ڳولي ڦولي، پٿر پٿر ڇنڊي ڇاڻي پيرا کڻي پئي آيا سي سڌو اچي غار جي منهن تي بيٺا.
اتي هيڏانهن هوڏانهن واجهائڻ سان کين محسوس ٿيو ته، هتي جي صورتحال ٻڌائي ٿي ته، هن هنڌ ڪنهن انسان جو پير به نه لڳو آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو هن غار جي اندر وڃي لڪي ها ته گهٽ ۾ گهٽ ڪوريئڙي جي ڄار سلامت نه رهي ها. ٻيو ته غار جي منهن تي بيٺل وڻ ۾ هي ڪبوتر به اهڙي طرح بي کٽڪا ۽ بي اونا پنهنجا آکيرا ٺاهيو آنن مٿان آرو ڪيو ويٺا نه هجن ها. لڳي ٿو ته، جنهن جي تلاش ۾ اسان هتي اچي پهتا آهيون، سو هتي نه پر ڪنهن ٻئي هنڌ لڪل آهي. جنهن مهل ڪافر جبل ثور جي چوٽي ۽ غار ثور جي منهن وٽ بيهي آسپاس واجهائي سوچي رهيا هئا ته، عين انهي وقت غار جي اندر حضرت ابوبڪر مٿي نگاهه ڪئي ته، ڪافرن جي پيرن جون کڙيون ڏسڻ ۾ آيون ته گهٻرائجي حضور سائين کي عرض ڪيائين “ڪافر ڪمينا ته پهچي ويا، هاڻي انهن جي ناپاڪ ارادي کان بچڻ ممڪن ڪونهي. مون کي پنهنجو فڪر ته ناهي البت اوهان جي سر جو اونو اٿم، متان ڪو اوهان کي ايذاءُ پهچائين.” حضرت ابوبڪر جي انتهائي بي چيني واقعي به حقيقت هئي. ڇو ته اها گهڙي انسانيت جي ڊگهي سفر جي سڀ کان وڌيڪ نازڪ ۽ سڀ کان وڌيڪ فيصله ڪن گهڙي هئي. جنهن ۾ يا ته اهڙي بد نصيبي اکين آڏو هئي جنهن جي انتها ناهي، يا ته اهڙي خوش نصيبي جو آغاز ٿيڻو هو جنهن جي ڪابه حد ڪانه هئي. اهڙي نازڪ مرحلي ۾ انسانيت بي چيني سان پنهنجو پساهه روڪي بي حس و حرڪت ٿي انهن پيڇو ڪندڙ جاسوس ٿي آيل ڪافرن کي اکيون ڦاڙي ڏسي رهي هئي جيڪي غار ثور جي منهن تي بيٺل هئا. پر خدا جي قدرت وچان حائل ٿي وئي ۽ اهي ڪافر ڌوڪي ۾ رهجي ويا، جو غار ۾ هيٺ لهي جانچڻ بدران اتان ئي واپس موٽي هليا ويا.
حضرت صديق اڪبر رضي الله عنه جي حزن و ملال واري ڪيفيت کي محسوس ڪندي ۽ سندس اضطراب آميز عرض ٻڌندي رحمت للعالمينﷺ کيس تسلي ڏيندي فرمايو ته، “ما ظنڪ با ثنين الله ثالثهما”، (ابوبڪر! تنهنجو انهن ٻن جي باري ۾ ڇا خيال آهي جن سان گڏ ٽيون الله به هجي! !) يعني ته، غم نه ڪر، گهٻراءِ نه، الله جي هر قسم جي مدد پاڻ سان آهي. حضور اڪرمﷺ جي تسلي آميز جملي کي الله تعاليٰ اهڙو پسند فرمايو جو انهي کي پنهنجي وحي واري ڪلام جو حصو بنائي کيس دائمي شرف بخشي، قيامت تائين غار ثور جي انهي واقعي کي زنده يادگار بنائي ڇڏيو. ڪلام الاهي انهي گفتگو کي هن طرح ذڪر ڪيو آهي ته، ثاني اثنين اذ هما في الغار اذيقول لصاحبه لا تحزن ان الله معنا (ٻن مان هڪڙو پاڻ پيغمبر هو، جڏهن اهي ٻئي (حضرت محمد ﷺ ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه) غار ثور ۾ هئا، تڏهن پيغمبر ڪريمﷺ پنهنجي سنگتي حضرت ابوبڪر کي چيو ته، اُلڪو نه ڪر تحقيق الله اسان سان گڏ آهي) يعني ته ڪل جهان جي ڪارساز جي حمايت ۽ مدد پاڻ سان گڏ آهي، جنهن جي طاقت کان مٿي ٻي ڪا محافظ هستي آهي ئي ڪونه، ته پوءِ ڊپ ۽ ڳڻتي ڇا جي؟ حضور اڪرم جي انهي پُر اعتماد تسلي کانپوءِ صديق اڪبر جي دل تي قدرت واري پنهنجي طرفان اهو اطمينان ۽ سڪون نازل ڪيو جيڪو سندس محبوب ﷺ جي دل ۾ ابتدا کان وٺي سمائي ڇڏيو هئائين. ان سان گڏ قدرت واري سندس سچي رسول جي زبان مان نڪتل “نصرت الاهي ۽ رب جي معيت” واري جملي کي سچو ثابت ڪندي ملائڪن جو بي انداز لشڪر ان غار ثور جي چوڌاري پهري تي بيهاري ڇڏيو، جنهن غيبي لشڪر کي مخلوق جي نظر ڏسي ڪونه پئي سگهي. اهڙي طرح انهن ڀلارن جي غار ثور ۾ رهندي قدرت پاران حفاظت جو از غيبي انتظام ٿيو. غار ثور ۾ پاڻ ڪريمن ۽ حضرت ابوبڪر ٻنهي جي رهڻ، ۽ اتي پيش آيل صورتحال کي قرآن شريف سورت توبه آيت نمبر 40 ۾نهايت جامع انداز ۾ اختصار سان بيان ڪيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن شخص کي اڃا به وڌيڪ تفصيل جي ضرورت آهي ته اهو تفسير، حديث ۽ سيرت جا ڪتاب مطالعه ڪري.
جيتوڻيڪ اسان غار ثور جي واقعي کي ڪتابن تان هو بهو نقل ڪرڻ بجاءِ پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي پر يقين اٿم ته، مطالعه ڪندڙ حضرات ڪتابن جي جستجو کانپوءِ اسان جي بيان ڪيل صورت واقعه جي خود بخود تصديق ڪندا.
غار ثور جي هيٺ بيهي اسان انهي واقعي جي پس منظر ۾ گهرائي سان گفتگو ۾ محو هئاسون ته، سندم ساٿي حافظ محمد خان سومري سندس واچ تي نظر وجهي ڇرڪ ڀري چيو ته سائين! ڀلا پوئتي ورڻ واري به ڪندو يا نه؟ مون چيو ته، “جيڪي وڃان وڃان ڪن سي رهي رهندا ڪيترو”، هائو سائين! هتان هلڻ کان پهرين، هن ڀلاري وادي ۾ ٻه ٽي قدم کڻڻ جي ته مهلت ڏيو! حافظ صاحب کلندي چيو ته، پوءِ آئون به توهان سان انهن ٻن ٽن قدمن ۾ ساٿي بنجي رفاقت چاهيان ٿو. ائين چئي اسان غور ثور جي دامن ۾ هڪ رڍون چاريندڙ کي هلندي ويجها ٿياسون ته ڪي ماڻهو انهي ريڍار جو رڍن سميت فوٽو ڇڪڻ لاءِ ڪيمرا کڻي “ريڊي ريڊي” ڪرڻ لڳا ته، اهو عرب ڇوڪرو وک ورائڻ بجاءِ سڌو ٿي بيهي رهيو ته ڪيمرا فليش چمڪندي اسان کي اطلاع ڏنو ته، هن جي تصوير محفوظ ٿي وئي. ڇوڪرو پنهنجون رڍون ڪاهي روانو ٿي ويو.