خوشبوءِ جي ڪهاڻي، بوجھل اُماس يادُون
بارش کان پوءِ دِل ۾، اڻ جھل، پياس يادُون
مدهوش ناهيان موکي، دِل جي ڪچي اڱڻ ۾
تنها وِکون کڻن ٿيون، بيڪل نِراس يادُون
وسڪار وڏ ڦُڙي جي، شُروعات پيار جي پر
انجامُ هيکلائي، پل پل ٽِياس يادُون
پٿريلي پيچري تي پايل وڳي ته جاڳيو
گورک جو ڏيک اڻڀو، آنچل اُداس يادُون
ڪڏهين ته مشغلو هو، سُر ساز جام جوڀن
هاڻي عذاب ڀاسن، اي دِل رقاص يادُون
تنهائي ۽ ويڳاڻپ، ڪمري جو آ مقدرُ
سگريٽ دُونهن خالي، بوتل گِلاس يادُون
ڪنهن جي چپن جي شبنم، برسي گُلاب ڳل تي
زخمي اکين ۾ جھُريون،ڪومل شناس يادُون
سامهون سُڪن پنن جان، وِکري پئي آ ساحر
مُسڪان مهجبين جي، چنچل لِباس يادُون