مُرڪ چپن جي سڀني پرکي، رُوح جا آگم ڪيرُ ڏِسي
رنگن تي سڀ ڀئونرا ڀٽڪن پنڇڻ موسم ڪيرُ ڏِسي
نِرڌن جي نابين اڱڻ تي، ترسُ نه آيو سُورج کي
اڻڀا ڏيک اکين جا دِل ۾، اوندھ عالم ڪيرُ ڏِسي
پايل جي ڇم ڇم تي ساري، محفِل جڏھين مست بڻي
گھائل پيرن جي زخمن کي، پوءِ ٿي ھمدم ڪيرُ ڏِسي
وستين جي بربادين سان گڏ، خواب ڪُنوارا لُٽجي ويا
لھرُن رٿ تي چنڊ جو تجلو، گُل تي شبنم ڪيرُ ڏِسي
جنگ کٽي سين جيت جا جھنڊا، گيت فِضا ۾ گُونجن ٿا
چوڙين جي پُرزن جو اُجڙيل، سينڌ جو ماتم ڪيرُ ڏِسي
ٻالجتيءَ کان تنھنجي سڱ جي چُنري سِر جو اوڇڻ ٿي
تون نه اکين جا اُلڪا ڄاڻين، من ڏي محرم ڪيرُ ڏِسي
اُجرن چھرن جي جلون تي، موھيا ڳڀرُو ڳوٺاڻا
آرائڻ جي اُٿل جواني، سُونھن جو ريشمُ ڪيرُ ڏِسي
اُلجھي وئين ڏِسُ سُلجھائيندي، جيون جي آکاڻي تون
مصلُوبين جي موسم ۾ اک، تنھنجي پُرنم ڪيرُ ڏِسي
ڍير مِٽيءَ ۾ دٻجي ويون، دانھون دِلبر ديس سنديون
صحرا ۽ سانوڻ جو ’ساحر‘، ٿيو آ سنگم ڪيرُ ڏِسي