اکين ۾ درد جي موسم ، قدم ناڪام رستن تي
ڪيون يادُن ٿي سرگوشيون، اسان سان شام رستن تي
زخم زرقون جان مُرڪي، پيا برسات جي آئي
ڀِنل ڀنڀا تصوُر ۾، اُڏيا گُلفام رستن تي
ٿِڙي ٿو چنڊُ تارن جي، سفر ۾ لرزشُون آهن
هوا سان ڪنهن ڇڏيا هاري، انوکا جام رستن تي
اُهي ئي هرڻ پياسي جان، اکيون درشن جي ڳولا ۾
اُهي ئي پير پاڳل جان، اُگهاڙا عام رستن تي
اُهي ئي ننڊ جا نخرا، اُهي ئي جاڳ جا جوڀن
اُهي ئي خواب آوارا رُلن گُمنام رستن تي
اُداسين جو ڪفن پاتو، فِضا آ سوڳ ۾ سانوڻ
گُلابي خواب مائن جا، ٿيا قتلام رستن تي
سواءِ پوشاڪ جي جن جا، بدن ڪنهن لئه نه محرم ها
اُنهن جا ڪهڙي مجبوريءَ ، لڳايا دام رستن تي
ڪري آ ساھ کي سوگھو، ڇڏيو بارُود جي بدبوءِ
هلي ڪيئن ماڻهپو پائي، امُن احرام رستن تي
اڌُوري خواب کي مڪمل، ڪرڻ جي لئه ضروري ڇا
هُيو ساحر، نِگاهُن جو ، سفر بدنام رستن تي