سارين جي ھُٻڪار ۾ واسيل، لاڙ ۾ گھاريل کُھنبي شام
ڄڻ ﺗﻪ نئين ساماڻي وينگس، جي آ بدن سان وھنتي شام
فِطرت جي سڀ رعنائين جو، تنھنجن نيڻن منجهه نچوڙُ
ڪوري ڇال اُمايئي ڇرڪي، ھرڻيءَ جي دِل مُشڪي شام
بادل وارن سان پل اُلجھيو، آيون تنھنجون چيچُون ياد
سرمئي سار جو چولو پائي، ڪوھ مريءَ جي نِکري شام
ڪنڌُ اسان جو ڪيرُ ڪپي ڀل، موکي پنھنجا مٽڙا کول
اوتِ ازل جو آءُ اُڃون ھان، نينڍون نينڍون نِڪتي شام
گاھ ڀريءَ سان ڊيل مٽي ٿي، دِل ئي دِل ۾ مُرڪي مور
گوريءَ گج تي عڪس شفق جا، چُنريءَ مان ٿي اُڀري شام
چارو آ يا ھيٺِ پھاڙيءَ، تان ٿو سِرڪي ڀُورو نانگُ
ديواني جي خواب جيان آ، گورک ھِل جي ناسي شام
آلي واريءَ تي ڦيريندي، ھٿڙا جان ٿيو محسُوس
تنھنجي زُلفن سان کيچل ۾، منھنجي چنچل گُذري شام
رات سوات جي ٺريل ”ساحر“، رڳ رڳ ۾ پر رقصان سِنڌ
ٿورو اڳ آ پھاڙن تان تِرڪي، وکري ويئي سُنھري شام