ڇا نيڻ ھُيا، ڇا چنڊُ ھُيو، ڇا جامُ ھُيو ڇا رات ھُئي
ڪي ڳڀرُو ڳڀُرو ڳاٽ ھُيا، ڪا نُور ڀري برسات ھُئي
مون موتيو ٽوڙي لام منجھان، ھو چنڊُ چِتايو پل کن ۾
تو مُرڪي گُھوريو جام منجھان، هئه صُورت تنھنجي ڇا ته ھُئي
ھڪُ پنڌُ ھُيو اوکو به گھڻو، ۽ کوڙ پُٺيان رھزن به ھُيا
مون موٽي ڪنھن ڏي ڪين ڏِٺو، جو تنھنجي چاھت ساٿ ھُئي
هئه نيڻ نِنڊاکا نچڻيءَ جا، جنھن گُھوريا پٿر بڻجي ويو
ڇا انگ انگ ۾ ھو رقص ڀريل، ڇا ڏاتر تنھنجي ڏات ھُئي
ڇا نيڻن وِچ ۾ کيل ھُيو، بادل جو ٿر سان ميل ھُيو
ڪا ھار ڳِچيءَ جو ھارُ ھُئي، ڪا جيت به جھڙي مات ھُئي
ڇا ساز ھُيا سنگيت ھُيا، ۽ خوشبوءِ خوشبوءِ ميت ھُيا
پازيب جو پيرن سان سنگمُ، ڄڻ دِل جي دِل سان بات ھُئي
تو ريشم ريشم نظم لکيا، تو شعلا شعلا گيت چيا
تو درياھ درياھ دھشت کي، ڇا ڇا ته ڏِني سوغات ھئُي
ڪلھه ڪنڌيءَ تان مون ڳاٽ اُڀي، ڪي جُگنو جُگنو نيڻ ڏٺا
ڪا حُور ھُئي ڪا ڊيل پري، ڇا جادُو ڀريل جھات ھُئي
تو مون کي سھيڙي ساھن ۾، ھو ھارُ بڻايو ڳيچيءَ جو
اي ڏات امڙ ھِن ’ساحر‘ جي اڳُ جڳ ۾ ڇا اوقات ھُئي