پل کن واس وٺي وڻجارو، ويندو گوري پاڻ سنڀال
سڀ ڪجهه لُٽجڻ کان بھتر آ، موڙهي دِل جي ھاڻ سنڀال
ساري رات سُتي تون ناھين، چھرو چُغلي، ھڻندئي سرتي
مصلُوبين جي موسم آ تون، نيڻن ۾ رت ڇاڻ سنڀال
ڀئونرن جي آ فِطرت ڳائي، گيت گُلابي من کي موھڻ
ڦورُن جو آ ڦنڌو سُھڻو، سُھڻي تون سُرھاڻ سنڀال
اڻ ملهه ھِن جوانيءَ کي تون، تڙپ جي ٽِياس جو کاڄُ نه ڪر
ڄرِ جو ٻارڻ ٿيءُ نه اياڻي، جوت خُدا جي ڪاڻ سنڀال
ريت ۾ ماڻڪ ملندا ناھن، ڪوڏيون سُتيون ڪنڪر کوڙ
ڳول وفا جا موتي جر ۾، ڄاڻ جو تون مھراڻ سنڀال
درد ڏيڻ آ فِطرت جڳ جي، درد ونڊڻ کان ڪوھين ڏورُ
ڪو به نه آٿت ڏيندئي بھتر، نيڻن جي آلاڻ سنڀال
ديوانا تون ديوارُن سان دردُ ونڊڻ جي عادت ڇڏ
پاهڻ لُڙڪ تي ڳرندا ناھن، ڳوڙهن جي تون کاڻ سنڀال
رازُ کُليو پوءِ خلقت ”ساحر“، کلندئي پنھنجا سُڏڪا روڪ
ڪُندن ٿي وڃ عِشق جي اڳ ۾، اندر جي ڇڪتاڻ سنڀال