رات ٻيڙيءَ ۾ سُتي جو پاتڻيءَ آرس ڀڳو
لھرُون ٿي سنگيت ڇِڙيون، راڳڻيءَ آرس ڀڳو
پارڪر جو سُورمو، سنبري ھليو سينڍون ھڻي
جھات چؤنري مان وجھي ڪنهن، ڪولھڻيءَ آرس ڀڳو
ميرُ ھو ڪيڏو بدن ۾ ، ڪا گھڙي فُرصت ﻧﻪ ھُئي
گھاٽ تي چولي سٽيندي، ڌوٻڻيءَ، آرس ڀڳو
چنڊ پنھنجي کي چُميو ٿي کيرُ پياريندي امڙ
مور سان سنجوڳ ساري، مورڻيءَ آرس ڀڳو
خاڪِ کستوري اُڏاڻي ڳھريون ڳليون ڳوٺ جون
ساھ ٿڌڙن سان اڱڻ ۾ اوڏڻيءَ آرس ڀڳو
ھيل سکڻي سانوڻي، ويندي ڇا گُذري سانورا
بادلن ۾ چنڊُ لِڪيو، ڪامڻيءَ آرس ڀڳو
ڀيل ٿي ڪيڏي بدن جي، بي حيا بازار ۾
ڇير ڇوڙيندي ٿڪل ھو، ناچڻيءَ آرس ڀڳو
باک جي ڀُوري بدن سان، ويو ھليو خوشبوءِ ڇڏي
بستري جا گُھنج ڇُھندي، موھڻيءَ آرس ڀڳو
جُھومڪن جي لوڏ ”ساحر“، ھوڏ پلڙن سان ڪئي
گُل مُھر جي ڇانو ڇِرڪي، پدمڻيءَ آرس ڀڳو