نِنڊاکي نيڻن جا جام سانول سنڀالي رکجان
چڳُن جي چهري سان چنڊ کيچل سنڀالي رکجان
حياءَ جو پوتر لِباس توکي لڳي ٿو سوڙهو
ڍڪيندئي اوگھڙ اِهائي ململ سنڀالي رکجان
جوان رُت جو غُرُور توکي سُرُور توکي
چڙهائي تِرڪڻ آ پير مُومل سنڀالي رکجان
اڪيلتا جي اُجاڙ رِڻ مان متان گُذر ٿين
هي منهنجي سُڏڪن جي دوست محفل سنڀالي رکجان
اندر جي آويءَ جي ٻاڦ ٻاهِر متان اوڳاڇين
ڪندي آ ڪُندن سا آڳ پل پل سنڀالي رکجان
گُلاب شبنم جو ميل ڏِسندا سُفيد ڪِرڻا
صبُوح ٿيندو اُميد آنچل سنڀالي رکجان
اِجھو ته کيتن تي ڀئونر ڀِريا سُڳنڌ سنوريا
ڇِنل ڳنڍينداسين پيار پايل سنڀالي رکجان
حُباب جهڙين خُواهشين جي پُٺيان نه رُلجان
عظيم مقصد لئه جوت جل ٿل سنڀالي رکجان
نه ڄاڻ ڪڏهين حياتِ بنجي عذاب ساحر
دُعا جو هڪڙو اُداس بادل سنڀالي رکجان