نِگاھ سجدي منجھان کڻي تو، دُعا جي آٿت جيان نِهاريو
عقيدتُن جو مون جام جانان، اکين مان تنهنجي چپن تي هاريو
ڳلن سان والن جي گسِ منهنجي رڳن ۾ بُکيا پکي چُڳايا
مون خواهشن جو بتيلو تنهنجي حياءَ جي درياھ مان اُڪاريو
نفيس لھجي قدم قدم تي، نِڪور نينڍون ڏِنيون اسان کي
حِجابي چھري جي دِلڪشيءَ مان، گُلاب موسم کِلي کيڪاريو
مون ورق پلٽيا ٿي رات دِل جا، شرير چانڊاڻ جي اجھي ۾
نِگاھ سِنڌيا جو ڏيک ٿي پئي، وِٿين جي پن ڇڻ وجُود ٻاريو
مِلياسين جانم کٿُوريون کُليون، سُڳنڌ واسي ڇڏيون فِضائون
وصل جي برکا بدن ڀِڄايو، حياءَ جي شبنم اندر اُجاريو
اُٿل اُٿل ھئي ندي نظر جي، لٿيون چڙھيون ٿي خيال لھرُون
سمونڊُ کي مون اکين ۾ اوتيو، سمونڊُ مون کي سِڪڻ سِکاريو
چُني ھٽائي تو چپ موڙي، نِياپو ڄاتل ڏنو اکين سان
رڳُن ۾ آرس ڀڳا بهارُن اُداس دِل تي ڪڪرُ پڌاريو
اجھاڳ چاھت جي پيچرن تي، ھُيون اُڃايل سوين ڪھاڻيون
رُڪي نه منھنجي تنوار ڍوليا، ڪڏھن به تنھنجو نه من ڏُڪاريو
تو ڪنڌُ ڇِرڪي کنيو ڪُلھي تان، ڪا لھر ”ساحر“ چڙھي ڪنڌيءَ تي
مون رنگ تنھنجي اکين جا پڙھيا، چڳُن ٿي نانگِڻ جيان اُلاريو.