مان تنهنجي مُقدس قدمن جي، مِٽي جي سعادت چاهيان ٿو
ڪا ديول دِل جي ڌرتيءَ تي، جوڙي پوءِ عِبادت چاهيان ٿو
هر ويل انا جو ڪنڌُ ڀنڃي، هر روز خُوديءَ کي خاڪ ڪري
مان تنهنجي در جي چائنٺ ٿيان، محبُوب اِجازت چاهيان ٿو
مون پنهنجي اڌ جي ڳولا ۾، خُود پاڻُ تِياڳي ڇڏيو آ
هِن ٿُوهر جهڙي جياپي کان، ڏي ساٿُ بغاوت چاهيان ٿو
لولاڪ جي ساري سوڳ منهنجي ، هردي کي بڻايو مسڪن آ
گھنگھورُ رُدالي موسم ۾، مُرڪن جي تلاوت چاهيان ٿو
ڇا چاهي ٿي هيءَ خاموشي، ڇا تنهائيءَ جو مقصدُ آ
مان تنهنجي مُهذب چهري مان، موسم جي وضاحت چاهيان ٿو
جا پُونجي ساري عُمر لُڇي مون ميڙي زخمي خواب ڪري
آ حاجت مندُ ڪو دردن جو، اڻ ڳڻپ سخاوت چاهيان ٿو
ڪيڏانهن وڃين ٿي چانڊوڪي، تون منهنجا آلا نيڻ چُمي
مون کي به وٺي هل چهرن جي، نِنڊن ۾ مُسافت چاهيان ٿو
هوءَ خوشبوءِ جيڪا مرڪز آ، فِطرت جي رنگن جي ساحر
مان سُڳداسي ان سانوڻ مان، ساهن جي طهارت چاهيان ٿو.