پيش لفظ مونکي ادب سان لڳاءُ ان وقت کان آهي جڏهن پنجين ڪلاس جو شاگرد هئس اسان جي گهر ڀرسان وارث ڏنو ڏيرو ۽ پير بخش ڏيرو جي اوطاق آهي جتي پير بخش ڏيرو جي ذاتي ننڍڙي لائبريري هئي، هاڻ هن اها گهر ۾ شفٽ ڪري ڇڏي آهي ”۽ اها اوطاق هاڻ ڪرڻ تي آهي“ اتي ڪتاب پڙهڻ جو موقعو ملندو هو ان زماني ۾ ڏيرا هائوس تي اخبارون به اينديون هيون جن ۾ ٻارڙن جا صفحا پڙهڻ جو موقعو ملندو هو .مڊل اسڪول ملدسي ۾ اسان جي ڪلاس فيلو گل حسن گل لاکو جنهن کي پڻ ننڍي هوندي کان ادب سان لڳاءُ هو، ان سان دوستي جي ڪري مونکي به لکڻ جو شوق ٿيو ۽ مون ٻاراڻيون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. جيڪي گل ڦل، هلال پاڪستان ۾ گلڙن جهڙا ٻارڙا، آفتاب، عبرت، جي ٻارڙن جي صفحن ۾ شايع ٿيون جنهن سان منهنجي همٿ افزائي ٿي.جڏهن 7 درجي ۾ آيس ته مختلف اخبارن ۾ علائقي جي اولياءُ اڪرام ۽ ڳوٺن علائقي جي شخصيتن تي آرٽيڪل لکي شايع ڪرايا شهدادپور ۾ پڙهائي دوران سنيئر صحافي نثار بالادي سان واقفيت ٿي ۽ ان کان متاثر ٿي صحافت ڪرڻ جو شوق ٿيو ۽ الفقراء ۾ ان وقت سب ايڊيٽر طور ڪم ڪندڙ عاجز منگي سان الياس ابڙو شهدادپور جيڪو اڳوڻو صحافي ، ليکڪ، شاعر آهي جي معرفت ملاقات ٿي اهو زمانو 78ع جو هو ۽ مون ملدسي مان الفقراء جي نمائندگي حاصل ڪئي، بعد ۾ ناز سنائي معرفت روزانه آفتاب جي ايڊيٽر شيخ علي محمد سان ملاقات ڪري آفتاب ۾ ملدسي ۾ رپورٽر مقررٿيس، ان زماني ۾ روزانه سنڌ نيوز جي ايڊيٽر شيخ عزيز جي مهربانين سان ان اخبار ۾ ۽ عبدالغني درس جي مهربانين سان آڪاش ميگزين جيڪا بعد ۾ عبرت مئگزين جي نالي سان شايع ٿي. خير محمد کوکر محمود يوسفاڻي محمد حيات بلوچ غفور ڪريمي يعقوب جويو جي مهربانين سان روزانه عبرت ۾ حسام سومرو جي مهربانين سان روزانه هلال پاڪستان اخبارن ۾ آرٽيڪل لکڻ شروع ڪيا. هنن اخبارن ۾ علائقي ۾ ٿيندڙ علمي، ادبي، سياسي، سماجي، ثقافتي پروگرامن جا اکين ڏٺا احوال به لکڻ شروع ڪيا آفتاب اخبار سان گڏ مختلف اخبارن ۾ رپورٽر رهيو آهيان. روزانه سنڌو اخبار جو اسٽاف رپورٽر، عبرت گروپ ۾ سڄي سنڌ لاءِ نمائيندو خصوصي ۽ اسٽوري رپورٽر به رهيس، اڃان تائين عبرت ۾ ڪالم نگار فري لانسر رپورٽر طور ڪم ڪريان پيو، جڏهن ته ڪيترن ئي هفتيوار اخبارن جن ۾ ميراپور، جيئي لطيف، شاهين سنڌ جو چيف ايڊيٽر به رهيو آهيان، ڀيڄ ڀٽائي ميگزين، سروري ميگزين، سروري سرهاڻ ميگزين، سانگهڙ لائين ميگزين، مٽياري آن لائن ميگزين جو چيف ايڊيٽر پڻ آهيان. هن وقت تائين ٻين اخبارن کانسواءِ روزانه ڪوشش، روزانه شام، روزانه سوڀ، روزانه هلال پاڪستان، روزانه مهراڻ، روزانه مقدمو، روزانه الوحيد، روزانه سنڌ نيوز، روزانه آس، روزانه پاڪ، روزانه سنڌ سجاڳ، روزانه سنڌ مهراڻ، روزانه نجات، روزانه وفاء سنڌ، روزانه سرواڻ، روزانه بختاور، روزانه سوال، روزانه خلق، روزانه فاسٽ نيوز، روزانه هڱوراڻا سنڌ، روزانه انڊس ٽربيون، روزانه ڪلياڻ، روزانه پاڪ سنڌ، روزانه سڪار، روزانه نروار، روزانه طلوع کان علاوه لاتعداد هفتيوار اخبارن ۽ عبرت مئگزين هفتيوار سنڌو ڊائجيسٽ، هلال ميگزين، سنڌ سجاڳ ميگزين عوامي آواز ميگزين ۽ ٻين رسالن ۾ هر موضوع تي وڏي تعداد ۾ آرٽيڪل ڇپيا آهن. ۽ ڇپجندا رهن ٿا. 1993ع کان لطيف سائين جي ڪلام پيغام عام ڪرڻ لاءِ ڀيڄ ڀٽائي ميگزين شايع ڪريان پيو، جيڪو عرس مبارڪ ۾ هزارين ڪاپيون مفت ۾ ورهايون وڃن ٿيون. سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن قديم شهرن ڳوٺن تاريخي واقعن زنده ۽ انتقال ڪري ويل روحاني علمي، ادبي، سياسي، سماجي، ثقافتي، شخصيتن ، هنر مندن تي لکندو رهيو آهيان. پر گذريل 15 سالن کان وڌيڪ لکيو آهي. اخبارن جي زندگي هڪ ڏينهن جي هوندي آهي ان ڪري خواهش رهي ته منهنجي اڻ ڇپيل ۽ اخبارن ۾ ڇپيل مواد کي ڪٺي ڪري ڪتاب ڇپائي ان تاريخي مواد کي تاريخ جو حصو بنايان. پر اسان سست لڏو 5 سالن کان رڳو سوجيندو رهيس پر منهنجي دوستن خاص طور معشوق ڌاريجو، ۽ شير محمد مهر مونکي جاڳائيندا رهيا. جڏهن به ملاقات ٿئي ته اهي معلوم ڪن ته ڪتاب جو ڇا ٿيو ۽ نيٺ ڪتاب جو مواد سهيڙڻ شروع ڪيو ته ڪتاب جي نالي جو سوال اٿيو ڪيترائي نالا ذهن ۾ آيا پر نوجوان شاعر ليکڪ ۽ ڪمپئرنگ جي دنيا جي بادشاهه بخشڻ مهراڻوي جو تجويز ڪيل نالو ”ورق ورق گلاب “بهتر لڳو ۽ اڄ ورق ورق گلاب اوهان جي هٿن ۾ آهي هن ڪم ۾ آئون پنهنجي دوستن مسڪين محمد وارث خاصخيلي، جيڪو پنهنجي غريباڻي ڪار ۽ تيل سميت هر وقت پيش پيش هو ۽ هر موقعي تي زبردست چئي مونکي همٿائيندو رهيو جڏهن ته مهدي حسن پهنور، محمد صديق شيخ، لياقت ملاح به همٿائيندا رهيا آئون ٿورائتو آهيان بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ نواب شاهه جي سرواڻ شير محمد مهر صاحب، آڪائونٽ آفيسر حاڪم علي لنڊ، لائبريرين عطاءُ الرحمان سهتو ۽ ڪمپيوٽر آپريٽر جميل ڀٽي جو، جن خاص دلچسپي وٺي هي ڪتاب سهڻي سٽاء سان مٿئين اداري پاران ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ورنه اسين مولائي ماڻهو! ايترا مالي وسيلا نه هئا جو هيءُ ڪتاب اهڙي سهڻي انداز ۾ ڇپائي سگهان ها! هن ڪتاب ۾ وڌيڪ مواد ضلعي سانگهڙ جو آهي ان جو سبب اهو آهي جو سانگهڙ ضلعو منهنجو اباڻو ضلعو آهي انڪري هن ضلعي جو ڪافي مواد مون وٽ پهرين موجود هو، هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ولين، سنت صوفين، سنڌ جي ڪجهه تاريخي ماڳ مڪانن، سنڌ جي ڪجهه مشهور شهرن ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، سنڌ جي ڪجهه مشهور خاندانن، سنڌ جي ڪجهه مشهور زنده ۽ انتقال ڪري ويل، سياسي ،سماجي ،علمي ،ادبي، شخصيتن، فنڪارن موسيقي جي ڄاڻ رکندڙن ۽ سول سوسائٽي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ڪجهه مشهور شخصيتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي. انشاء الله تحقيقي ڪم جاري رهندو آءُ هن موقعي تي پنهنجي ساٿين نثار بالادي، قمر الدين ملڪ، مجيب ناريجو، وفا رضا بلوچ، حميد ابڙو، ارشد شاهه، رمضان پنهور، ارشاد بخاري، اسلم خاصخيلي، قاسم ڪلوئي، رشيد مگسي، عبدالڪريم ميمڻ، عطا حسين خاصخيلي، رستم سمون ۽ محترم استاد سيد حسين شاهه، محمد طيب خاصخيلي، جو پڻ ٿورائتو آهيان جن جو سدائين ساٿ رهيو آهي. ” ورق ورق گلاب“ اوهان جي هٿن ۾ آهي پڙهندڙن جي راءِ جو انتظار رهندو . دعائن ۾ ياد رکندا. اوهان جو پنهنجو نور سنڌي سرواڻ هائوس پلاٽ نمبر 114 چاڪي پاڙو نزد گورنمينٽ گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول شهدادپور ضلعو سانگهڙ آگسٽ، 2016ع موبائيل: 03342021806, 03012672216