شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

سماج سڌارڪ ۽ مثالي شخصيت عزيز احمد ڪاڪا

تعلقو نيو سعيد آباد ضلع مٽياري جي ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا واري علائقي ۾ پرائمري استاد محمد قاسم ڪاڪا جو نالو سندس شاگرد جيڪي وڏن عهدن تي به پهتا عزت احترام سان وٺندا آهن، سندس پڙهائڻ جو طريقو بهترين پاڻ شفيق استاد هئا. سندس ڪوششن ۽ مدد سان ڪيترائي غريب شاگرد پڙهي سرڪاري نوڪري سان لڳا. استاد محمد قاسم ڪاڪا جي گهر ۾ 11 جولاءِ 1976ع تي عزيز احمد ڪاڪا جنم ورتو. والدين جي بهترين تربيت جي ڪري هو به والد وانگر اڄ مثالي استاد آهي، پاڻ نه صرف بهترين ۽ مثالي استاد آهي پر سماج سڌارڪ به آهي. ٻين جي تڪليفن کي پنهنجي تڪليف سمجهي هر ممڪن انهن جي مدد ڪندو رهيو آهي. پاڻ پرائمري ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان سيڪنڊري گورنمينٽ مخدوم طالب الموليٰ هاءِ اسڪول مان فرسٽ ايئر انٽر گورنمينٽ اسلاميه سروري ڪاليج مان ايم اي پوليٽيڪل سائينس ۾ سنڌ يونيورسٽي مان سي پي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان جڏهن ته ايل پي سي حيدرآباد مان ڊسپينسري جو ڪورس به ڪيو. 1998ع ۾ استاد جي انٽرويو ۾ پاس ٿي استاد ٿيا. 2008ع ۾ آئي بي ٽيسٽ ۾ پاس ٿي جي ايس ٽي طور مقرر ٿيا ۽ پاڻ گورنمينٽ مخدوم طالب الموليٰ هاءِ اسڪول ڀليڏنو ڪاڪا ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا آهن، والد وانگر پاڻ به شفيق استاد پيرڊ ۾ اهڙي انداز سان پڙهائڻ جنهن سان شاگردن کي دلچسپي وڌي، هن اسڪول ۾ نياڻين جي ڪوايجوڪيشن تعليم آهي، پر اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي، نياڻين جي حوالي سان اهڙا پروگرام ڪرائيندو رهيو آهي، جو شاگردياڻين جي به دلچسپي وڌي آهي، وڏي تعداد ۾ نياڻيون هاءِ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪن ٿيون. عزيز احمد ڪاڪا نه صرف بهترين استاد آهي پر سماج سڌارڪ به آهي، شاگردي دور کان سماجي خدمت واري جذبي سان سرشار آهي. پاڻ ڳوٺ سڌار سنگت ڀليڏنو ڪاڪا جي مختلف عهدن تي رهيو آهي ۽ سماجي خدمت ڪئي آهي. ليڪن 2009ع کان صدر ٿيندو آيو آهي، صدر هئڻ دوران پنهنجي تنظيمي عهديدارن ۽ ميمبر دوستن جا خاص طور محمد لقمان ڪاڪا، مدد علي ڪاڪا، حاجي محمد ڪاڪا، ڀلي ڏنو ڪاڪا، ارشاد علي ڪاڪا، ذوالفقار علي ڪاڪا، جاويد احمد ڪاڪا، حافظ نثار احمد ڪاڪا، وڏيرو جمال ڪاڪا، پروفيسر غلام مصطفيٰ ڪاڪا جي سهڪار سان نه صرف پنهنجي ڳوٺ پر علائقي جي عوام جي خدمت ڪندو رهيو آهي. سروري ڪاڪا ڪوآرڊينش
ن جي پليٽ فارم تان حاجي مصري ڪاڪا جي سرپرستي ۾ ڪريم ڏنو ڪاڪا، ڊاڪٽر اي بي ڪاڪا، قادر بخش ڪاڪا، دوست علي ڪاڪا، الهه ڏنو ڪاڪا، شان علي ڪاڪا، محمد خان ڪاڪا، علي شير ڪاڪا، محمد بخش ڪاڪا، پروفيسر غلام مصطفيٰ ڪاڪا، طارق ڪاڪا جي سهڪار سان سماجي ڪم ڪري ٿو، ايس ايس ايف ضلع مٽياري جي جنرل سيڪريٽري جي حيثيت سان غريب شاگردن جي مدد، شاگردن ۾ ڊبيٽ تقريرون ڪرڻ جو شوق جڳائيندو رهي ٿو. ليڪن ڳوٺ سڌار سنگت ڀلي ڏنو ڪاڪا جي پليٽ فارم تان وڏي ليول تي سماجي خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هر سال جشن عيدميلادالنبي ڪري سيرت نبوي بابت شاگردن کان تقريرون ۽ نعت خواني جا مقابلا به ڪرايا وڃن ٿا.
اسڪول جي پوزيشن هولڊر شاگردن جي همٿ افزائي لاءِ سندس اعزاز ۾ پروگرام ڪرايا وڃن ٿا. غريب شاگردن جي هر طرح مدد ڪئي وڃي ٿي. انهن جي فئن ڪاپين ۽ مالي مدد جي ڪري ڪافي غريب شاگرد پڙهن پيا. علائقي ۾ بند پيل اسڪولن کي کولائڻ لاءِ عزيز احمد ڪاڪا جو اهم ڪردار رهيو آهي. ٻار نه پڙهائيندڙ والدين سان ملاقاتون ڪري کين ٻار پڙهائڻ لاءِ آماده ڪري ٿو، اگر غريب جي ڪري والدين ٻار نه ٿا پڙهائين ته انهن جي هر طرح سان تنظيم جي پليٽ فارم يا ذاتي طور تي مدد ڪري ٿو. سندس ڪوشش سان علائقي جا بند پيل اسڪول کليا آهن، استادن جو ويزا تي وڃڻ وارو سلسلو بند ٿيو آهي. يا گهٽيو آهي. وڌيڪ تعليم حاصل ڪندڙ هن علائقي جا شاگرد جڏهن هالا يا حيدرآباد وڃن ٿا ته اُتي رهائش جو وڏو مسئلو هوندو آهي، سندس ڪوششن سان اهي مسئلا حل ٿيا آهن، پاڻ آر ايڇ سي ڪميٽي جو چيئرمين پڻ آهي، سندس ۽ سندس دوستن جي مدد سان هي اسپتال هڪ مثالي اسپتال بنيل آهي. ايمرجنسي ۾ تنظيم جي پليٽ فارم يا ذاتي طور رت جو انتظام ڪرڻ گاڏي ڪري هالا حيدرآباد جي اسپتالن ۾ مريضن کي پهچائڻ اُتي دوائون وغيره وٺي ڏيڻ غريب مريضن سان گڏ رهندڙن کي ماني وغيره لاءِ مالي مدد ڪرڻ جهڙوڪ سندس فرض ۾ شامل هجي، سندس ڪوششن سان تنظيم پاران اکين جي چڪاس ۽ آپريشن جون مُفت ڪئمپون لڳنديون رهن ٿيون. تيلسما جي مريضن لاءِ رت جون ڪئمپون به لڳرايون وڃن ٿيون. پوليو مهم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ به سندس شاندار ڪردار رهيو آهي. علائقي ۾ هيپاٽائٽس جي چڪاس ۽ علاج جون مُفت ڪئمپون مڇرمار اسپري مهم جي حوالي سان به ساٿين سان گڏ سندس ڪردار رهيو آهي. ڳوٺ ڀلي ڏنو ڪاڪا شايد سنڌ جي چند انهن ڳوٺن ۾ شامل آهي جتي مرڻي پرڻي لاءِ ڊيڪوريشن جو مُفت بندوبست ڪيو وڃي ٿو، تنظيم پاران محمد علي ڪميونٽي هال ٺهرايو ويو آهي. ڪميونٽي سينٽر کوليو ويو آهي، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن پاران نياڻين جي تعليم لاءِ مڊل اسڪول کولرايو ويو آهي، سروري ڪاڪا ڪوآرڊينشن جي پليٽ فارم تان ماڻهن ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، چونڊيل نمائندن کان علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن ٿا، عزيز احمد ڪاڪا نظرياتي طور سنڌ پرست آهي، پر مخدوم خاندان سان روحاني لڳاءُ سروري جماعت جو هئڻ ڪري مخدوم خاندان سان هر سطح تي گڏ رهيو آهي. پاڻ بهترين مقرر بهترين اسٽيج سيڪريٽري به آهي. ادب سان سندس لڳاءُ رهيو آهي، پر علائقي جي شاگردن ۽ دوستن کي به ادب سان چاهه وڌرائڻ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو آهي. صوفيانه راڳ ۽ انقلابي گيت شوق سان ٻڌندو آهي، شاهه لطيف اُستاد بخاري، طالب الموليٰ، احمد خان مدهوش، شيخ اياز فنڪارن ۾ عابده پروين، صادق فقير، ضامن علي، سرمد سنڌي، شفيع فقير سندس پسنديده آهن. پاڻ مثالي استاد آهي، جڏهن به موڪل ڪندو آهي، تڏهن به هڪ پيرڊ وٺي پوءِ ويندو آهي. هن جون اهي به ڪوششون رهيون آهن ته نيو سعيد آباد جي مختلف کاتن خاص طور تعليم ۾ جن آفيسرن جو بهترين ڪردار رهيو آهي. يا علائقي جي ماڻهن جي عوامي خدمتن تي سندس اعزاز ۾ تنظيم جي پليٽ فارم تان شاندار آجياڻا ڏنا وڃن ٿا. تازو علائقي جي ٻن نوجوانن سيد منصور علي شاهه ولد خليفو سيد علي اڪبر شاهه جنهن زوالاجي ۾ ۽ نواب ڪاڪا جنهن سنڌي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي، انهن جي اعزاز ۾ وڏو پروگرام ڪيو، کين اجرڪون ۽ شيلڊون به ڏنيون ويون، اهڙي عمل جو مقصد ٻين ماڻهن کي به همٿائڻ جي عزيز احمد ڪاڪا علائقي ۾ ڪيترو بهترين روايتون قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. لبرل سوچ رکندڙ نوجوان آهي.