شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

نرالي اسلوب وارو ليکڪ نواز ڪنڀر

نواز ڪنڀر جو شمار سنڌ جي بهترين ليکڪن ۽ محققن ۾ ٿئي ٿو. هي تاريخي ماڳ مڪانن، تاريخي واقعن تي باريڪ بينيءَ سان تحقيق ڪندو رهيو آهي. خاص طور ضلعي سانگهڙ جي تاريخي ماڳ مڪانن، حر تحريڪ ۽ ٻين واقعن تي تمام سٺو لکيو آهي. پاڻ صحافي ، سماج سڌارڪ، ريڊيو ڪمپيئر به آهي. پاڻ 12 آگسٽ 1965ع تي ڳوٺ نواب اڪبر بگٽي ضلعي سانگهڙ ۾ محمد موسى ڪنڀر جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس خاندان جو اصل ڳوٺ تعلقه ڇاڇرو ۾ آهي، سندس والد سندس خاندان جو پهريون لکيل پڙهيل ماڻهو هو، جيڪو ٽيليفون آپريٽر هو، بعد ۾ اتان ڇڏي ٺيڪيداري شروع ڪئي. نواز ڪنڀر جو نالو نواز علي ڪنڀر آهي، جڏهن ته کيس شاعري جو جنون هو ۽ شاعري سکڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڻ ڪاوش تخلص اختيار ڪيو، شاعري ۾ عبور حاصل نه ڪري سگهيو. پاڻ اخبار رسالن ۾ نواز ڪنڀر جي نالي سان لکڻ شروع ڪيو، پاڻ پرائمري ڪوٽ اڪبر بگٽي ڇهين کان ڏهين درجي تائين سانگهڙ هاءِ اسڪول، انٽر بي اي سانگهڙ ۾ ايم اي اڪنامڪس ۽ ايم بي رورل ڊولپمينٽ پرائيويٽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪئي. نواز ڪنڀر ننڍي هوندي کان ذهين، همدرد، اجاين ڪمن کان پري تعليم ڏانهن توجهه ڏيندڙ رهيو. اسڪول ۾ ڪوئيز پروگرام ۾ شوق سان حصو وٺندو هو. ان لاءِ جڏهن ڪوئيز وارا ڪتاب پڙهيا ته هن انهن ڪتابن ۾ ٻين ڪتابن جي فهرست به ڏٺي ۽ سندس دل اهي ڪتاب پڙهڻ لاءِ چيو ۽ سانگهڙ جي لائبريري مان ڪرائي تي ڪتاب حاصل ڪري والدين کان لڪي پڙهڻ لڳو، هن جڏهن صديقي صاحب جو ناول خدا ڪي بستي جنهن تي بعد ۾ پي ٽي وي تي ڊرامو ٽيليڪاسٽ ٿيو ۽ وڏي مقبوليت ماڻي اهو ڪتاب پڙهڻ بعد سندس زندگي ۾ تبديلي آئي ۽ لکڻ جو شوق جاڳيو ۽ سندس پهرين ڪهاڻي گل ڦل رسالي ۾ شايع ٿي، ان بعد هن ٻيون به ڪيتريون ئي ٻاراڻيون ڪهاڻيون لکيون بعد ۾ جڏهن سندس والد وٽ پيل هڪ پراڻي ڪتاب تان هڪ ٻاراڻي ڪهاڻي ٿوري ڦير گهير سان اهو سوچي لکي ته ڪتاب پراڻو آهي سندس اها ادبي چوري لڪي ويندي پر سندس اهڙي ادبي چوري تي گل ڦل جي ايڊيٽر ايڊٽوريل ۾ هن جو نالو لکڻ کانسواءِ اهڙي ادب چوري تي تنقيد ڪئي ۽ لکيو ته ادبي چوري ڪندڙ لکندڙ اهڙيون حرڪتون ڪندا ته کين بليڪ لسٽ ڪيو ويندو.نواز ڪنڀر جي گهرو حالتون سازگار نه هيون،سندس والد ۽ والده ۾ اڪثر جهيڙا ٿيندا هئا. هن ماءُ کي حق تي هجڻ محسوس ڪندي ان جي سائيڊ وٺندو هو، گهر جي اهڙي ماحول ڪري ٽينشن ۽ مايوس رهڻ ڪري لکڻ وارو عمل به رڪجي ويو. پاڻ 85ع ۾ سوشل ويلفيئر کاتي ۾ ڪلارڪ ٿيو، بعد ۾ مارڪيٽنگ اسسٽنٽ طور ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ هڪ ڇوڪري جنهن جا واسطا ان وقت جي وزير اعظم محمد خان جوڻيجو جي والده سان هئا ۽ ان جي معرفت کيس پي آءِ اي ۾ ڪارگو اسسٽنٽ جو آرڊر ٿيو اهو آرڊر کڻن لاءِ جڏهن اسد جوڻيجو وٽ پهتو ته ان اٿندي هن کان سوال ڪيو ته ڪنهن جا مريد آهيو. جڏهن هن ٻڌايو ته مخدوم سرور نوح رح جو ته هن جو نڪتل آرڊر روڪي ڇڏيو. ان بعد نواز ڪنڀر نئين روشني اسڪول جو سپروائيزر ٿيو. اهو پروگرام ختم ٿيڻ بعد هاءِ اسڪول جو ڊرائينگ ٽيچر بعد ۾ جي ايس ٽي بعد ايڇ ايس ٽي ٿيو، بعد ۾ ڪميشن پاس ڪري 93ع ۾ ليڪچرار ٿيو، پهريون آرڊر شهدادپور ڪاليج ۾ ٿيو، ان بعد سانگهڙ ڪاليج ۾ وچ ۾ ڊپٽي ڊي او ڪاليجز به ٿيو، هن وقت سانگهڙ ڪاليج ۾ آهي. ادبي دنيا ۾ سندس ڊگهي ماٺار بعد 1995ع کان ٻيهر لکڻ شروع ڪيو، مختلف اشوز ، مختلف موضوع تي هن وقت تائين سندس لاتعداد مضمون ۽ تاريخي ماڳ مڪانن، شخصيتن تاريخي واقعن تي آرٽيڪل ، عبرت، ڪاوش، عبرت ميگزين، عوامي آواز، سنڌ، مهراڻ، جيجل، افيئر ميگزين ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. نواز ڪنڀر هر لوڪ ادب، ڏات تي بهتر انداز ۾ ڪم ڪيو آهي. جهونن ماڻهن جي سيني ۾ سانڍيل تاريخي واقعا انهن سان ڪچهريون ڪري لکيا آهن، پاڻ حر تحريڪ، ماحوليات، تبديلي ، تعليم، عورتن جي حقن، مسئلن، مختلف شهرن جي تاريخ، لطيف سائين جا سانگهڙ ضلعي ۾ پنڌ ۽ پيچرن ۽ ٻين موصوع تي تمام گهڻو لکيو آهي. سندس خواهش رهي آهي ته هو افسانه ، ڪهاڻيون، ناول به لکي پر سندس اهي خواهشون اڌوريون رهيون. ڪوششن جي باوجود ان ۾ ڪامياب نه ويو. شروع کان تحقيق سان سندس دلچسپي رهي آهي. سندس چوڻ موجب سنڌ جي تاريخي ماڳن، قديم شهرن تاريخي واقعن جن تي تمام گهٽ تحقيق ٿي آهي. جيڪا تحقيق ٿي آهي اها ان ليول تي نه ٿي آهي. جنهن ليول تي ٿيڻ گهرجي. لوڪ ڏاهپ تي عبدالقادر جوڻيجو کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو، تحقيقي ڪم اشتياق انصاري کان متاثر ٿي ڪيو ۽ انهن کان سکيو ته تحقيقي ڪم ڪيئن ڪجن. ان لاءِ اڳواٽ تياري ڪئين ڪجي. اڇڙي ٿر کي متعارف ڪرائڻ ۾ نواز ڪنڀر جو ڪردار رهيو آهي. اڳ اڇڙي ٿر ۽ اڇڙي ٿر جي اسرارن بابت ماڻهن کي گهٽ معلومات هئي پاڻ اڇڙي ٿر کي عام ماڻهن تائين متعارف ڪرائڻ لاءِ اڇڙي ٿر ۾ شاندار اٺ ميلو ڪرايو ۽ ميڊيا کي اتي وٺي ويو. اڇڙي ٿر ۽ اتي تاريخي ماڳ مڪانن، خوبصورت قديم ڍنڍن بابت سندس ڪافي تحقيقي آرٽيڪل مختلف اخبارن، رسالن ۾ شايع ٿيا آهن. پاڻ بهترين مقرر به آهي، ڪيترن ئي سماجي تنظيمن سان به وابسته آهي، پاڻ ايف ايم سانگهڙ جي ٻن مقبول پروگرام اهڃاڻ ڳالهائين ٿا ۽ سنڌ نامون جو ميزبان پڻ آهي، سنڌ نامون ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن تاريخي واقعن تي مبني پروگرام آهي. ان ۾ تاريخ جي ڄاڻ رکندڙ شخصيتن کي گهرايو ويندو آهي. نواز ڪنڀر ماضي ۾ بهترين ڪرڪيٽر به رهيو آهي. کيس راڳ سکڻ جو شوق هئڻ جي باوجود نه سکي سگهيو، پاڻ مشهور بينجو نواز استاد آغا کان بينجو به سکيو پر سکيا مڪمل ٿيڻ کان اڳ استاد آغا خبر ناهي ڪيڏانهن هليو ويو. پاڻ بلوچستان ۾ اسٽولا ٻيٽ تي به ويو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته سورهيه بادشاهه کي ڦاهي ڏئي کيس اتي دفن ڪيو ويو. هن اتي وڃي تحقيق ڪئي، جتي جهونن ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون، جن پنهنجي وڏن کان ٻڌل ڳالهيون ٻڌايون ته واقع سورهيه بادشاهه کي هتي سپرد خاڪ ڪيو ويو. پر ڪجهه ڏينهن بعد سندس ميت وارو تابوت هتان ڪڍي ڪراچي طرف کڻي ويا. نواز ڪنڀر حر تحريڪ تي ڪافي تحقيق ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته وطن يا ڪفن واري حر تحريڪ ۾ انگريز خلاف ويڙهه کانسواءِ سروري جماعت ۽ ٻين ماڻهن سان به زيادتيون ٿيون آهن، انهن تي تحقيق ٿيڻ گهرجي، ان بابت ڪميشن ويهڻ گهرجي، نواز ڪنڀر کي ماڻهو روڊ طبعيت، چڙ چڙاڪ وڏائي ڪندڙ سمجهن ٿا، ليڪن اهڙن دوستن جي سمجهه جو فرق آهي. نواز ڪنڀر سنجيده، همدرد يار ويس، هر دلعزيز کل ڀوڳ ڪرڻ وارو آهي، ليڪن پاڻ اصول پرست غلط ڳالهه تي ها ۾ ها نه ملائڻ وارو، سچ کي سچ ڪوڙ کي ڪوڙ چوڻ وارو آهي، فرمائشي پروگرام وارو ليکڪ نه آهي. مختصر ڳالهائي ٿو پر جيڪو ڳالهائي بهتر ڳالهائي ٿو. سندس ادبي، تحقيقي ڪم تي ڪافي تعداد ۾ ايوارڊ مليا آهن. پاڻ مهتاب اڪبر راشدي جي ڪمپيئرنگ کان متاثر آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت سميت ڪافي ادبي ثقافتي تنظيمن ۾ر هيو آهي پر اتي به اصولن جي سودي بازي نه ڪرڻ، سچ حق جي ڳالهه ڪرڻ ڪري کيس انهن تنظيم مان هٽايو ويو. علي محمد راشدي جو ڪتاب اهي ڏينهن اهي شينهن سندس پسند جو ڪتاب آهي، نصير مرزا جي نثر لکڻ جي انداز کان به متاثر آهي، سندس لکڻين جا 8 ڪتاب ڇپيل آهن جن ۾
Traditional ecological knowledge دادو ضلعي جو ماحولياتي جائزو آبهوا تبديلي جو ٿرپارڪر ضلعي تي اثر، 2010ع جي ٻوڏ جا مثبت اثر، ڀٽائي جا پنڌ ۽ پيچرا ماحولياتي لوڪ ڏاهپ، اڇڙو ٿر
Sabul en bahram jamaliجڏهن ته 2 ڪتاب ڇپائي جي مرحلي ۾ آهن، سندس چوڻ اهي ته سندس ادبي تحقيق ڪم ۾ سندس گهر واري ۽ سندس نياڻي دانيال جو سهڪار به شامل آهي، نواز ڪنڀر کي 2 پٽ 2 نياڻيون آهن، ، نواز ڪنڀر پي ٽي وي تي نيوز ڪاسٽر به رهيو، سندس خواهش آهي ته پاڪستان ۾ رهندي سنڌ خوشحال رهي شاهوڪار سنڌ جي عوام غريب آهي. کيس فنڪارن ۾ مڪيش بيحد پسند آهي، وٽس مڪيش جا ڳايل تقريبن گيتن جون ڪيسٽون موجود آهن.