شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

سنڌي ثقافت جو امين منظور احمد قناسرو

سنڌ ڌرتي پنهنجي ڪک مان ڪئين سپوت پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي فيلڊن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي نه صرف سنڌ ڌرتيءَ وارن جي خدمت ڪندي پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي، پر پنهنجو نالو به ڪڍرايو آهي. اهڙِن عظيم شخصيتن ۾ اڳوڻو ڊائريڪٽر جنرل سياحت کاتو حڪومت سنڌ منظور احمد قناسرو به هڪ آهي، پاڻ ثقافت کاتي ۾ ذهين، باصلاحيت، خوددار، جفاڪش، باهمٿ، فرض شناس آفيسر طور سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سياحت ثقافت کان وٺي ڊي جي ثقافت، چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف ۽ ڊي جي سياحت تائين ايئرڪنڊيشن آفيسن ۾ ويهي آرام ڪرڻ بجاءِ کاتن ۾ بهتر تبديليون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس ڪوششون ڪامياب ويون آهن. پاڻ بهترين پلاننگ ڪندڙ عوام دوست آفيسر آهي. منظور احمد قناسرو 65-5-1 تي لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ قناسرا ۾ سائين محمد صفر قناسرو جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾، اعليٰ تعليم لاءِ شاه عبداللطيف يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. پاڻ 1986ع ۾ سرڪاري کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪئي، جيڪا اڃان سوڌو هلندڙ آهي. سندن بهترين ڪارڪردگي کي سامهون رکندي سنڌ سرڪار کيس اوقاف کاتي جو چيف ايڊمنسٽريٽر پڻ مقرر ڪيو هو. پاڻ ثقافت کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، ڊپٽي ڊائريڪٽر، ڊائريڪٽر، ڊائريڪٽر لياقت ميموريل لائبريري ڪراچي به رهيا آهن. انهن مختلف عهدن تي رهڻ دوران سندن ڪارڪردگي نمايان رهي. ڊي جي ثقافت جي حيثيت سان سندس ذميوارين ۾ سنڌ جي تهذيب، ثقافت کي اجاگر ڪرڻ سوڌو ٻولي علم، ادب جي خدمت جهڙا موضوع شامل آهن. پاڻ نه صرف ادب دوست ۽ فنونه لطيفه سان چاهه رکندڙ آهي، پر ان سان گڏ لکڻ پڙهڻ سان پڻ چاهه رهيو اٿس. بهترين ليکڪ هئڻ جي باوجود ڪڏهن به پاڻ کي بهترين ليکڪ نه سڏايو آهي، پر زميني حقيقتون اهي آهن ته پاڻ بهترين ليکڪ به آهي، هڪ ڪتاب ڀٽائي جو ثقافتي ورثو لکيو. هي ڪتاب بنيادي طور تي Compilation Work آهي. هن ڪتاب ۾ درگاهه تي ٿيندڙ ريتون رسمون، درگاهه ۽ لطف سان وابسته هنڌن جو مختصر پر جامع احوال آيل آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ ڪجهه اهڙا فوٽوگرافس شامل ڪيا ويا آهن، جن جو ماضي ۾ ڪوبه مثال نٿو ملي. هن ڪتاب جي لطيف سائين جي پارکن ۽ مشهور اديبن ساراهيو. هن ڪتاب جي اهميت افاديت کي نظر ۾ رکندي ثقافت کاتي پاران کيس هڪ لک رپيا انعام به ڏنوويو ۽ ثقافت کاتي جي ان وقت جي صوبائي وزير قمر منصور ۽ سيڪريٽري مهتاب اڪبر راشدي وڏي تعريف ڪئي. بعد ۾ ان ڪتاب جو انگريزي ۾ ترجمو ڪري ڇپايو ويو. جڏهن ته منظور قناسرو ڪيترن ئي ڪتابن جو مرتب پڻ آهي. سندس ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ ڀٽائي جو آدرشي انسان، سرڪوهياري، سرڪيڏارو، شاهه لطيف حيات و افڪار ۽ ٻيا لاتعداد ڪتاب شامل آهن. هڪ دفعي ڪچهري ۾ سندس ثقافت کاتي ۾ ڪارڪردگي بابت معلوم ڪيم ته هن چيو ته ثقافت کاتو ٻين کاتن جي ڀيٽ ۾ حساس آهي. جنهن جو سڌو سنئون تعلق اسان جي ثقافت سان آهي، جنهن ۾ اسان جي اٿڻي ويهڻي کان وٺي لباس، اسان جا ماڳ مڪان مطلب ته هر اها شيءِ جيڪا سنڌ سان لاڳاپيل آهي، ان ڪري اسان کي ڪوبه عمل ڪرڻ کان اڳ تمام گهڻي سوچ ويچار ڪرڻي پوي ٿي، ته جيئن ماڻهن ۽ ميڊيا جي تنقيد جو نشانو نه ٿيڻو پوي ۽ ثقافت کي صحيح رخ ۾ اڳتي وٺي هلجي. منظور قناسرو روايتي آفيسر نه آهي. سياحت کاتي ۾ ڊي جي ٿيڻ بعد سنڌ جي سياحت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون قابل تعريف آهن. سندس ڪوشش رهي آهي ته کاتي جي ڪارڪردگي کي بهتر بنائجي، ماضي کان حال تائين ثقافت کاتي جي پروگرامن خاص طور لطيف سائين جي عرس مبارڪ ۽ حضرت قلندر لال شهباز ۽ ٻين بزرگن جي عرس مبارڪن ۾ ٿيندڙ محفل موسيقي ۽ ادبي، سگهڙ ڪانفرنس کي شاندار ڪامياب بنائڻ لاءِ نه صرف بهترين پلاننگ ڪندو رهيو آهي، پر پروگرامن جي ڪاميابي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪندو آهي. اهوئي سبب آهي ته ثقافت کاتي ۾ سندس وڏي حيثيت آهي. جهڙي ريت ماضي ۾ حميد آخوند کي ثقافت کاتي جي جان سڏيو ويندو هو، ان ڪري جو هو خود ثقافتي ماڻهو هو، سنڌ جي ثقافت سان ان جو پيار هو، اهڙي ريت منظور قناسرو کي به ثقافت کاتي جي جان سڏيو وڃي ٿو. پاڻ ثقافت کاتي جي بهتري لاءِ پروگرامن کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ايڪسٽرا ڪم ڪرڻ جهڙوڪ سندس فرض ۾ شامل هجي. سندس ڪوششن ۽ نيڪ صلاحن سان قمر منصور جي صوبائي وزير ۽ مهتاب اڪبر راشدي جي کاتي جي سيڪريٽري دوران، ساهتڪارن، ڪلاڪارن جي وظيفن ۾ به رڳو اضافو آندو ويو پر مالي سهائتا واري عمل کي پڻ آسان بنايو ويو ۽ مختلف شعبن لاءِ جدا جدا فنڊ رکيا ويا. جن ۾ ڪتابن جي اشاعت، ميلا ملاکڙا، ٻيون ثقافتي سرگرميون شامل آهن. ڀٽ شاه ثقافت مرڪز جي ترقي توسيع ويجهه واڌ لاءِ وقت به وقت بهترين پلان جوڙي کاتي جي وزيرن، سيڪريٽرين کي ڏيندو رهي ٿو. سندس لطيف سائين سان حد درجي جي عقيدت به آهي. منظور قناسرو 2010ع ۾ اوقاف کاتي جو چيف ايڊمنسٽريٽر به ٿيو، ان وقت اوقات کاتي جو ڏيوالو نڪرڻ وارو هو. ملازمن جون ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون بند هيون، ان وقت حڪومت سنڌ هن کاتي کي بچائڻ لاءِ منظور قناسرو کي روشني جو ڪرڻو سمجهي ان اميد سان چيف ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ۽ واقعي به هن ڪري ڏيکاريو. هن پنهنجي ذهانت محنت ڪوششن جدوجهد سان نه صرف درگاهن خاص طور ڀٽائي ۽ قلندر جي درگاهن جي نذراني جي آمدني وڌي پر هن لطيف جي درگاهه ۽ قلندر تي لنگر عام جو سلسلو شروع ڪيو. هن قلندر جي درگاهه تي وڏي تعداد ۾ اتي بيٺل بااثر ماڻهن جا ڏنڊڙا ماڻهو جيڪي درگاهه جي خادمن جي روپ ۾ بيهندا هئا ۽ اتي زائرين کان نذراني جا ڏوڪڙ وٺندا هئا ۽ مزار تي پوندڙ سون ۽ وڏيون رقمون کڻي ويندا هئا، انهن کي هٽايو ۽ نذراني ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ختم ڪئي، لطيف جي درگاهه جي ڪٽهڙي ۾ پوندڙ سون ۽ وڏيون رقمون جيڪي هڙپ ڪيون وينديون هيون ۽ اتان آفيسرن جي لاءِ ملندڙ خرچ جي آڙ ۾ خردبرد ٿيندا هئا، هن اهو سلسلو ختم ڪرايو ۽ درگاهن تي صفائي سٺائي جو نظام بهتر بنايو. جڏهن ڪرپشن ختم ٿي ته آمدني رڪارڊ ٽوڙ وڌي منظور قناسرو چاهي ها ته ماضي جي ڪجهه چيف ايڊمنسٽريٽرن وانگر مالا مال ٿي وڃي ها. اڃان ڪرپشن جي خبر لهڻ ۽ ڪافي ڪرپشن هٿ ڪرڻ وارو سلسلو جاري رکيو ته خبر پئي ته جيڪڏهن اوقاف جي آمدني جو اڌ حصو به جمع ٿئي ته هي کاتو بچت ۾ هوندو. اهو سلسلو جاري هو ته ڪورٽ پاران ٻين کاتن ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن کي هٽائي پنهنجي کاتن ۾ موڪلڻ واري آرڊر اچڻ ڪري منظور قناسرو کي واپس ثقافت کاتو ۾ موڪليو ويو، جنهن ڪري اوقاف کاتي ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ ۽ ڪرپشن جا ڳجها طريقا هٿ ڪرڻ وارو سلسلو بند ٿي ويو ۽ اوقاف کاتو وري خساري ڏانهن وڌي ويو. اوقاف کاتي ۾ چيف ايڊمنسٽريٽري وارو سندس مختصر طور سونهري دور ليکيو ويندو. پاڻ هن وقت ڊي جي ثقافت جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، سندس اڻ ٿڪ محنتن ڪوششن سان کاتي جي ڪارڪردگي بهتر ٿي. منظور قناسرو پنهنجي ديس واسين جي خدمت ڪندي ۽ محنت کان پوءِ ملندڙ نتيجن تي خوش ۽ اهي ڳالهيون جيڪي ڪوبه مقصد نه ڏئي سگهن ۽ فضول ڳالهين تي بور ٿيندو آهي، واندڪائي ۾ تاريخ، ادب ثقافت بابت ڪتابن جو مطالعو ڪندو آهي. موسيقي سان سندس گهري دلچسپي رهي آهي. موسيقي شوق سان ٻڌندو آهي ۽ ان مان لطف اندوز ٿيندو آهي. سندس پسند جي فنڪارن ۾ استاد منظور علي خان، عابده پروين، محمد رفيع آهن. پاڻ خوش مزاج، سنجيده، رحم دل انسان آهن. دعا آهي ته منظور قناسرو اڃان وڌيڪ ترقي ڪري ۽ سنڌ جي ثقافت ۽ ان سان لاڳاپيل ڌرين جي خدمت ڪري. (آمين)