هڪ معتبر ۽ محبوب انسان محمد عظيم ڪنڀار
ڳوٺ کارڙو چارڻ ۾ ڪنڀارڪي ڌنڌي جو هڪ مشهور ڪاريگر ۽ علائقي جي ڪنڀار برادري جو پٽيل حاجي محمد بچل ڪنڀار غريب هئڻ جي باوجود علائقي جي مشهور شخصيت هو پاڻ سخي اوطاقي، مهمان نواز هو. 18 سيپٽمبر 1970ع تي کيس فرزند عطا ٿيو، جنهن جو نالو محمد عظيم ڪنڀار رکيو ويو محمد عظيم بي اي پاس ڪري پرائمري استاد ٿيو بعد ۾ سول انجنيئر ۾ ڊپلوما ڪرڻ بعد ايل بي او ڊي ۾ سرويئر رهيو. بعد ۾ بلڊنگ کاتي ۾ سرويئر ٿيو. کيس ننڍي هوندي کان ادب ۽ چترڪاري سان شوق رهيو،سندس ڀاءُ پروفيسر عبدالقيوم ڪنڀار ان دور ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو، جنهن جو ادب سان لڳاءُ هو هر موضوع جا ڪتاب سندس مطالعي ۾ رهندا هئا. عظيم ڪنڀار اهي ڪتاب پڙهندي کيس لکڻ جو شوق ٿيو، شروع ۾ ڪهاڻيون به لکيون، پاڻ بهترين شاعر به آهي. شاعري جي تقريبن صنفتن تي لکيو آهي پر غزل وڌيڪ لکيا آهن. شاعري جو شوق لطيف سائين ۽ مخدوم طالب المولى جي شاعري پڙهڻ ڪري ٿيو. پاڻ بهترين چترڪار به آهي، پاڻ ڪيترن ئي شخصيتن جون تصيرون به ٺاهيون، پاڻ ڪافي عرصي کان هڪ ڪتابي سلسلو جاري رکندو اچي پاڻ ڪجهه عرصي کان حضرت مخدوم سرور نوح جي ساليانه عرس مبارڪ، حضرت مخدوم طالب المولى جي ورسين تي ۽ مخدوم نويد الزمان ۽ مخدوم امين فهيم جي وصال تي خصوصي ايڊيشن شايع ڪيا، جڏهن ته پاڻ پنهنجي ڳوٺ جي تاريخي پسمنظم، ماضي حال ۽ ڳوٺ جي ساڃاهه وند ڌرين تي خاڪن تي مبني ڪتاب ”پرين پڳهه ڇوڙيا“ نالي سان شايع ڪيو آهي. سندس ڪوشش سان ڳوٺ ۾ مخدوم طالب المولى لائبريري قائم ٿي آهي. جنهن جو افتتاح 2015ع ۾ مخدوم امين فهيم ڪيو، لائبريري جا 2 ڪمرا سابق ايم پي اي علي مراد راڄڙ جي اسڪيم مان تعمير ڪرايا ۽ پاڻ پنهنجي خرچ تي 500 کان وڌيڪ ڪتاب خريد ڪري ڏنا آهن، ڪجهه اخبارون به گهرائي ٿو، محمد عظيم ڪنڀار ڀلوڙ آرٽيڪيڊ به آهي. پاڻ دوستن کان وٺي عام ماڻهن تائين فري ۾ جڳهن جا نقشا ٺاهي ڏيندو آهي. پاڻ علائقي جو سماج سڌارڪ به آهي، علائقي جا سماجي ڪم ڪندي خوشي محسوس ڪري ٿو. کيس 4 فرزند هڪ نياڻي آهي. کيس مطالعي جو وڏو شوق رهيو آهي هر قسم جا ڪتاب مطالعي ۾ رهيا آهن. سفر ۾ به پاڻ سان گڏ ڪتاب گڏ کڻندو آهي.
پاڻ بزم طالب المولى ۾ شامل آهي. سندس ڪوششن سان عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ ٻين ڪيترن ئي ضلعن ۾ ۾ بزم طالب المولى جون شاخون قائم ٿيون آهن. پاڻ علائقي جي تاريخي ماڳ مڪانن تي تحقيق به ڪئي آهي. پاڻ مارئي ڪير هئي ڪٿان جي هئي تي به تحقيق ڪئي آهي. سندس مختلف شخصيتن جي بايو گرافي تي مبني ڪتاب پڻ ڇپجڻ وارو آهي. سندس ڪوشش سان سندس ڳوٺ ۽ علائقي جي ڳوٺن جا ڪافي مسئلا حل ٿيا آهن. پاڻ سادو سٻاجهڙو ليڪن انتهائي ذهين وڏو مهمان نواز والد وانگر وڏو سخي ۽ اوطاقي پڻ آهي.