مشهور شاعر، اديب سماج سڌارڪ سيد شاهنواز شاهه ”عارف الموليٰ“
1965ع واري پاڪ ڀارت لڙائيءَ ۾ پنهنجي وطن جي فوجي جوانن کي همٿائيڻ لاءِ قومي ترانه ۽ گيت جيڪي مشهور فنڪارن جي آواز ۾ ريڊيو پاڪستان تي هر وقت نشر ٿيندا هئا. جنگ واري زماني ۾ انهن جنگي ترانن جي ڌوم متل هئي، پاڻ سنڌ ڌرتي جا قومي شاعر به هئا، سنڌي ماڻهن کي جاڳائيڻ پاڻ ۾ اتحاد ڪرڻ، پنهنجا حق وڙهي وٺڻ حقن جي حاصلات لاءِ مزاحمت ڪرڻ واري شاعري به ڪئي. پاڻ وڏا سخي مرد سماج سڌارڪ شخصيت پڻ هئا. غريبن جي مدد ڪندي سڪون محسوس ڪندا هئا، پاڻ غريبن جا ڀر جهلا هئا. اگر ڪو بااثر غريبن کي تنگ ڪندو هو، ظلم ڪندو هو ته پاڻ غريبن جا هر طرح سان مددگار بنجي ويندا هئا. پاڻ زندگي ۾ مال دولت گڏ ڪرڻ بجاءِ وڏي عزت ٺاهي، پاڻ وڏا مهمان نواز هئا، درگاهه واري اوطاق ڪراچي جي گذري واري بنگلي تي ايندڙ هر ماڻهو کي پنهنجي هٿن سان ماني کارائيندا هئا. ذوالفقار علي ڀٽو سان سندن ويجها تعلقات رهيا، ڀٽو دور ۾ ڪراچي واري بنگلي تي ڪم ڪارين وارن ماڻهن جي وڏي رش هوندي هئي، پاڻ نه صرف انهن کي ماني کارائيندا هئا پر سندن ڪم ڪارين لاءِ هر طرح جي ڪوشش ڪندا هئا. پاڻ قرآن شريف جا قاري ۽ بهترين عالم به هئا، ڳوٺ ۾ درگاهه واري مسجد ۾ جمعي ۽ عيد جي نماز پاڻ پڙهائيندا هئا ۽ پاڻ خطبو به ڏيند اهئا، کين وڏي اسلامي ڄاڻ هئي، پاڻ شاعري جي حوالي سان لطيف سائين، سچل، مولانا رومي ۽ حسن بخش شاه کان متاثر هئا. پاڻ انهن جي شان ۾ شاعري به چئي آهي. پاڻ لطيف سائين جي ڪلام جا پارکو هئا، پاڻ لطيف سرڪار جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ هئا. پاڻ مخدوم طالب الموليٰ جن جي ڪري پ پ سان وابسته رهيا. جنرل ضياءَ جي دور ۾ کيس معاشي طور تباهه ڪرڻ لاءِ زرعي زمين جا واٽر ڪورس بند ڪيا ويا، کيس سياسي ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو، پر پاڻ جهڪيا نه، ثابت قدم رهيا. وفات کان ڪجهه وقت اڳ پاڻ پنهنجي وصال بابت ٻڌايو ۽ پاڻ پنهنجي هڪ شعر ۾ به اشارو ڏنو ته:
اسين پنهنجا وارا وڄائي وڃون ٿا،
محبتن جا ميلا مچائي وڃون ٿا.
سندس وصال 23 جمادي الاول تي ڪراچي ويندي سپرهاءِ وي تي گاڏي جو ٽاءِ راڊ ٽٽڻ ڪري ٿيل حادثي ۾ ٿيو.