شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

رستمِ سنڌ شير ميربحر

منهنجي ملاکڙن سان ننڍي هوندي کان گهري دلچسپي رهي آهي، منهنجو والد الهه بخش ملاح به ملاکڙن جو شوقين هوندو هو. شاهه لطيف فقير نوح ٿياڻي فقير حسن بخش شاهه هادي ڊٺڙو شريف سيد قلندر شاهه اڌ قلندر ، ڳوٺ غلام محمد لغاري جي ميلن ۾ ٿيندڙ ملاکڙن ۾ ويندو هو، مون کي به ميلو گهمائڻ لاءِگڏ وٺي ويندو هو، مون ننڍي هوندي کان ملاکڙا ڏٺا ان ڪري اڄ تائين ملاکڙو سان دلچسپي رهي آهي. ملاکڙو سنڌ جي قومي راند آهي، ڪو زمانو هو جو ملاکڙي جي وڏي پذيرائي هوندي ئي. وڏا ماڻهو نه صرف ملهن جي سرپرستي ڪندا هئا پر ملهن جي خدمت ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا. مشهور ملهه پهلوان غلام سرور جتوئي ”شهيد“ جيڪو ڀائرن جهڙو دوست به هو، ان منهنجي جنم ڏينهن تي هڪ اخبار پاران شايع ڪيل خصوصي ايڊيشن ۾ مون تي جيڪو مضمون لکيو هو ان ۾ لکيو آهي ته ملدسي جنهن جو نالو ملهه تان پيو آهي. اتي هڪ عورت ملهه پهلوان ملهه وڙهندي هئي جيڪا پنهنجي دور جي طاقتور مشهور ملهه پهلوانن کي شڪست ڏيندي هئي پر هڪ دفعي هڪ ملهه پهلوان ان ملهه عورت کي شڪست ڏني جڏهن مائي ملهه دسي ته پوري علائقي ۾ هل هلي پيو ته ملهه دسجي وئي ان بعد هن ڳوٺ جو نالو ملهه دسي پيو، بعد ۾ ملدسي سڏجڻ لڳو، ملدسي ۾ جنم وٺندڙ نور سنڌي به ان مٽي مان پيدا ٿيل آهي، شايد انڪري نور سنڌي جي ملهه سان ايتري دلچسپي آهي. جو سنڌ ۾ مشهور اوليائن تي ٿيندڙ ملاکڙن ۾ باقاعده اچي ٿو، دلچسپي سان ملاکڙو ڏسي ٿو ۽ ملاکڙي جو اکين ڏٺو احوال هلائي ٿو، ملهن جي مسئلن تي ڪالم لکي ٿو. آئون جڏهن ڇهين ڪلاس جو شاگرد هيس ان وقت منهنجي عمر 14 سال کن هئي اهو زمانو تقريبن 1973ع جو هوندو لطيف سائين جي عرس واري ملاکڙي ۾ پهريون دفعو شير ميربحر کي ڏٺو آئون والد سان گڏ ميلو گهمڻ ويو هيس، انهن ڏينهن ۾ اتي ملاکڙي ۾ پيهون اڏي ٽڪيٽ ورتي ويندي هئي. مون کي ياد نه ٿو اچي ته شير ميربحر سان ڪهڙي ملهه پهلوان سان مقابو ٿيو پر ايترو ياد آهي ته ڪاميابي شير ميربحر ماڻي هئي. ۽ مٿس نوٽن جي برسات ٿي وئي هئي. ملاکڙو ختم ٿيڻ بعد بابا شير ميربحر سان مليو هو. بابا سان ذات واري حساب سان دعا سلام هئي. جڏهن 8 ڪلاس پاس ڪري اخبارون ۾ ڪچا ڦڪا مضمون ايڊيٽر جي ٽپال و خط لکڻ شروع ڪيا ته مون کي خواهش ٿي ته شير ميربحر جو انٽرويو ڪريان پر چاهيندي به انٽرويو نه ڪري سگهي، ڏهين ڪلاس پاس ڪرڻ بعد تعليم جو سلسلو جاي رکڻ سان گڏ صحافت شروع ڪئي، تقريبن 1978ع ۾ لطيف جي ميلي جي ملاکڙي ۾ پهتس انهن ڏينهن ۾ شير ميربحر ملهه نه وڙهندو هو پر ملاکڙن ۾ ضرور ايندو هو. ۽ ملاکڙن جي سربراهي ڪندو هو. ساڻن ملاکڙي ۾ ملاقات ٿي ۽ ساڻن گڏ فوٽو به ڪڍرايا پر بدقسمي سان زماني جي لاهين چاڙهين ۾ اهي فوٽو گم ٿي ويا. . 1984ع ۾ جنرل ضياءُ جي دور ۾ اخبارن ۾ پڙهيو ته شير ميربحر گردن جي بيماري ۾ سول اسپتال داخل ، ڪجهه ڏينهن بعد اخبارن م خبر لڳي ته پاڪستان اسپورٽس بورڊ اسلام آباد پاران سندس ملازمت ختم ڪئي وئي آهي. خبر جي تفصيل ۾ لکيو هو ته مشهور ملهه پهلوان شير ميربحر کي ذوالفقار علي ڀٽو 1974ع ۾ کيس ملهه جو ڪوچ مقرر ڪيو هو. هن 10 سال ملهه جي ڪوچ جي حيثيت سان شاندار ڪردار ادا ڪيو، هڪ سال بعد مارچ 1985ع تي اخبارن ۾ اها افسوسناڪ خبر پڙهي ته مشهور ملهه پهلوان شير ميربحر لاڏاڻو ڪري ويو.ا ها خبر مون سميت ملهه جي شوقينن تي وڄ وانگر ڪري پر مونکي وڌيڪ افسوس ٿيو ته شايد ان ڪري جو هو ذات وارو ۽ والد جي دعا سلام وارو هو. انهن ڏينهن ۾ شير ميربحر بابت ڪا وڌيڪ ڄاڻ نه هئي. بس اها خبر هئي ته هو مشهور پهلوان آهي. ۽ کيس رستم سنڌ به سڏيو وڃي ٿو. سندس وفات بعد سنڌي اخبارن م مٿس لکيل ايڊيٽوريل ۽ آرٽيڪلن مان خبر پئي ته هن ملهه راند کي فروغ لاءِ سدائين هر طرح سان ڪوششون ڪيون. هن 25 سالن تائين ملهه وڙهندي ڪيترن ئي پاڪستان ۽ غير ملڪي پهلوانن سان مقابلا ڪيا سندس وفات سان ملهه راند کي وڏو نقصان پهتو آهي. مون جڏهن هالا ۾ صحافت شروع ڪئي ته مخدوم طالب الموليٰ جن هڪ دفعي ڪن مهمانن سان پاڻ ملهه جو ذڪر ڇيڙيو ان ذڪر ۾ شير ميربحر جو به ذڪر شامل هو. پاڻ فرمايو ته شير ميربحر پنهنجو مٽ پاڻ هو جهڙو سهڻو جوان ملهه به اهڙي سهڻي وڙهندو هو. ان ڪچهري ۾ 1962ع ڌاري مخدوم طالب الموليٰ پاران ڪرايل ملاکڙي جو ذڪر به نڪتو ته ان مقابلي ۾ شير ميربحر چيڪو سلاويا جي مشهور پهلوان زيبسبڪو کي ملهه دسي ۽ کيس رستم سنڌ جو لقب به اتي مليو.
شير ميربحر تي مختلف اخبارن ۾ لکيل مضمون ليکڪ مولائي ملاح پاران شايع ڪرايل ڪتاب ”شير ميربحر“ فن ۽ شخصيت، پڙهڻ مان پتو پئي ٿو ته شير ميربحر روايتي ماڻهو نه هو، بهترين ملهه سان گڏ بهترين انسان، وڏو مهمان نواز، اوطاقي، سخي مرد به هو. جڏهن شير ميربحر وصال ڪيو ته دل چاهيو ته سندس تعزيت تي وڃان پر نه وڃي سگهيس ليڪن مون ان وقت عبرت ۽ آفتاب اخبار ۾ سندس وفات تي پنهنجي پاران تعزيتي خبر هلائي ۽ سندس فرزند شهاب الدين ملاح کي تعزيتي خط به لکيو هو. اڄ به جڏهن به ملاکڙن ۾ ويهندو آهيان ته شير ميربحر جي ياد ضرور ايندي اٿم. ملهه پهلوانن به سندس شخصيت ۽ پهلواني جي اڄ به ساراهه ڪن ٿا، اسان جي دوست غلام سرور جتوئي، ڪريم بخش شيدي سان جڏهن به ملهه بابت ڪچهري ٿيندي هئي ته شير ميربحر جو ذڪر به نڪرندو هو، غلام سرور جتوئي چوندو هو ته مرحوم شير ميربحر ملهه راند کي ڳوٺن مان ڪڍي شهرن ۾ آندو، کيس سدائين اهو فڪر رهندو هو ته ملهه راند کي اڃان وڌيڪ ترقي وٺرائي. حڪومت ملهه جي سرپستي ڪري ملهه پهلوان الهجڙيو سمون هڪ دفعو ٻڌايو ته شير ميربحر ملهه جي شوقينن ۾ ايترو ته مقبول هو جو جنهن ملاکڙي ۾ شير ميربحر ايندو هو ته اتي ماڻهن جو وڏو ميڙو مچي ويندو هو. اڄ شير ميربحر اسان ۾ موجود ناهي پر سندس ڳالهيون ڳائي رهيا آهيون، شير ميربحر کانپوءِ ڪيترائي مشهور ملهه گذاري ويا آهن پر مرڻ بعد انهن ايتري مڃتا نه ماڻي جيتري شير ميربحر ماڻي. زندهه دل قومون پنهنجي محسنن پنهنجي امرڪردار پنهنجي هيروز کي جيئري مانائتو ڪنديون آهن ۽وصال بعد کيس مڃتا ڏينديون آهن. کيس ياد رکندا آهن. شير ميربحر جو نيڪ فرزند شهاب الدين ملاح نه صرف والد جي هر ورسي تي کيس ياد رکندي سندس ساروڻيون سارڻ لاءِ ميڙاڪا ڪوٺائي ٿو پر پنهنجي والد جي ياد ۾ ملاکڙا به ڪرائي ٿو. اڄ جيڪا ملهه ترقي ڪئي آهي ان ۾ شير ميربحر جون ڪوششون ڪاوشون، محنتون شامل آهن. جيستائين ملهه راند زندهه آهي، ايستائين شير ميربحر جو نالو به زندهه رهندو.