شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

ڀلوڙ شاعر، ماڊل ۽ سماجي ورڪر رشيد مگسي

رشيد مگسي ڀلوڙ شاعر، ماڊل، سماجي ورڪر ۽ ماضي ۾ سياسي اڳواڻ رهيو آهي، عبدالرشيد مگسي 13 مئي 1967ع تي شاهپور چاڪر شهدادپور روڊ تي ڳوٺ شير دل مگسي ۾ مشهور شاعر، صحافي، شهه بيگ عرف مخمور مگسي جي گهر ۾ جنم ورتو، ڪاليج ۾ جساف يونٽ جي صدر کان سياست شروع ڪئي، ڪارڪردگي تي جساف ڊويزن حيدرآباد جو صدر به رهيو، بعد ۾ دوستن سان گڏجي جتي سنڌ ورڪرس پارٽي جو بنياد وڌو ۽ پاڻ مرڪزي چيئرمين چونڊيو ويو، ان پليٽ فارم تان بهارين جي آمد، ڪالاباغ ڊيم جي تعمير، نهري پاڻي جي کوٽ، ڪرپشن مهنگائي، منشيات جي ڪاروبار، وڌندڙ بدامني، تعليمي ادارن ۾ سياسي مداخلت، پوليس جي ظلم زيادتين، عورتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ٻين عوامي مسئلن خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ علامتي بک هڙتالون، احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون، بعد ۾ امير ڀنڀنرو جي سنڌ نيشنل پارٽي ۾ پنهنجي پارٽي کي ضم ڪيو، ان پارٽي جي پليٽ فارم تان به عوامي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪئي بعد ۾ سياسي دنيا مان مايوس ٿي سماجي ڪمن ۽ ماڊلنگ جي طرف آيو، پاڻ مختلف گانن تي خوبصورت ماڊلنگ ڪئي. سندس ماڊلنگ جون سي ڊيز ناز پروڊيڪشن، ٿر ۽ سهائي پروڊيڪشن پاران رليز ڪيون ويون، جن کي ڏسندڙ پسند ڪيو انهن مان ڪافي ماڊلنگ وارا گيت ڌرتي ۽ مهراڻ ٽي وي تي هلندا رهن ٿا. ماڊلنگ ۾ سندس جيجل ماءُ منهنجو دوست وٺيو ٿا وڃن، پيار منهنجهان ران پينگهو لوڏي لولي ته مٺڙي لولي ڏيان، ۽ جڏهن يارن کان ٿي جدائي ٿئي، ڏاڍا مقبول ويا، پاڻ مختلف سنڌي چينلن جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ۽ جي آر ڀنڀرو پاران حر تحريڪ تي ٺاهيل تاريخي وڊيو فلم “وطن يا ڪفن” ۾ اهم رول ادا ڪيو، پاڻ بهترين ڪمپيئر ۽ مقرر به آهي. ڪامريڊي دور ۾ لٺ بانٺي جو به مڙس ماڻهو رهيو، پاڻ ڪوشش ڪندي ڪنهن جي دل آزاري نه ڪندو آهي، انتهائي حساس، غريبن جو همدرد، حسن پرست، اصولن تي سودي بازي نه ڪندڙ کل مک انسان آهي، پاڻ ڌرتي ٽي وي جو سانگهڙ ۾ ضلع رپورٽر به آهي. ان جي حيثيت سان عوامي مسئلن کي دليري سان اجاگر ڪيو آهي. ننڍي هوندي کان ادبي ڪتاب پڙهڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. شاعري سان سندس وڏو چاهه آهي. ملڪ جي سٺن شاعرن جي شاعري پڙهندو رهيو آهي. شاگردي دور ۾ عشق جي چوٽ کيس شاعر بنائي ڇڏيو، آزاد نظمن کان شروعات ڪيائين ڏسندي بهترين شاعر طور پاڻ مڃايو پاڻ غزل، گيت، آزاد نظم وڏي تعداد ۾ لکيا اهن. سندس شاعري جو ڪتاب ڇپائي لاءِ ترتيب ڏئي رهيو آهي. پاڻ بهترين شاعر سان گڏ ڪهاڻيون ۽ افسانه به لکيا آهن، پاڻ ڪهاڻين جو ڪتاب ۽ دوستن پاران کيس لکيل خطن تي مبني ڪتاب به ڇپائي لاءِ ترتيب ڏئي رهيو آهي. سندس شاعري هالار رسالو، آفتاب، هلال پاڪستان اخبارن ۾ به شايع ٿي ڦوٽو زرداري، امام بخش زرداري، شريف لاشاري، صالح خاصخيلي، محفلن ۾ ڳايون، سنڌي ادبي سنگت شهدادپور ۾ سرگرم رهيو آهي. ان ۾ عهديدار به رهيو آهي. پاڻ سنڌ صحافي سنگت جو ڊويزن ميرپورخاص جو نائب صدر به رهيو آهي، انڊس ڪيبل نيٽ ورڪ ضلع سانگهڙ جو صدر ۽ ڪيترن ئي سماجي تنظيمن جو عهديدار ۽ اعزازي ميمبر پڻ آهي. پاڻ سهڻي ڪيبل نيٽ ورڪ شهدادپور جو ايم ڊي به آهي. پاڻ شهدادپور ۾ ٿيندڙ علمي، ادبي، سماجي، ثقافتي سرگرمين تعليمي ادارن جي سرگرمين، علائقي جي سماجي اڳواڻن، سول سوسائٽي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙن جا انٽرويو ڪرڻ کان سواءِ شهر جا عوامي مسئلا به ڪيبل تي هلائي حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. شهدادپور جو هڪ نوجوان نصير خاصخيلي ڪاري ڪامڻ ۾ مبتلا ٿي نازڪ حالت ۾ ٿي ويو، ڊاڪٽرن مشورو ڏنو ته ڀارت مان جگر جي پيوند ڪاري فوري طور ڪرائي وڃي پاڻ ان نوجوان جي زندگي بچائڻ لاءِ ڪيبل جي ٿرو ۽ ذاتي ڪوششون وٺي ان لاءِ 60 لک چندو گڏ ڪيو، ۽ نصير خاصخيلي جو ڀارت مان جگر جي پيوند ڪاري ٿي ۽ سندس زندگي بچي وئي، ان ڪارنامي کيس شهريت جي بلندين تي پهچايو. يارن جو يار، هر ماڻهو کي منهن تي سچ چوڻ وارو فقير منش انسان آهي، ڪيبل تي سندس ماڊلنگ ۽ عوامي مسئلن ۽ مختلف سرگرمين جون سي ڊيز مسلسل ڪيبل تي هلڻ ڪري سڄو شهدادپور کيس سڃاڻي، ماڻهن ۾ سندس وڏي عزت ۽ احترام آهي، جنهن گلي يا روڊ تان وڃي ته ساڻس هٿ ملائڻ لاءِ ماڻهو گڏ ٿي وڃن ٿا، ٻار هن کان شوق سان آٽو گراف وٺن ٿا سيلفي ڪڍرائين ٿا، پاڻ گهمڻ جو شوقين ملڪ جي تاريخي ماڳ مڪانن تي دوستن سان ويندو آهي ۽ اهي سفر ناما جي وڊيو ڪيبل تي هلائيندو آهي، جنهن کي ماڻهو شوق سان ڏسن ٿا، شاگردي دور ۾ ڪرڪيٽ جو بهترين رانديگر رهيو آهي. ضلع ڊويزن ليول تي شاهپور چاڪر هاءِ اسڪول جي ٽيم سان گڏ ڪرڪيٽ کيڏيو آهي. اسڪول ۾ ڪرڪيٽ انٽربورڊ جو چيئرمين به رهيو، ڪچهرين جو ڪوڏيو، وڏي سياسي بصيرت رکڻ وارو آهي، ڪرنٽ اشو تي دوستن ۾ ويهي ڪنهن دانشور وانگر بهترين تجزيا ڪندو آهي.