شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

معتبر سياستدان محمد خان جوڻيجو

سنڌ جي جوڻيجا خاندان ۾ وڏيون شخصيتون پيدا ٿيون آهن، جن ملڪ قوم لاءِ خدمتون سر انجام ڏنيون آهن. انهن مان محمد خان جوڻيجو هڪ آهي جو شريف النفس، لاتعداد خوبين جو مالڪ فقير منش انسان هو. جنرل ضياءُ الحق جي آمرانه دور ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جن ۾ پ پ بائيڪاٽ طور حصو نه ورتو، ان ۾ پاڻ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ۽ پير پاڳارو ”شاهه مردان ثاني“ جي آشير وارد سان ملڪ جو وزير اعظم بڻيو. سندس وزارت اعظمى وارو دور بهتر سڏيو وڃي ٿو. پهريون دفعو ملڪ ۾ 5 نڪاتي پروگرام تحت روڊ، رستا، اسڪول، اسپتالون ٺهيون، ڪيترائي ڳوٺ بجلي سان روشن ٿيا، ان دور ۾ ٺهيل بلڊنگون اڄ به سندس يادگار آهن. سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي تعليم آهر نوڪريون ڏنيون ويون. پاڻ انتهائي ذهين، باضمير، عوام جي خدمت وارو جذبو رکندڙ بااصول شخصيت هو. پاڻ 1932ع آگسٽ ۾ موجوده تعلقه سنڌڙي ۾ ڳوٺ دين محمد جوڻيجو ۾ مشهور زميندار سياسي سماجي شخصيت خان صاحب دين محمد جوڻيجو جي گهر ۾ جنم ورتو. شرافت ۽ عوام جي بنا فرق جي خدمت ڪرڻ واري حوالي سان سندس خاندان جو ماڻهو مثال ڏين ٿا. عوامي خدمت، شرافت فلاحي ڪم ڪرائڻ جي عيوض انگريز سرڪار دين محمد جوڻيجو کي خان صاحب جو لقب ڏنو. روايتون آهن ته هي خاندان بنيادي طور سروري جماعت سان وابسته هو بعد ۾ هي خاندان حر جماعت سان وابسته ٿيو. خان صاحب دين محمد خان جوڻيجو جون 2 شاديون هيون. هڪ گهر واري مان محمد خان جوڻيجو پيدا ٿيو، ڊگهي عرصي بعد پٽ ڄمڻ تي وڏو شادمانو ٿيو، محمد خان جوڻيجو لاڏ ڪوڏ سان پليو. 1946ع ۾ جڏهن محمد خان جوڻيجو ڦوهه جواني ڏانهن وڌي رهيو هو ته سندس والد وصال ڪري ويو. ۽ راڄ جي پڳ جو وزن مٿن آيو.۽ 14 سالن جي ڄمار ۾ کيس خاندان، علائقي جي ٻين راڄن پاران پڳ ٻڌرائي وئي. محمد خان جوڻيجو پرائمري تعليم سنڌڙي مان حاصل ڪئي. ان وقت حر تحريڪ وطن يا ڪفن عروج تي هئي، ان ڪري سنڌ ۾ مارشل لا لڳڻ ڪري سندس خاندان ميرپورخاص ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ محمد خان جوڻيجو ميرپورخاص ۾ سيڪنڊري تعليم ڪراچي جي مشهور تعليمي اداري پيٽراڪس اسڪول مان ايگريڪلچرل ۾ ڊپلوما هينگ يونيورسٽي انگلينڊ مان حاصل ڪئي، محمد خان جوڻيجو تعليم حاصل ڪرڻ بعد زمينداري ۽ راڄ ڀاڳ سنڀالڻ لڳو. 1954ع ڌاري پاڻ سياست ۾ قدم رکيو، ان وقت سندس عمر تقريبن 22 سال کن مس هئي، سانگهڙ ضلعي ۾ کيس مسلم ليگ جو صدر چونڊيو ويو. 62ع ۾ کپرو تڪ مان اولهه پاڪستان اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، جولاءِ 63ع ۾ کيس صوبائي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو. پاڻ پنهنجي ذهانت سان پاڻ کي بهترين وزير ثابت ڪيو، کيس وزارت ۾ صحت، لوڪل گورنمينٽ ليبر ڪو آپريٽو ورڪس ڪميونيڪشن جا قلمدان هئا پاڻ 1965ع وارين چونڊن ۾ ٻيهر ڪامياب ٿيو، کيس ٻيهر صوبائي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو. 66ع ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن صدر ايوب خان سان اختلاف ڪري سياسي طور الڳ ٿي پ پ جو بنياد وڌو ۽ 70ع ۾ عام چونڊون ٿيون، جنهن ۾ ٻين مشهور شخصيتن سان گڏ محمد خان جوڻيجو به هارايو. جنرل ضياءَ جي دور ۾ سندس حمايت ڪرڻ تي محمد خان جوڻيجو کي وفاقي وزير بنايو ويو. ايم آر ڊي تحريڪ ذريعي جمهوريت جي بحالي لاءِ هلايل هلچل ۾ بين الاقوامي طور دٻاءُ تي جنرل ضياءُ الحق 85ع ۾ غير سياسي عام چونڊون ڪرايون ان ۾ پ پ پاران بائيڪاٽ ڪيو ويو. نتيجي ۾ کپرو مان محمد خان جوڻيجو قومي اسيمبلي جي سيٽ تي بنا مقابلي ڪامياب ٿيو، سندس ذهانت عوام دوستي واري ذهانت ڪري پير صاحب پاڳارو جي حمايت سان کيس ملڪ جو وزير اعظم بڻايو ويو. ۽ پير صاحب پاڳارو جي مدد سان هو بنا مقابلي ايم اين اي ٿيو هو. 23 مارچ 1985ع تي پاڻ وزير اعظم پاڪستان بڻيو، جنرل ضياءُ اهو سمجهندو هو ته محمد خان جوڻيجو شريف سادو ماڻهو آهي ۽ سندس اشاري تي هلندو، ليڪن سندس اها سوچ غلط ثابت ٿي ۽ محمد خان جوڻيجو سندس اشاري تي هلڻ بجاءِ جمهوريت جي ڳالهه ڪئي ۽ حلف کڻڻ بعد پهرين تقرير ۾ صاف لفظن ۾ اهو چيو ته جمهوريت ۽ مارشلا گڏ نه ٿا هلي سگهن. سندس اهڙي جرئت مند واري تقرير ۽ فيصلي جنرلن کي ڇرڪائي ڇڏيو،سندن خواب ۽ خيال ۾ به اهو نه هو ته محمد خان جوڻيجو جهڙو فقير منش ۽ شريف النفس ماڻهو مارشل لا جي ان انداز ۾ مخالفت ۽ جمهوريت جي حمايت ڪندو ۽ محمد خان جوڻيجو ان تقرير کي تقرير تائين محدود نه رکيو پر ملڪ ۾ مڪمل طور جمهوريت جي بحالي لاءِ ڪوششون ۽ مارشل لا جي سخت مخالفت شروع ڪري ڏني ۽ پاڻ بين الاقوامي سطح تي به مخالفت شروع ڪري ڏني ۽ ملڪ ۾ جمهوريت هوندي مارشل لا جي مخالفت شروع ٿيڻ لڳي ۽ جنرل ضياءَ کي نيٺ هڪ صدارتي آرڊيننس جاري ڪري صدارتي آرڊيننس کي آئيني تحفظ ڏنو، جڏهن محمد خان جوڻيجو ان جي مخالفت ڪندي ان آرڊيننس کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ته جنرل ضياءُ الحق سينيٽ جي چيئرمين غلام اسحاق خان جي معرفت منٿ ميڙ ڪري اڻ سڌي طرح حمايت ڪرائي اهو به ان شرط تي ته اهو آرڊيننس اڳتي هلي ختم ڪرايو ويندو. ليڪن بعد ۾ جڏهن ڪيل واعدي موجب اهو آرڊيننس ختم نه ڪيو ويو ته محمد خان جوڻيجو وري مخالفت شروع ڪئي، جنهن جنرل ضياءُ کي پريشان ڪري ڇڏيو ۽ ان محمد خان جوڻيجو کي منٿ واري انداز ۾ سمجهايو پر محمد خان باضمير هئڻ ڪري انڪار ڪري ڇڏيو. جنرل ضياءَ کي محمد خان جوڻيجو اک ۾ ڪنڊي وانگر محسوس ٿيو ۽ 29 مئي 88ع ۾ جڏهن محمد خان جوڻيجو فلپائين جي دوري تان واپس ڪراچي پهتو ته ان کان اڳ سندس چونڊيل حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ جوڻيجو کي ايئرپورٽ تي سندس حڪومت ختم ٿيڻ جو ٻڌايو ويو، محمد خان جوڻيجو اصول پرست سچار ، ذهين شخصيت جو مالڪ هو، پاڻ اصولن جي سوديبازي ڪرڻ بجاءِ اقتداري ڪرسي جي قرباني ڏني ۽ کيس اها خبر هئي ته مارشل لا جي مخالفت ڪرڻ ڪري ڪنهن به وقت کيس اقتدار کان هٽايو ويندو. وزير اعظم ٿيڻ بعد اهائي فقيراڻي طبعيت، سادگي ، عوام دوستي، عوام سان اهو ئي ميل جول، اهو ئي عوامي انداز، پاڻ روايتي وزير اعظم بڻجڻ بجاءِ عوامي وزير اعظم ثابت ٿيو، ڳوٺ دين محمد جوڻيجو ۾ جڏهن به ايندو هو ته عوام سان کليل طرح سان ملاقاتون ڪري سندس مسئلا معلوم ڪري حل ڪندو هو. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ خاص طور سنڌ ۾ مختلف شهرن ۾ کليل ڪچهريون ڪري عوام جا مسئلا ٻڌي بروقت حل ڪرڻ جا احڪامات جاري ڪندو هو. پاڻ پاڪستان جي تاريخ ۾ شريف النفس وزير اعظم سڏجي ٿو، هن وزير اعظم رهڻ دوران ڪي به ذاتي فائدا حاصل نه ڪيا، پاڻ مختلف شهرن ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪيل ڪچهرين ۾ عوام سان کليل طرح ملڻ تي خفيه ايجنسين کيس منٿ ميڙ ڪنديون هيون ته اهو طريقو سيڪيورٽي جي پوائنٽ کان دُرست نه آهي ان ۾ خطرو موجود آهن، ليڪن ايجنسين جي منع ڪرڻ جي باوجود ان طرف ڪوبه توجهه نه ڏنو پاڻ آخري ڏينهن ۾ بيمار رهڻ بعد 18 مارچ 1993ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ دين محمد جوڻيجو ۾ سندس باغ ۾ سپردخاڪ ڪيو، سندس فرزند اسد جوڻيجو ٻه نياڻيون فضا جوڻيجو ۽ صغرا جوڻيجو سياست ڪن ٿيون.