شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

ثقافتي روايتن جو امين زنوار غلام حيدر زرداري

ماضي ۾ لنڊو فارم تي ٿيل تڪرار جي حوالي سان زنوار غلام حيدر زرداري جو نالو ان وقت ٻڌو جڏهن اڃان پڙهندو هئس، زنوار غلام حيدر زرداري سان منهنجي چاچا حاجي محمود ملاح جي نياز مندي هئي. جنرل ضياءُ جي دور ۾ ياد نه ٿو اچي ته ڪهڙو سال هو منهنجو چاچو والد سان گڏجي سينٽرل جيل ۾ ساڻس ملاقات ٿي. ان بعد ساڻس ملاقات نه ٿي ٻي ملاقات 1993ع وارين چونڊن ۾ ٿي پاڻ آزاد اميدوار طور نامينيشن فارم ڀرائڻ آيو هو. 3 ملاقات پ پ دور ايندي غلط فهمي سان زنوار غلام حيدر زرداري خلاف خبر هلائڻ بعد ساڻس ٿيل ملاقات ۾ ساڻس دوستي ٿي وئي، ڪنهن جي غلط بياني تي زنوار خلاف هلايل خبر بعد اسان جو دوست ڊاڪٽر الهه ڏنو خاصخيلي چيو ته تو زنوار جي خلاف خبر هلائي آهي ان جي تصديق ته ڪر تصديق ڪرڻ بعد خبر پئي ته خبر غلط فهمي جي بنياد تي ۽ زنوار جي مخالفن جي سوچيل سازش تحت مون کان هلرائي وئي آهي. صحافت ۾ منهنجو شروع کان هڪ طريقو رهيو آهي ته جيڪڏهن حقيقت آهي ته پنهنجي دوستن کي به بخش نه ڪبو، پوءِ نتيجا ڪهڙا به نڪرن. زنوار غلام حيدر زرداري جو طاقتور شخصيتن ۾ نالو شمار ٿيندو رهيو آهي. زنوار غلام حيدر زرداري خلاف خبر اها به پ پ دور ۽ اها به غلط فهمين ڪري هلڻ دوستن چيو پٽ لاهه نڪري ويندئي. زنوار غلام حيدر زرداري ڏکيو ماڻهو آهي زنوار غلام حيدر زرداري خلاف خبر هلائي تو ڄڻ نانگ تي پير ڏنو آهي. دوستن جي اهڙين ڳالهين تي مون کي پر غلط فهمين ۾ غلط خبر هلڻ تي ضمير ملامت ڪئي جنهن ڏينهن خبر لڳي ان ڏينهن رات جو زنوار غلام حيدر زرداري وٽ معذرت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر ڪجهه دوستن ڊيڄاريو ته هينئر هو تتل هوندو ڪجهه ڏينهن بعد سندس ويجهن دوستن سان گڏجي پوءِ وڃ ۽ مون به وقت جي مناسبت سان دوستن جي صلاح تي عمل ڪرڻ جو سوچيو پر شام ٿيندي الائي ڪهڙو خيال آيو ٽانگي ۾ چڙهي سڌو اسٽيشن روڊ تي زرداري هائوس تي پهتس، اتي ويٺل سندس همراهن کي چيم ته زنوار سان ملڻو آهي. ٻڌايو ويو ته ٻاهران آيو آهي ٿڪل آهي. آرام ڪرڻ لاءِ گهر ويل آهي. مون نوڪر کي چيو ته ان کي ٻڌايو ته نور سنڌي آيو آهي. منهنجو نالو ٻڌندي اتي ويٺل ڪجهه زردارين ۽ زنوار جي ملازمن جي چهرن تي غصي واريون لڪيرون اڀري آيو ۽ دل ۾ سوچيم ته دوستن صحيح پئي چيو ڳالهه ڳري آهي، اوطاق تي ويٺل سندس ماڻهن جا چهرا ڦري ويا آهن، ائين لڳي ٿو ته هو مون کي ڪچو کائي ويندا ترت ئي نوڪر واپس ماني کڻي آيو جنهن ۾ دال چانور کير جو گلاس شامل هو نوڪر چيو ته زنوار ماني پيو کائي اوهان جي لاءِ به ماني موڪلي اٿس چئي ٿو ماني کائو ته ملون ٿا. مون کي حيرت لڳي ته جنهن شخص خلاف غلط فهمين ۾ مون خبر لڳائي ان سنڌ جي قديم مهمان نوازي کي قائم رکندي ماني جي وقت سندس خلاف خبر لڳائيندڙ کي ملڻ کان اڳ ماني کارائي رهيو آهي ۽ ذهن ۾ زنوار غلام حيدر زرداري لاءِ ٺاهيل تصور ڀڄي ڀور ٿي پيو. اڌ ڪلاڪ بعد زنوار غلام حيدر زرداري اوطاق تي پهتو عزت ۽ پيار سان ڀاڪر پائي مليو ۽ چيائين چاچا منهنجي خلاف خبر اها به غلط منهنجو ڏوهه..؟ شرمندو ٿي چيم چاچا غلط فهيمن ۾ لڳي وئي آهي. ان جي ترديد هلايان ٿو کلندي چيائين ته نه چاچا ترديد جي ضرورت نه آهي. ترديدي بيان معنى جنهن نه پڙهيو اهو به پڙهي زنوار جي اهڙي ڪردار سوچ ۽ اهڙي شخصيت مون تي گهرو اثر ڇڏيو ۽ ساڻس ويجهڙائپ ۽ دوستي ٿي وئي. انهن ڏينهن ۾ کيس عشر زڪوات سانگهڙ ضلعي جي چيئرمين جو نوٽيفڪيشن مليو پر زنوار غلام حيدر زرداري عشر زڪوات جي چيئرميني قبول نه ڪئي چئي اسان مولائي ماڻهو اسين فقير ماڻهو اسان جو ڇا وڃي اهڙين ڪرسين ۾ اسان کان جيڪا به خدمت پهچي ٿي غريبن جي ڪريون پيا. اهو اهڙو منصب هو جو چڱا ڀلا ماڻهو اهڙو منصب سڻڀي ڪرسي ماڻڻ لاءِ ڇا ڇا ڪندا آهن. جڏهن ته زنوار اهڙي ڪرسي جيڪا پاڻهي وٽس هلي آئي ان منصب جو قلمدان سنڀالڻ کان انڪار ڪري رهيو هو. اسان دوستن مون ڏاڏو متارو ڏاهري، طالب جکرو، ڊاڪٽر الهڏنو خاصخيلي ۽ ٻين کيس سمجهايو ته چاچا عشر زڪوات جي چيئرمين شپ ٺڪرايو نه ان سان اوهان غريب ماڻهن جي خدمت ڪري سگهو ٿا. پ پ قيادت اوهان کي ان جي لائق سمجهيو آهي. انڪري اوهان کي گهر ويٺي نوٽيفڪيشن مليو آهي. دوستن جي ڊگهي بحث بعد پاڻ راضي ٿيو ان شرط سان ته اوهان دوست هن ڪم ۾ منهنجي ٻانهن ٻيلي ٿيندا ته جيئن غريبن کي فائدو پهچائي سگهون حقدارن کي حق ڏئي سگهون. عشر زڪوات سانگهڙ ضلعي جي چيئرمين شپ جي چارج وٺڻ بعد عشر زڪوات شهدادپور تعلقه جي چيئرمين لاءِ منهنجا لاءِ نوٽيفڪيشن ڪڍرايو مون سندس ٿورو مڃڻ سان گڏ صاف انڪار ڪيو ته چاچا مون وٽ ايترو وقت ڪٿان ۽ اهو منصب مون کان زور آهي، پاڻ ڪاوڙجي پيو چئي مون کي ڦاسايو آهي ۽ اوهان پاڻ ڪنڌ ڪڍرائي رهيا آهيو، مون کيس چيو ته چاچا آئون اوهان سان گڏ هوندس بعد ۾ سندس خواهش تي ملدسي ۾ عشر زڪوات جي چيئرمين شپ قبول ڪئي.ڪير ڪيئن به چوي پر مونکي ذاتي طور خبر آهي ته زنوار غلام حيدر زرداري اتان ڪجهه نه ٺاهيو ها هن غريب دوستن کي نوازيو. غريبن وٽ عزت ٺاهي، غريبن جي دلين تي راڄ ڪيو، هن اتان غريبن جون دعائون حاصل ڪيون، سانگهڙ ضلعي ۾ شل نه ڪنهن ڳوٺ ۾ باهه لڳي ۽ غريبن جا گهر سڙن، شل نه ڪٿي واهه کي شاخ کي گهارو پوي زنوار غلام حيدر زرداري فوري طور اتي پهچي متاثرين جي بروقت هر طرح سان مدد ڪندو هو زنوار اهڙن متاثر هنڌن تي به پهتو جتي گاڏي جو رستو نه هوندو هو اتي ڪيترو ئي پنڌ ڪري اتي پهتو. زنوار غلام حيدر زرداري 1951ع ۾ سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ علي بخش زرداري جي گهر ۾ جنم ورتو. کيس ننڍي هوندي کان غريبن جي خدمت ڪرڻ هر ماڻهو سان هٿ جوڙي ڪندو هو. 1971ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شخصيت، سياسي بصيرت کان متاثر ٿي پ پ ۾ شامل ٿيو ۽ پ پ ۾ ڪارڪنن جي حيثيت سان هڪ اڳواڻ جيترو ڪم ڪيو. پاڻ پ پ دور ۾ سرهاڙي کي تعلقه جو درجو ملڻ بعد پ پ تعلقه سرهاڙي جو صدر پڻ ٿيو. سرهاڙي تعلقه ختم ٿيڻ بعد پاڻ يو سي سومر فقير هنڱورو ۾ پ پ جو صدر رهيو. جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ کيس انتقامي ڪاررواين تحت مٽ مائٽن سان گڏ ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪري 10 سال جيل موڪليو ويو. ڄام دور توڙي نواز شريف دور ۾ به سياسي انتقامي ڪاررواين جو شڪار رهيو. 1995ع ۾ پ پ حڪومت ختم ٿيڻ بعد عالم بلوچ قتل ڪيس ۾ زنوار غلام حيدر زرداري کي گرفتار ڪيو ويو ۽ جيل ۾ مٿس بي انتها تشدد ڪيوويو ته هو آصف علي زرداري تي سلطاني گواهه بنجي ته اهو قتل آصف علي زرداري ڪرايو آهي پر زنوار غلام حيدر زرداري آصف علي زرداري مٿان سلطاني گواهه بنجڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. پهرين کيس لالچ ڏني وئي ته جيڪڏهن سلطاني گواهه بڻبو ته کيس سندس توقع کان وڌيڪ مالي فائدا ڏنا ويندا پر زنوار جي انڪار بعد مٿس بي انتها تشدد ڪيو ويو ايترو جو کيس مرڻينگ حالت ۾ پهرين جيل اسپتال ۾ بعد ۾ ڄامشورو اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. جتي ڪيترو ئي عرصو سندس علاج هليو، حالانڪه 93ع ۾ پ پ حڪومت هوندي پ پ ضلعي سانگهڙ جي قيادت سان زنوار جا اختلاف شروع ٿي ويا ۽ ميڊم فريال جي سختي سان هدايتن جي باوجود اهو چئي اهي اختلاف جاري رکيا ته آئون حق تي آهيان اهڙي صورتحال ۾ زنوار تي آصف علي زرداري پڻ ناراض هو ۽ نواز شريف حڪومت ان جو فائدو وٺندي عالم بلوچ ڪيس ۾ زنوار کي ڦاسايو ۽ بعد ۾ کيس آصف زرداري تي سلطاني گواهه بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندس اهڙيون ڪوششون ناڪام ويون۽ زنوار ان ڪيس مان بي ڏوهي ٿي باعزت طور آزاد ٿيو. پ پ ضلعي قيادت سان زنوار جا اختلاف ايترا وڌي ويا جو 93ع بعد ٿيندڙ عام بلدياتي چونڊن ۾ زنوار پنهنجا اميدوار بيهاريا، بلدياتي چونڊن ۾ سندس بيهاريل ڪائونسلرن مان ڪافي شاندار نموني اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي پ پ جي ضلعي قيادت سان اختلافن جي هوندي به پاڻ پ پ جو ادنيٰ ڪارڪن ۽ شهيد ڀٽو جو سپاهي سڏائيندو هو ۽ شهدادپور واري رهائشگاهه لنڊو فارم واري اوطاق تي پ پ جو جهنڊو ڦڙڪندو هو. شهيد راڻي جي شهادت بعد پاڻ مخدوم امين فهيم جي شهدادپور واري جلسي ۾ پ پ ضلعي قيادت سان اختلاف ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي ۽ پ پ اميدوارن جي ڀرپور ورڪ ڪيو.
زنوار غلام حيدر زرداري سنڌ جي ثقافتي روايتن جو امين هو. ڀلا گهوڙا ڀلا ڊوڙ وارا ڍڳا، چوپايو مال آخر تائين رکيو پاڻ بهترين گهوڙي سوار هئا. ميلن ۾ گهوڙن جي ڊوڙن واري پروگرامن ۾ بوسڪي جو پٽڪو ٻڌي گهوڙو ڊوڙائيندو هو. پاڻ ڍڳن جي ڊوڙ واري ثقافتي روايت کي به برقرار رکيو وٽس ڊوڙ جي مقابلن وارا ڀلا ڍڳا هوندا هئا. پاڻ لنڊو ۽ ٻين علائقن ۾ ڍڳن جي ڊوڙ وارا ميل ڪرائيندو هو. جنهن سان هڪ طرف ڍڳن جي ميلن جي شوقينن کي پنهنجا ڍڳا ڊوڙائڻ جو موقعو ملندو هو ۽ عام ماڻهن کي هڪ بهترين تفريح ملندي هئي. زنوار غلام حيدر زرداري جي مهمان نوازي مشهور هئي. شهدادپور واري اوطاق هجي يا لنڊو فارم واري اوطاق تي لنگر عام هلندو هو. پاڻ مولائي بندو هو. پاڻ ڪربلا جي شهيدن جو عزادار هو. پاڻ لنڊو ۾ عظيم الشان امام بارگاهه ٺهرائي جتي هر محرم الحرام جي 8 تاريخ تي وڏو نياز ڪندو هو. جڏهن ته ڪيترن ئي امام بارگاهن ۾ ٿيندڙ ڪمن ۾ مدد ڪندو رهيو. لنڊو فارم تي روزانو هارين ۽ علائقي جي ماڻهن سان ڪچهريون ڪندو هو. زنوار غلام حيدر زرداري وٽ ڍڳن، ٻڪرين، مينهن جو وڏو ڌڻ هوندو هو. پاڻ کير نه کپائيندو هو، علائقي جي غريب ماڻهن کي مفت ۾ کير ڏيندو هو. سخاوت جي اها انتها ته ڪيترائي علائقي جا غريب سندس هاري کير پيئڻ لاءِ مينهون ڍڳيون ڪاهي ويندا هئا جن مان ڪافي ماڻهو اهي کپائي ڏوڪڙ پنهنجي غرض ۾ آڻي پوءِ اچي زنوار کي ٻڌائيندا هئا ته اسان فلاڻي مجبوري جي ڪري ائين ڪيو آهي پر پاڻ انهن تي ڪڏهن به ناراض نه ٿيو چوپايو مال کپائيندڙن مان ڪجهه ماڻهو انهن جا ڏوڪڙ آهستي آهستي قسطن ۾ ڏيڻ جو واعدو ڪرڻ جي باوجود ٻه ٽي هزار ڏيڻ بعد ڪيئن بهانا بنائي باقي رقم نه ڏيندڙن کي ڪجهه به نه چوندو هو. غريبن کي پنهنجو اولاد پڙهائڻ لاءِ همٿائيندو هو. وڏي تعداد ۾ غريبن جي پڙهندڙ ٻارن کي ڪتاب، ڪاپيون، پينون، فيون ڏيندو هو. پ پ جي 88ع-93ع دور ۾ ڪيترن ئي غريب ماڻهن کي تعليمي اهليت مطابق نوڪريون وٺي ڏنيون ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ بجلي، اسڪول، روڊ ٺهرائي ڏنا، ڪم ڪارين لاءِ ايندڙ ماڻهن جا ڪم ڪرائڻ لاءِ هر طرح سان ڪوششون ڪندو هو. ايتري قدر جو انهن جا ڪم ڪرائڻ لاءِ هڙان وڙان خرچ ڪندو هو. ڪو بي پهچ، ڪو غريب ماڻهو ڪنهن لچ لوفر ڪنهن مٿي ڦريل بااثر ماڻهو جي دانهن کڻي ايندو هو ته پهرين ته قانوني طور ان کي انصاف ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو هو پر قانون انهن مظلومن کي انصاف نه ڏيندو هو يا ڏيڻ ۾ دير ڪندو هو ته پاڻ ان کي ٻين طريقن سان تڪڙو انصاف ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو هو. سندس چوڻ هو ته هو ڪنهن غريب جو ڏک ڪنهن مظلوم تي ٿيندڙ ظلم، زيادتيون ڏسي نه ٿو سگهي، غريبن، مظلومن جي اهڙي مدد ڪرڻ ڪري ڪيترن ئي بااثر ماڻهن سان سندس ذاتي دشمنيون ٿي وينديون هيون پر پاڻ انهن ڳالهين جي ڪڏهن به پرواهه نه ڪندي غريبن، مظلومن جي خدمت مرڻ گهڙي تائين جاري رکي، زنوار غلام حيدر زرداري راڄوڻي فيصلن جو به ماهر هو. ڪيترائي اهڙا ڏکيا فيصلا به ڪيا جيڪي ٻين بهترين طور فيصلا ڪندڙن کان حل نه ٿيا پر زنوار پنهنجي خدا داد صلاحيتن، ذهانت سان الله کي حاضر ناظر ڄاڻي انصاف ڀريا ۽ اهڙي انداز ۾ فيصلا ڪيا جو ڪيئن سالن کان ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ختم ٿي ويا ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون. زنوار غلام حيدر زرداري ڪنهن کي به سچ چوندي نه مڙندو هو. سچ چوڻ ڪري سندس ڪيترائي دوست مٽ مائٽ به کانئس ناراض ٿي ويندا هئا. پاڻ ولي الله درويشن سان عقتدت رکندڙ هئا. بزرگن جي مزارن تي اڪثر حاضريون ڀريندو هو. اتي ترقياتي ڪم ڪرائيندو هو. صوفيانه راڳ سان دلچسپي رکندو هو. انتهائي سادي طبعيت رکندڙ فقير منش انسان هو. جيلن ۾ قوم پرستن سان ملاقاتون ڪچهريون ٿيڻ ڪري پاڻ وفاق جي علامت پ پ سان وابسته هئڻ جي باوجود سنڌ پرست به هو. علائقي ۾ قوم پرستن جي ٿيندڙ پروگرامن ۾ باقائدگي سان شريڪ ٿيندو هو. سندس تعاون سان شهدادپور تعلقه ۾ ڪيتريون ئي هارين، مزدورن جي عالمي ڏينهن تي شاندار پروگرام ٿيا،پاڻ علائقي ۾ ٿيندڙ ادبي ثقافتي پروگرامن جو سهڪاري رهيو. لطيف سائين سان عقيدت هئي لطيف جا ڪيترائي شعر به ياد هئس. زنوار غلام حيدر زرداري زرعي ماهر به هو، روايتي رئيس، وڏيرن وانگر زمين ڪمدارن، منشين جي آسري ۾ ڇڏڻ بجاءِ روزانه زمين تي ويندو هو. سندس غريب ماڻهن زمينن، مال متاع سان عشق هو، سندس پسند جو گيت” اي دل تجهي قسم هي تو همٿ نه هارنا“ لطيف جي شاعري مان “تتي ٿڌي ڪا ڪانهي ويل ويهڻ جي” هئا. پاڻ 21 فيبروري تي رات جو اڍائي وڳي ڌاري دل جو دورو پوڻ ڪري مٽ مائٽن، چاهيندڙن کي ڇڏي هليو ويو ان جهان ۾ جتي ويندڙ اڄ ڏينهن تائين نه موٽيو آهي.
مون پنهنجي زندگي ۾ پهريون دفعو اهو ڏٺو ته زنوار جي آخري سفر ۾ شهدادپور کان لنڊو ۽ لنڊو کان بلالي قبرستان تائين ڪيترن ئي ڳوٺن وٽ جهونيون عورتون وڏي تعداد ۾ وچ روڊ تي بيهي رهيون ته زنوار جو آخري ديدار ڪرايو ۽ اهي عورتون زارو زار روئي رهيون هيون، زنوار غلام حيدر زرداري جو هر ڪانڌي سوڳوار بڻيل هو. هر ماڻهو جي اک آلي هئي ، هر ماڻهو اها دعوا ڪري رهيو هو ته زنوار کيس سڀني کان وڌيڪ ڀائيندو هو. زنوار غلام حيدر زرداري جي اسان دوستن جي اها دعا ۽ خواهش آهي ته سندس اولاد زنوار وانگر علائقي جي عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن. عوام جي بي لوث خدمت ڪن، غريبن جا همدرد بنجن، زنوار جي دوستن سان باقاعده نڀائين زنوار واريون ثقافتي روايتون برقرار رکن، علائقي جي عوام لاءِ ڇپر ڇانو بنجن، زنوار جي شهدادپور واري اوطاق ۽ لنڊو فارم جون روقنون بحال ٿين سندس اولاد علائقي خاص طور لنڊو جي عوام لاءِ ڇپر ڇانو بنجن غريبن جو سهارو بنجن.