حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جون ساروڻيون
مخدوم سعيد الزمان جن سان به ملاقات ڪئي ۽ کين ٻڌايو ته مون سائين جن جي حڪم تي هالا ۾ صحافت شروع ڪئي آهي، کين اهو ٻڌي خوشي ٿي، ان دوران مخدوم طالب الموليٰ جن وٽ 2 دفعا حاضري لاءِ ويس، پر سندن طبيعت ناساز هئڻ ڪري حاضري نه ٿي سگهي. مون حاجن ابڙيجو کي فون ڪري سائين جن جي خواهش موجب هالا ۾ صحافت شروع ڪرڻ جو ٻڌايو ۽ حاجن ابڙيجو سائين جن کي ٻڌايو ۽ انهي هفتي ۾ حاضري لاءِ پيغام مليو ۽ حاضري ڪيم، پاڻ فرمايائون ته حاجن ٻڌايو آهي ته اوهان منهنجي چوڻ تي باقاعده هالا ۾ اچي ويا آهيو. رهو ڪٿي پيا، مون کين عرض ڪيو ته اسان جي صحافي دوست عبدالڪريم ميمڻ وٽ، پاڻ فرمايائون ته اهو به پنهنجو آهي، پر جي اتي رهڻ ۾ تڪليف محسوس ٿئي يا ڪا ٻي تڪليف محسوس ڪريو ته بغير هجاب ٻڌائجو، پاڻ ان موقعي تي دعا به ڏنائون، هالا ۾ صحافت شروع ڪرڻ بعد مخدوم طالب الموليٰ جن ڪوبه بيان وغيره جاري ڪندا هئا ته حاجن ابڙيجو يا انور هلائي جي معرفت عبدالڪريم ميمڻ، اڪرم قائم خاني مون ۽ يوسف وارثي ۽ ٻين صحافين کي گهرايو ويندو هو، يا پريس رليز ڏياري موڪليندا هئا.
ڪجهه سالن بعد گورنمينٽ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ سروري تنظيم جو مرڪزي ڪنوينشن ٿيو، ان ۾ ٻين شهرن ڀٽ شاهه، سعيد آباد جي صحافين کي به رپورٽنگ لاءِ دعوت ڏني وئي هئي سڀ کان وڌيڪ منهنجي اخبار آفتاب ۾ ڪوريج لڳي جڏهن ته ان بعد ان تقريب جو احوال مون ڪافي سنڌي اردو اخبارن ۾ هلايو، منهنجي ڪوشش سان ڪنوينشن کي هيڏي وڏي ڪوريج ملڻ تي مخدوم طالب الموليٰ جن بيحد خوش ٿيا ۽ حاضري لاءِ سڏايائون ۽ منهنجي اهڙي خدمتن تي خوشي جو اظهار ڪرڻ سان گڏ دعا به ڪيائون. ان وقت هالا ۾ پريس ڪلب نه هئي، هڪ دفعي عبدالڪريم ميمڻ مون ۽ اڪرم قائم خاني سائين طالب الموليٰ جن کي عرض ڪيو ته سائين جن مخدوم سعيدالزمان سائين جن کي چون ته پاڻ اسان کي ميونسپل پاران پريس ڪلب لاءِ جاءِ ڏين ۽ سندن حڪم تي مارڪيٽ چونڪ تي ناڪي ۾ پريس ڪلب لاءِ هڪڙو ڪمرو مليو، ان دوران عبدالڪريم ۽ اسان جي گڏيل صلاح سان هالا ۾ اسان نوان صحافي پيدا ڪيا.
هالا ۾ صحافت ڪرڻ دوران قبله سائين جن جي ويجهو رهيس ۽ کين سمجهڻ جو موقعو مليو، پاڻ ايترا ته حساس هئا جو ڪنهن جو به ڏک صحيح نه سگهندا هئا. ٻين جو ڏک ڏسي سندن دل ڀرجي ويندي هئي ۽ ڪڏهن ته ان ڏک ۾ سندن نيڻن مان بوندون وسڻ لڳنديون هيون ۽ سندن طبيعت ناساز ٿي ويندي هئي. 88ع ۾ شهرن ۾ لساني فسادن ۾ سنڌين سان ٿيندڙ ڪلورن، هاڃن ۾ سنڌي عورتن سان ٿيندڙ لڱ ڪانڊاريندڙ زيادتين جو شڪار اهي بدنصيب عورتون جڏهن جيجي زرينه بلوچ، پروفيسر سعيده ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مخدوم طالب الموليٰ کي دانهن ڏيڻ لاءِ پهتيون ۽ انهن عورتن ساڻن ٿيل وحشياڻين زيادتين جو روئندي ذڪر ڪيو ته مخدوم طالب الموليٰ جن به پنهنجا نيڻ روڪي نه سگهيا ۽ پاڻ روئي ڏنو ۽ سندن طبيعت خراب ٿي پئي. طبيعت خراب هئڻ جي باوجود پاڻ ان وقت جي وزيراعظم شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سان ملاقات ڪري سنڌي نياڻين سان حوا جي ڌيئرن سان ٿيل هيڏي هاڃي جو لڱ ڪانڊاريندڙ احوال روبرو ٻڌائڻ لاءِ اسلام آباد پهتا، ان بعد ئي دهشتگردي خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو ۽ اهڙي آپريشن جي ڏوهه ۾ چونڊيل پ پ حڪومت کي هٽايو ويو.
مخدوم طالب الموليٰ جن کي سڃاڻپ جي اهڙي اک جو هڪ دفعو سٺي انداز ۾ ملاقات ڪندڙ کي وري ڪڏهن به ڏسندا هئا ته سندن نالو وٺي خيريت معلوم ڪندا هئا. سندن طبيعت اڪثر ناساز رهندي هئي، کين شگر، هاءِ بلڊ پريشر، گردن جي تڪليف دل جي تڪليف هئي، پاڻ زندگي جا آخري سال ڊائيلسز تي هئا. ڊاڪٽرن پاران بار بار آرام ڪرڻ جي مشورن جي باوجود آرام ڪرڻ بجاءِ عوام جي خدمت ڪرڻ کي اهميت ڏني، ان حوالي سان پنهنجي شاعري ۾ هڪ هنڌ فرمايو اٿن ته:
اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب الموليٰ،
ته پوءِ مخدوم دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.
عين ان شعر وانگر پاڻ طبيعت جي ناسازي جي باوجود بنگلي تي ويهي مريدن توڙي عام ماڻهن سان ملندا هئا، ماڻهن جي ڪم ڪارين لاءِ خط ڏيندا هئا، ضروري سمجهندا هئا ته فون به ڪندا هئا. جڏهن ته ڊاڪٽرن جي منع ڪرڻ جي باوجود ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪري ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي رهندا هئا. پاڻ هڪ نرالي ۽ ٻاجهه ڀري شخصيت جا مالڪ هئا. هڪ ئي وقت لاتعداد خوبين جا مالڪ هئا. پاڻ بين الاقوامي سطح جو شاعر، بهترين ليکڪ، مفڪر، سماج سڌارڪ، ادب، فن ثقافت صحافت جي سرپرستي ڪندڙ، غريب ماڻهن کي سندن اولاد کي تعليم ڏيارڻ لاءِ همٿائيندڙ ۽ سندن مالي مدد ڪندڙ هئا. سخاوت ۾ به مخدوم طالب الموليٰ جو نالو سج وانگر رهيو، پر سخاوت اهڙي انداز ۾ جو اها خبر هڪ کين ٻي وٺڻ واري کي خبر، سندن ڪوشش ۽ مالي مدد سان ڪيترن ئي غريبن جو اولاد پڙهي اعليٰ عهدن تي پهتو. ننڍي وڏي سان پيار ڪندڙ سنڌ ڌرتي سان محبت ڪندڙ هئا. ون يونٽ کي ختم ڪرائڻ ۾ سندن هڪ سياسي اڳواڻ توڙي اديب، شاعر جي حيثيت سان وڏو ڪردار رهيو، سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري تحريڪ ۾ پڻ سندن ڪردار نمايان رهيو.
پاڻ سنڌي ادب ۾ نوان لاڙا ڏنا، شاعري جي هر صنف تي کين عبور حاصل هو. پاڻ سروري جماعت جا 16 سجاده نشين هئا. 19 آڪٽوبر 1919ع مطابق 9 محرم الحرام 1338هه تي هالا ۾ حضرت مخدوم نوح سرور جن جي 15 سجاده نشين مخدوم غلام محمد ”گل“ سائين جن جي گهر ۾ جنم ورتو. 19 سالن جا هئا ته سندن والد وصال ڪري ويو ۽ ننڍي وهي ۾ سروري جماعت جي سجاده نشين جو بار سندن ڪلهن تي پيو.
مخدوم طالب الموليٰ جن جي مشغلن ۾ شاعري، مضمون نگاري، موسيقي، رانديون جن ۾ والي بال کي اهميت هئي، شعرو شاعري کين ورثي ۾ مليل هئي. هن خاندان ۾ مخدوم سرور نوح رح کان مخدوم غلام محمد گل سائين تائين ڪئين ناميارا شاعري ٿي گذريا آهن. پاڻ 10 سالن جي ڄمار ۾ شاعري شروع ڪئي. پاڻ مختلف وقتن تي مختلف تخلص رکيا، جن ۾ بيوس، فراقي، طالب ۽ آخر ۾ طالب الموليٰ تخلص پنهنجي شاعري ۾ ڪتب آندو. سندن شاعري خاص طور ڪافيون نه صرف سنڌ ۾ پر سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن ۾ مقبول آهن، مختلف فنڪارن جي آواز ۾ شوق سان ٻڌيون وڃن ٿيون. سندن شاعري سڀ کان وڌيڪ مصري فقير، فقير خادم حسين، رونا ليليٰ، ڦوٽو زرداري، فقير امير بخش، عابده پرين ڳايون آهن، انهن فنڪارن جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل سندن سدا حيات شاعري هئڻ ڪري اڄ به ايتري دلچسپي سان ٻڌي وڃي ٿي، جيتري ماضي ۾ جڏهن ته آل انڊيا ريڊيو سروس تان اڄ به سندس ڪلام نشر ڪيو وڃي ٿو. مخدوم طالب الموليٰ موسيقي جا به مشتاق هئا، پاڻ بهترين ڳائيندا به هئا، هارمونيم به وڄائي ويندا هئا، پاڻ موسيقي جي ڄاڻ ڪلاڪار سيدو خان ولد هندي خان کان حاصل ڪئي، سندن سرپستي ۾ هفتيوار پاسبان، الزمان اخبارون ۽ ماهوار رسالو طالب الموليٰ، ماهوار شاعر، ماهوار روح ادب فردوس شايع ٿيندا هئا. اهي اخبارون ۽ رسالا ان دور ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. جڏهن ته علمي، ادبي ثقافتي تنظيمن انجمن علم و ادب هالا، شعراءَ سنڌ، اداره روح روان ادب، بزم طالب الموليٰ جا پڻ سرپرست هئا. پاڻ زندگي ۾ گهٽ ۾ گهٽ پوڻا ٻه لک کان وڌيڪ شعر لکيا، جن ۾ ڪافيون، غزل، گيت، نعتون، حمد، بيت، چار سٽا، ٽه سٽا به شامل هئا. کين علمي، ادبي، ثقافتي، سماجي خدمتن جي اعتراف طور سرڪار پاران ۽ ڪيترن ئي سماجي، علمي، ادبي ثقافتي ادارن پاران ايوارڊ مليا. جن ۾ صدر ايوب جي دور ۾ صدارتي تمغه پاڪستان، غلام اسحاق خان جي دور ۾ صدارتي هلال امتياز، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ پاران شاهه لطيف ايوارڊ به شامل آهن. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جا 3 دفعا چيئرمين رهيا. پاڻ بااصول سياستدان هئا. جنرل ضياءَ ۽ نواز شريف دور ۾ کين پ پ ڇڏڻ لاءِ وڏيون آفرون ڏنيون ويون. سندس خاندان جي فردن کي وفاق ۽ سنڌ ۾ اهم وزارتون ڏيڻ جون آڇون ڪيون ويون، پر پاڻ انهن لالچن کي ٺڪرائي ڇڏيو. جنرل ضياءَ جي دور ۾ اهڙي انڪار تي سندس پياري فرزند مخدوم خليق الزمان کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو، جڏهن ته ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سندن حڪم تي سندن خاندان ۽ سروري جماعت جي ماڻهن جو اهم ڪردار رهيو. هزارين سروري جماعت وارن گرفتاريون ڏنيون، سندن حڪم تي سندن فرزند مخدوم سعيدالزمان عاطف ايم آر ڊي تحريڪ دوران جيلن ۾ قيدين جي هر طرح سان مدد ڪئي. پاڻ پ پ پ جا بنيادي اڳواڻ هئا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، مخدوم طالب الموليٰ جي پنهنجي محسنن جهڙي عزت ڪندو هو ۽ وقت به وقت وٽن حاضر ٿيندو هو. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو به کيس والد جيتري عزت ڏيندي هئي. پاڻ ڪيترن ئي تعليمي ادارن جا به سرپرست هئا، جن ۾ سروري اسلاميه ڪاليج هالا، مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا، مخدوم طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو، سنڌ طبيبه ڪاليج حيدرآباد شامل آهن. پاڻ غريب فنڪارن، سگهڙن، ادبين، شاعرن جي به دل کولي مدد ڪندا هئا. پاڻ لوڪ ادب جا به سرپرست هئا، سندن سرپستي ۾ سندن شاعري ۽ ٻين لکڻين جا ڪتاب سندن زندگي ۾ شايع ٿيا، انهن ۾ بهار طالب، رباعيات طالب، خود شناسي، شيطان، اسلامي تصوف، امام عزالي جا خط، ياد رفتگارن، مثنوي عقل ۽ عشق، ڪچڪول، ڇپر ۾ ڇڙيون، ڪافي، ديوان طالب الموليٰ، شان سروري، بي پير اکيون، سنڌ جو شڪار، شان سروري حصو پهريون ۽ ٻيو، مصرين تڙيون، آب حيات ۽ ٻيا ڪتاب به شامل آهن. سندن وصال بعد ڪافي اڻ ڇپيل مواد ۽ جيڪي ڇپيل ڪتاب اڻ لڀ هئا اهي ٻيهر مخدوم جميل الزمان جن شايع ڪرايا آهن. سندن زندگي جي آخري 3 سال ۾ سندن طبيعت صفا نازساز رهي. ان جي باوجو عوام جي خدمت جاري رکي. پاڻ 11 جنوري 1993ع تي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويا.سندن آخري آرام گاهه حضرت مخدوم نوح سرور جي مزار اندر آهي.