شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

بهترين قانوندان پير علي نواز قريشي

زندگي مختلف تجربن مشاهدن ۽ يادن جي آماجگاهه آهي. اسين پنهنجي آسپاس نظر ڦيرائينداسين ته ڪيتريون ئي اهڙيون شخصيتون نظر کان اوجهل ڏسندا آهيون جن کان اسان گهڻو ڪجهه پرايو آهي. هي دنيا فاني آهي، هر ڪنهن کي ڏينهن پڄاڻي هتان هلڻو آهي، پر ڪي شخصيتون اهڙيون هونديون آهن، جي مرڻ کان پوءِ به زندهه رهنديون آهن، هو مري به مات نه ٿيندا آهن. اهڙين شخصيتن مان سائين پير علي نواز قريشي به هڪ هو. فقير صفت صوفي طبيعت رکندڙ هن انسان کي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪندي ڪيترائي سال گذري ويا آهن. ليڪن سندن ياديون، سندن شخصيت، سندن زندهه دلي اڄ به ياد آهي. اڄ به سندس ياد ايندي نيڻ آلا ٿي ويندا آهن. اڄ به، سندس جدائي تي دل اداس آهي. پاڻ ڪرمنل ڪيسن جا ماهر وڪيل هئا. سائين پير علي نواز قريشي جي زندگي جا ڪئين پهلو هئا. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته اهي پهلو هڪٻئي جا متضاد هئا، پر پاڻ انهن ۾ توازن رکيو هڪ طرف قانون جي پاسداري ۽ ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ هر تڪليف برداشت ڪرڻ، ٻئي پاسي زندگي ۾ فقيري طبيعت، عاجزي ۽ انڪساري اولياءَ الله سان عشق، عقيدت ۽ انهن جي پيروي جي ڪوشش سندن ذات کي ممتاز ڪري ڇڏيو هو. پاڻ گهڻو وقت ياد الاهي ۾ گذاريندا هئا. سندن تصوف ڏانهن لاڙو هوندو هو. سندن پسنديده جاءِ مسجد شريف هوندي هئي. سندس پسنديده عمل تسبيح پڙهڻ هو. تصوف جي اصولن تي ڪاربند هئا، پاڻ انسان دوست هئا. پاڻ هر جاندار شيءِ سان محبت ڪندا هئا. پاڻ انسان ته پري پر جانور جي تڪليف به برداشت نه ڪندا هئا. ڪنهن کي تڪليف ۾ ڏسندا هئا ته سندن ڪيفيت اهڙي ٿي ويندي هئي جهڙو اها ڪيفيت پاڻ سان هجين. پاڻ پنهنجي گهر جي ڇت تي پاريهلن لاءِ گهر ٺهرايا. روزانو سوير اٿي نماز پڙهڻ بعد پکين کي داڻو ڏيندا هئا. بچيل ماني ذرا ذرا ڪري پکين کي ڏيند اهئا. بيمار يا زخمي ڪتن جو علاج ڪندا هئا. سائين پيرعلي نواز قريشي جو مخدوم طالب الموليٰ جن سان عشق هوندو هو. مخدوم طالب الموليٰ سندن آئيڊيل شخصيت هئا ته پسند جا شاعر به هئا. پاڻ مخدوم طالب الموليٰ سائين جن جي سيرت جي پيروي ڪندا هئا. مخدوم طالب الموليٰ جن جي لاڏاڻي تي سڄي زندگي غمگين رهيا. جڏهن ته مخدوم طالب الوليٰ جن جو ذڪر ايندو هو ته سندن اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو هو. پاڻ بهترين ادب دوست شخصيت هئا. سندن گهر ۾ ننڍڙي لائبرري به هئن، جنهن ۾ سنڌي، اردو، انگريزي جا ۽ چونڊ اسلامي تاريخي، نفسيات ۽ قانون بابت سوين ڪتاب هئا. سائين پير علي نواز قريشي وٽ شاهه لطيف، سچل سرمست، بيدل، وارث شاهه، سلطان باهو، بابا بلي شاهه، مخدوم طالب الموليٰ ۽ ٻين بزرگ درويش شاعرن جي شاعري جا رسالا به موجود هئا. کين مٿين شاعرن جا لاتعداد شعر ياد هوندا هئا. سائين پير علي نواز قريشي کي ڪلاسيڪل موسيقي سان گهري دلچسپي هئي، وٽن هندستان پاڪستان جي سمورن مشهور فنڪارن جون آڊيو ڪيسٽون موجود هيون. واندڪائي ۾ انهن فنڪارن جون ڪيسٽون ٻڌندا هئا. پاڻ سياسي طور پ پ سان وابسته هئا، هڪ وڪيل جي حيثيت سان ايم آر ڊي تحريڪن ۾ سندن وڏو ڪردار رهيو. پاڻ پ پ لائيرز فورم جا سانگهڙ ضلعي صدر مقرر ڪيا ويا هئا. ان حيثيت سان هن ايم آر ڊي تحريڪ دوران ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائيل ماڻهن جي وڪالت ڪندا هئا. هڪ وڪيل جي حيثيت سان غريب ماڻهن جا به مفت ۾ ڪيس وڙهندا هئا. ويندي اهڙن ڪيسن جي ڪاغذن جا پئسه به گهران ڏيندا هئا. پاڻ غربين جا همدرد هئا. پاڙي جي غريبن جي وس آهر مدد ڪندا هئا. سائين پير علي نواز جو اهو رڪارڊ هو ته خونن جا ڪيس کڻڻ کان اڳ يقين ڪندو هو ته آيا جنهن جو ڪيس وڙهان ٿو ان اهو ڏوهه ته نه ڪيو آهي، پاڻ سروري جماعت جا مرڪزي عهديدار به رهيا. سندن ان حوالي سان به وڏيون خدمتون آهن. سائين پير علي نواز قريشي کي سندن مائٽن ان آس سان پڙهايو ته هو وڏو ٿي بيورو ڪريٽ ٿيندو پر سائين وڪالت کي اهميت ڏني، سندس چوڻ هو ته وڪيل جي حيثيت سان عوام جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿو. پاڻ نهايت سادو کائيندا هئا. سادو پائيندا هئا. پاڻ سائي رنگ کي پسند ڪندا هئا. پاڻ بار ايسوسيئيشن جا صدر به رهيا، ٻين عهدن تي به رهيا. پاڻ ان ڏينهن تمام گهڻو خوش هوندا هئا جنهن ڏينهن مخدوم طالب الموليٰ سائين جن وٽ حاضري ڪري ساڻن ڪچهري ڪري ايندا هئا. پاڻ پ پ پ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان متاثر ٿي شامل ٿيا. پاڻ پ پ پ جا بنيادي ميمبر هئا. جڏهن صوفيانه ڪلام ٻڌندا هئا ته پاڻ کي تصوف ۾ گم ڪري ڇڏيندا هئا. سائين پير علي نواز قريشي جهڙيون شخصيتون صدين کان پوءِ پئدا ٿينديون آهن. ۽ لاڏاڻي بعد وڏو خال پيدا ڪري وينديون آهن. ماڻهو پنهنجي مري ويل مائٽن کي ويساري ڇڏيندا آهن، پر سائين پير علي نواز سان هڪ دفعو به ملندڙ ماڻهو سندس يار دوستن، مٽ مائٽن، پاڙي وارن کان پاڻ نه وساريان آهن. سندس پٽن پير امير حيدر، پير شبير حيدر، پير صفدر، پير ذوالفقار حيدر، جا نيڻ اڄ به سندس جدائي ۾ آلا آهن.
اڱڻ اهي ئي جت نه پسان جوءِ ۾،
اوطاقون اوٺين جون سوجهيم سڀئي،
اکڙيون روئي ماڳ نهاري موٽيون.
اسان کي اها به خوشي آهي ته سندس ٻيو نمبر فرزند پير شبير حيدر پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلي رهيو آهي. پير شبير حيدر به تصوف ڏانهن لاڙو رکن ٿا. پاڻ بهترين هر دلعزيز، فرض شناس، باهمٿ عوام دوست پوليس آفيسر آهن، جتي به رهيا آهن عوام جي خدمت ڪئي آهي. هن جو ادب فن ثقافت ۽ پاڻ حقوق العباد ۾ يقين رکي ٿو ۽ سماجي ڪم ڪندو رهيو آهي، بزرگن درويشن سان عشق آهي.