شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

منفرد ڪالم نويس مير نادر علي ابڙو

لاڙڪاڻي ضلعي تي نظر وجهون ٿا ته مختلف شعبن ۾ ڪارناما سرانجام ڏيندڙ بيشمار شخصيتون جن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بئريسٽر جان محمد جوڻيجو، محترمه شهيد بينظير ڀٽو، مولانا جان محمد عباسي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيون بي شمار شخصيات جن جا نالا لکجن ته ڪتابن جا ڪتاب ڀرجي وڃن اهڙين ئي شخصيتن منجهان سنڌ جو نامور اديب دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ تعليمدان ۽ بيبياڪ صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به هو، سندس خدمتون سنڌ واسين کان لڪيل نه آهن، سندن فرزند مير نادر علي ابڙو هونئن ته ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن آهي پر انهي کان علاوه سندس ڪردار سنڌ ۾ سماجي ورڪر، اديب ۽ ڪالم نويس طور مشهور آهي، مير نادر علي ابڙو جي پيدائش15 مئي 1970عتي لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿي سندس جي ڄمڻ کانپوءِ جلد ئي سندس والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٿيو ۽ هو والد جي نوڪري سبب پهرئين درجي کان ميٽرڪ تائين مختلف اسڪولن ۾ پڙهيو ۽ پوءِ 1985ع ۾ سندس والد جي رٽائر ٿيڻ تي لاڙڪاڻي (ڳوٺ) واپس آيا ۽ باقي تعليم يعني ايم اي، (آءِ آر)، ايم اي پوليٽيڪل سائينس ۽ ايل ايل بي ڪري 1993ع ۾ وڪالت شروع ڪيائين، شروع ۾ مشهور وڪيل عبدالرزاق سومري جو جونيئر ٿيو بعد ۾ عبدالرزاق سومري جي دبئي ۾ سفير ٿيڻ ڪري برصغير جي ڏاهي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي وڪالت ۾ پارٽنر ٿيو کيس سول جج ٿيڻ جو ڏاڍو شوق رهيو پر ڪن سببن جي ڪري سول جج ٿيڻ بجاءِ اينٽي ڪرپشن ڊپارٽمينٽ ۾ سرڪل آفيسر ٿي ويو، مير نادر علي ابڙو جڏهن ميٽرڪ پئي پڙهيو ته سندس والد وفات ڪري ويو والد جي وفات کانپوءِ باقي جيڪا به سندس تربيت ٿي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي هٿ ۽ ڇانوءَ هيٺ ٿي. هي مرد مجاهد آهي ته ايس پي اينٽي ڪرپشن پر اسان جي سنڌ جي روايتي پوليس ته شروع کان مشهور رهي آهي هتي ته سپاهي به ڪنڌ ۾ ڪلي لڳل، مغرور، آدم بوءِ هوندا آهن وري جڏهن هن پوليس آفيسر کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته جهڙوڪ ڪانءُ ۾ ڪبوتر ڦاٿو هجي جتي به سندس مقرري ٿي اتي ادبي ميلا مچايائين ۽ سماجي ڪمن ۾ مسڪين جهان خان کوسي وانگر ميدان تي لهي پئي ٿو مونکي اهو ڏينهن ياد اچي جڏهن ميرپورخاص ۾ مها ٻوڏ آئي ۽ شهر ۾ مهينن تائين پاڻي بيٺل رهيو انهن ڏينهن ۾ سنڌي اردو انگريزي اخبارن جي فرنٽ پيج تي هڪ گڏهه گاڏي تي ويٺل همراهه تي نظر پئي انتهائي حيرت ٿي انهي گڏهه گاڏي تي ڪو ٻيو نه بلڪه مير نادر علي ابڙو پنهنجي اسٽاف سان گڏ پاڻي سان ڀريل روڊ تي گڏهه گاڏي ۾ آفيس وڃي رهيو هو ڪجهه ڏينهن کانپوءِ فون تي انهيءَ جو سبب پڇيو مانس ته سنجيده ٿي چيائين ته يار ميرپورخاص ۾ ٻن ٽن مهينن کان روڊن، رستن، دڪانن، گهرن ۽ اسپتالن ۾ پاڻي ئي پاڻي هيو ميرپورخاص واسين جون فونن جي مٿان فونون هيون ته اوهان ڊويزن جا اينٽي ڪرپشن آفيسر آهيو اسان جي مدد ڪيو ۽ پاڻي ڪڍرائي ڏيو منهنجي بار بار فونون ڪرڻ تي انتظاميه ڪا به دلچسپي ڪو نه ورتي پر جڏهن گڏهه گاڏي تي چڙهيم اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا تي آيس تي اعليٰ ايوانن ۾ ويٺل اهڙي خطرناڪ صورتحال ڏسي انتظاميا تي اهڙو ته ڏندو کينو جو مهينن وارو ڪم چند ڏينهن ۾ ٿيو. جڏهن ٿر ۾ ننڍن ٻارڙن جون اسپتال ۾ فوتگيون پئي ٿيون ته هن مرد مجاهد ميرپورخاص جي سڀني اين جي اوز سان گڏجي پوسٽ آفيس چوڪ تي ٽينٽ هڻي امداد لاءِ ويهي رهيو. 2003 ۾ سندس ڪيل وصيت ته منهنجي مرڻ کانپوءِ منهنجون ٻئي اکيون، ٻئي گردا ۽ جگر ڪنهن غريب مسڪين پيرن اگهاڙن انسانن کي ڏنا وڃن ۽ باقي بچيل لاش ڪنهن ميڊيڪل يونيورسٽي کي ڏنو وڃي جتي ميڊيڪل جا شاگرد لاش جي چير ڦاڙ ڪري ڪجهه سکن ۽ انسان ذات جي خدمت ڪن سندس اهڙي وصيت ته مرڻ کانپوءِ به انسان ذات جي خدمت ڪيان، سچ پچ ته سندس هڏ ڪاٺ مٿانهون ڪري ٿي. ٿر جي ڏورانهين علائقي ننگر پارڪر ۾ قد مسڪين جهان خان کوسي جي نالي سان لائبريري قائم ڪري ٿو ۽ ان جو افتتاح پڻ ڪري ٿو. ٺري ميرواهه جهڙي پسمانده علائقي ۾ به لائبريري قائم ڪري ٿو ۽ ان جو افتتاح پڻ ڪري ٿو، ادبي ڪتابي ميلا لڳرائي ٿو ان جا افتتاح ڪري ٿو، بزم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي پليٽ فارم تان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نامور ادبي، سماجي، مذهبي شخصيتن جون ورسيون ملهائي ٿو. 2001ع ۾ جڏهن عمرڪوٽ جو سرڪل آفيسر ٿي وڃي ٿو ته ان وقت عمرڪوٽ ضلعو ختم ٿيڻ سبب سراپا احتجاج هو، ڪاروبار بند، روڊن تي جلسا جلوس، روڊ بلاڪ ۽ ٽائرن کي باهيون ته هن حساس اديب پنهنجو قلم کڻي ٿو ۽ وزيراعظم پاڪستان مير ظفر الله خان جمالي سان مخاطب ٿيندي سنڌي، اردو اخبارن ۾ لکي ٿو ته عمرڪوٽ ضلعو ڪڏهن بحال ٿيندو؟ جڏهن عمرڪوٽ ضلعو بحال ٿئي ٿو ته جشن ضلعي بحالي عمرڪوٽ ۾ ضلعي بحالي جي جدوجهد ڪندڙن کي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد مظفر حسين شاهه هن واحد ٻاهرين ضلعي لاڙڪاڻي جي پوليس آفيسر کي به ايوارڊ سرٽيفڪيٽ سان نوازي ٿو مها ٻوڏ ۾ حيدرآباد ڊويزن ۾ پڻ فقير صفت پوليس آفيسر ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ميدان تي سندرا ٻڌي نڪري ٿو ۽ کيس مڃتا ۾ پير مظفر الحق ان وقت جو سينيئر صوبائي وزير سنڌ ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ سان کيس نوازي ٿو. کيس سماجي ۽ ادبي خدمتن تي بي شمار ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽس سان نوازو ويو آهي پاڻ سنڌ صحافي سنگت سنڌ سان گڏ پاڪستان جي 150 کن سماجي ادبي ۽ صحافتي تنظيمن جو تاحيات اعزازي ميمبر به آهي سندس والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي ذاتي لائبريري سنڌ صوبي جي وڏين لائبريرين منجهان هڪ هئي باوجود لکين روپيا آڇ ٿيڻ تي به هن لائبريري ڪو نه وڪي ۽ اڌ ڪتاب سر شاهنواز خان ڀٽو ميموريل لائبريري لاڙڪاڻي کي، عطيئي ۾ ڏئي ٿو ڇو جو انهي لائبريري جو بنياد وجهڻ ۾ سندس والد مرحوم جون تمام وڏيون ڪوششون ۽ ڪاوشون هيون ۽ اڌ ڪتاب سنڌ الاجي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو کي ڏئي ٿو ته جيئن انهن ناياب ڪتابن منجهان سنڌ واسي فيضياب ٿين هن سنڌ جي منفرد شخصيت کي مون معزورن جي پيرن ۾ ويٺل ڏٺو، پينو فقيرن کي چميون ڏيندي ڏٺم، اسپتالن ۾ غريبن، مسڪينن جا آپريشنز ڪرائيندي ڏٺم، دوا رمل وٺرائيندي ڏٺم، غريب مسڪين نوجوانن کي پڙهائيندي ۽ سرڪاري نوڪريون وٺرائيندي ڏٺو هميشه وڏي بيورو ڪرپٽ هوندي به هٿ ٻڌندي نوڙت مان ملندي ڏٺم ڪپڙو لٽو سادو پهريندي ڏٺم ۽ هن جي جيڪا خاص ڳالهه جيڪا هن کي عام آفيسرن کان منفرد ٿي بنائي سان اها آهي ته اليڪٽرانڪ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا تي ته هي ڇانيل آهي ئي، پر هي سوشل ميڊيا جو راڻو آهي، سندس فيس بڪ تي بار بار پنهنجا سرڪاري توڙي پنهنجو ذاتي موبائيل نمبر ڏيڻ ته ڪنهن کي به ڪو مسئلو آهي ته مونسان ڊائريڪٽ موبائيل تي ڳالهائي. پاڻ صاحب ڪتاب آهي، سندس شخصيات جي حوالي سان سنڌ کي 3 مشهور ڪتاب سنڌ جا املهه هيرا ڏيئي چڪو آهي ۽ شخصيات جي ئي حوالي سان شاهه لطيف ڀٽائي (رح) بلڪل سچ چيو هو ته:
ابڙو وڏ وڙو، سوڙو سمو، سونهن سڀن،
تنهن در سڀ اچن، ڪنڌ نه ڪڍي ڪڇ ڌڻي.
اهڙيون شخصيتون ئي مشعل راهه آهن مير نادر علي ابڙو هن سماج ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي ۽ پڻ پنهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو پڻ نالو روشن ڪندو اچي.پاڻ بهترين ليکڪ طور مشهوري ماڻي چڪو آهي، سنڌ جي عوام جي مفادن وارن اشو کان وٺي سياسي، سماجي، عملي ادبي، صحافي ثقافتي شخصيتن جي جنم ۽ ورسين وارن ڏينهن تي سندن سوانع عمري ۽ سندن پنهنجي شعبن ۾ ڪيل خدمتن تي شاندار آرٽيڪل ڇپبا رهيا آهن، صوفانه راڳ سان سندس حد درجي تائين دلچسپي رهي اهي، سهراب فقير، صادق فقير، عابده پروين، پٺاڻو خان وڻندڙ فنڪار آهن، هن ليول جا آفيسر دنيا جا ملڪ گهمڻ ويندا آهن پر پاڻ سڄي سنڌ گهمي آهي، سندس شادي سندس امڙ جي ڀاڻيجي صدرا ابڙو سان ٿي کيس 3 فرزند مير مهراڻ علي ابڙو ، مير مدبر علي ابڙو، مير مزمل علي ابڙو آهن، شاگردي دور کان سياست کان پري رهيو آهي، کيس ننڍي هوندي کان پوپٽ گلاب جو گل ۽ سفيد ڪپڙا وڻندڙ اٿس.پاڻ منهنجو جگري يار آهي ڪيترائي ڪلاڪ ڪچهريون ڪندي خوشي ٿيندي آهي. سندس ڀيڻ زاهده ابڙو به وڏي ليکڪ آهي. ان جو علمي ادبي خدمتون قابل تعريف آهن.