کرو ۽ سچو سياستدان مرحوم مير محمد وساڻ
روزه نمازون اي پڻ چڱو ڪم،
اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسين پرين کي.
اسان جي نظر ۾ اهو ڪم عوام جي بنا فرق جي خدمت ڪرڻ، مسڪين سوالين جا سوال پورا ڪرڻ ئي آهي. عوام جي خدمت ڪندڙ مرڻ بعد به عوام جي دلين ۾ رهندا آهن، اهڙا ماڻهو مري به مات نه ٿيندا آهن، اهڙين شخصيتن ۾ مير محمد وساڻ به هڪ هو. مير محمد وساڻ مرحوم شهدادپور جي هر دلعزيز بيباڪ سچار ۽ غريبن جو همدرد ۽ هڪ بهادر شخصيت هو، پاڻ شهدادپور جي مشهور شخصيت حاجي محمد عيسيٰ وساڻ جي گهر ۾ جنم ورتو، مير محمد وساڻ پرائمري کان اعليٰ تعليم تائين سڀ امتحان ذهانت سان پاس ڪيا، سندس تعليم ايم اي ۽ ايل ايل بي هئي، مير محمد وساڻ، عملي طور سياست ۾ پنهنجي والد حاجي محمد موسيٰ وساڻ جي وفات بعد پير پاتو، مير محمد وساڻ شهدادپور لوڪل گورنمينٽ (ميونسپل) جو چيئرمين ضلع ڪائونسل سانگهڙ جو چيئرمين 3 دفعا ايم پي اي ٿيو، پاڻ صوبائي وزير به رهيو. ايم پي اي رهڻ دوران تعلقي شهدادپور ۾ بنا فرق جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا، ضلع ڪائونسل جو چيئرمين هئڻ دوران به هن بنا فرق جي ترقياتي ڪم ڪرايا.مرحوم مير محمد وساڻ غربين، مسڪينن جو همدرد ڏکئي وقت ۾ ماڻهن جي مدد ڪندڙ هو پر هن ڪڏهن به ڏيکا ويکاءٌ نه ڪيو، هڪ هٿ سان ڏيو ته ٻئي هٿ کي خبر نه پوي وانگر غريبن جي اهڙي نموني مدد ڪندو هو جو هڪ هن کي ٻي جنهن جي مدد ڪندو هو ان کي خبر هوندي هئي، مير محمد وساڻ لاتعداد غريب ۽ بي پهچ شاگردن کي ذاتي خرچ تي پڙهايو، جن مان ڪيترائي سرڪاري اعليٰ عهدن تي پهتا، مير محمد وساڻ اها عوام دوست رحم دل شخصيت هو، انهن ڪيترن ئي بيوه عورتن لاءِ ماهانه وظيفا مقرر ڪيا، ڪيترن ئي غريب عورتن کي ماهانه روزمره جو سامان وٺي ڏيندو هو، هن ڪيترن ئي غريب بي پهچ بيمار ماڻهن جا علاج ڪرايا، ايتريقدر جو ڪافي ماڻهن جو ٻاهرين ملڪن مان به علاج ڪرايو. مير محمد وساڻ نيڪ ۽ نرم طبيعت جو مالڪ هئڻ سان گڏ وڏو بهادر به هو، پير سائين پاڳارو جو مريد ۽ حر جماعت سان وابسته هئڻ ڪري مخالف دورن ۾ مٿس ڪيترائي ڏکيا ڏينهن به آيا، سندس ڪاروبار، زمينن کي ويران ڪيو ويو، کيس ڪيترن ئي ڪيسن ۾ جيل موڪليو ويو، سندس خاندان وارن کي به مختلف نموني سان پريشان ۽ حراسان جي ڪوشش ڪئي وئي، پر هن جي همٿ مردانگي ۾ ڪوبه فرق نه آيو ۽ هن مرشد جو دامن نه ڇڏيو ۽ عارضي مشڪلاتن کي منهن ڏئي سرخرو ٿيو. دور تبديل ٿيڻ بعد به هن ڪنهن سان به انتقامي ڪارروائي نه ڪئي. مير محمد وساڻ 12 جون 2000ع جي ڏينهن هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، سندس وصيت موجب سندن خاندان وارا عوام جي خدمت جاري رکيو اچن، سندس خواهش هئي ته شهدادپور ۽ غريب ماڻهن لاءِ ڪا خيراتي اسپتال ٺهرائجي پر اها خواهش پوري ٿيڻ کان اڳ پاڻ وصال ڪري ويو ۽ سندس پونئرن، مير محمد وساڻ ساهه جي بيمارين جو يونٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس شهدادپور ۾ قائم ڪيو، غريبن لاءِ ميڊيسن ڊونٽ ڏيڻ شروع ڪيون، سندس خواهش هئي ته شهدادپور ۾ هڪ بهترين مدرسو ۽ غريب ماڻهن جو مفت علاج لاءِ بهترين اسپتال هجي. هن ان لاءِ زمين به خريد ڪئي ۽ نقشو به ٺهرايو، پر اهو ڪم پورو ڪرڻ کان اڳ ئي وصال ڪري ويو، سندس پوين سندس وصيت موجب جڏهن اسپتال ٺاهڻ لاءِ تياريون ڪيون ته مير محمد وساڻ سان پيار ڪندڙ ڊاڪٽر نياز حسين چنڙ کين صلاح ڏني ته الڳ اسپتال ٺاهڻ بجاءِ تعلقه اسپتال شهدادپور ۾ مير محمد وساڻ جي نالي تي ساهه ۽ دل جي بيمارين جو يونٽ ٺهرايو ۽ وساڻ خاندان کي اها صلاح سٺي لڳي ۽ ان تي عمل ڪيو ۽ لکين روپين جي لاڳت سان يونٽ قائم ڪيو ۽ اهو يونٽ آغا خان ۾ انهن بيمارين جي يونٽ کان گهٽ نه آهي، هن يونٽ جو افتتاح سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ڪيو، ۽ مير محمد وساڻ جي پونئرن جي مطالبي تي ارباب رحيم تعلقه اسپتال شهدادپور کي انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن يونٽ ۾ ڪافي سالن تائين پيرا ميڊيڪل عملي جون پگهارون به وساڻ خاندان ڏنيون. هي يونٽ علائقي جي غريب عوام لاءِ وڏو فائديمند ثابت ٿي رهيو آهي. اها خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته مرحوم مير محمد وساڻ جا فرزند محمد علي خان وساڻ، حاجي اسحاق علي وساڻ، سندس ڀاءُ ماهي خان وساڻ، ڀاڻيجو ڪليم الله خان وساڻ، نياڻو محمد عيسيٰ وساڻ ۽ ٻيا علائقي جي عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن. عوام لاءِ سندن اوطاقن جا دروازا 24 ڪلاڪ کليل آهن. مير محمد وساڻ سان منهنجي ڪا هجت نه هئي، ليڪن هڪ صحافي جي حيثيت سان ساڻن ميل جول رهيو، خاص طور عيدن تي يا پير سائين پاڳارو جي دعوتن ۾ ملاقات ٿيندي هئي. هن ۾ اها خصوصيت ۽ سچائي هئي جو ڪم ڪارين لاءِ ايندڙ ماڻهن کي روايتي سياستدانن وانگر ڪڏهن به ڪوڙا دلاسا نه ڏنا، ڪم ٿيڻ جهڙا هوندا هئا ته وعدو ڪندو هو نه ته ٺڙڪ جواب ڏيندو هو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي سندس اهڙي سچائي نه وڻندي هئي، وزير رهڻ دوران هن ڪڏهن به پروٽوڪول نه ورتو نه ئي روايتي وزيرن وانگر ڪوڙا بل ٺهرايا. پاڻ سياست کي عين عبادت سمجهي ڪندو هو. روايتي وزير وانگر نه شو بازي نه ڪوڙا واعدا نه دلاسا، پاڻ نازڪ نفيس هو، ڪوڙ سان نفرت سچ سان محبت ڪندو هو.