شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

خوبصورت جذبن واري شاعره نسرين الطاف قريشي

بدقسمتي سان اسان وٽ شاعرن جي ڀيٽ ۾ شاعرائون تمام گهٽ آهن، شايد هتي اهڙو ماحول نه جڙيو آهي جو مرد شاعرن وانگر وڌيڪ شاعر عورتون پيدا ٿين انهن تمام ٿورڙين شاعرائن ۾ ميڊم نسرين الطاف قريشي به هڪ آهي، مالڪ کيس وڏي ڏات ڏني آهي، سندس شاعري ڪيترن ئي فنڪارن به خوبصورت انداز ۾ ڳائي آهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، ايف ايم ڀٽ شاهه نوري آباد، سانگهڙ، ٽنڊوآدم، لاڙڪاڻو، سچل ايف ايم خيرپور ۽ ٻين ريڊيو اسٽيشن ۽ تمام سنڌي چئنلن تي سندس شاعري ڪيترن ئي فنڪارن جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل هلندي رهي ٿي، جنهن ٻڌندڙن ۾ مقبوليت حاصل ڪئي آهي، سندس شاعري جو ڪتاب درد جي ڇانو سليٽ اشاعتي شعبو پاران ۽ سمبارا اشاعتي اداري پاران رڻ ٿو رڙيون ڪري ڇپيل آهن.هنن شاعري جي مجموعن پڙهندڙن وٽ وڏي مڃتا ماڻي آهي، سندس ڪهاڻين جو مجموعو به ڇپائي لاءِ تيار آهي. نسرين وٽ اڃان به ايتري شاعري آهي جو سندس شاعري جا 3 وڌيڪ مجموعا ڇپجي سگهن ٿا، سندس مختلف موضن تي ڪرنٽ اشو تي لاتعداد آرٽيڪل به شايع ٿيندا رهيا آهن، جيڪڏهن اهي گڏ ڪري ڇپائي ته اهو به وڏو ڪتاب بڻجي ويندو.
نسرين کي آئون شاگردي واري دور کان سڃاڻا. سندس والد سائين الطاف حسين قريشي شهدادپور جو بهترين استاد هو، نسرين جو مامون شاهه نواز قريشي انفارميشن کاتي جي ڊائريڪٽر ۽ سندس ماسڙ حامد علي قريشي مشهور اديب هو، سندس ادبي سفر ۾ بقول نسرين جي سندس رشتيدارن خاص طور والد جو ڀرپور سهڪار رهيو، نسرين نه صرف بهترين شاعره پر اديب، ليکڪ به آهي. سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون جئيرا جاڳندا ڪردار آهن. ڪاليج جي زماني ۾ نسرين ڪامريڊ جي نالي سان مشهور هئي. پاڻ ادبي سفر شاگردي واري دور کان شروع ڪيو وچ ۾ نه ڄاڻ ڇو سندس ادبي سفر رڪجي ويو.
شهدادپور ننڍڙو شهر آهي، ماضي ۾ هتي ڪاليج ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻين جي گڏيل تعليم هئڻ ڪري ڪيترائي والدين گڏيل تعليم جا مخالف هئڻ ڪري اهي نياڻين کي ڏهين ڪلاس کان پوءِ تعليم نه ڏياريندا هئا پر نسرين پنهنجي ڪيترين ئي سهلين جي والدين سان ملي کين نياڻين کي وڌيڪ تعليم لاءِ آماده ڪيو، نسرين لبرل، کليل ذهن جي مالڪ آهي، سندس چهري تي هر وقت مُرڪ هوندي آهي. دل ۾ سوين سور سانڍڻ جي باوود مسڪرائيندي رهي ٿي.
سندس شاعري پيار ڪندڙ هر ماڻهو جي دل ۾ بيهي وڃي ٿي، کين نسرين جي شاعري سندس دل جو آواز لڳي ٿي.
پاڻ تعليم کاتي ۾بهترين استاد بهترين آفيسر تعليم کاتي ۾ سندس خدمتون اڻ وسرندڙ آهن . پاڻ اي ڊي او او ميل سانگهڙ، شهدادپور، سنجهورو، کپرو، ٽنڊو آدم، ڄام نواز علي ۾ رهي آهي اتي گرلس اسڪول ۾ غير نصابي سرگرميون شروع ڪرايون ، اسڪولن ۾ ماحول جي آلودگي ختم ڪرڻ لاءِ وڻ لڳرايا جن اسڪولن ۾ نياڻيون گهٽ هيون يا جن ڳوٺن ۾ ماسترياڻيون ته هيون پر شاگردياڻيون نه هيون ته پاڻ انهن علائقن ۾ علائقي جي سياسي سماجي شخصتن، والدين سان ملاقاتون ڪري کين آماده ڪيو ۽ سندس ڪوششن سان اسڪولن ۾ نياڻين جو تعداد وڌڻ لڳو. اي ڊي اي او جي حيثيت سان جتي به رهي اتي بند پيل اسڪول کولرايا، ماسترياڻين جي ويزا سسٽم تي ڪنٽرول ڪيو، اسڪولن ۾ تعليمي ماحول ۽ نظام سڌاريو. پا ڪستان جي قومي ڏينهن 14 آگسٽ تي جنم وٺندڙ نسرين الطاف پرائمري تعليم گورنمينٽ مين سنڌي اسڪول شهدادپور مان مڊل کان سيڪنڊري تائين گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول شهدادپور هاءِ سيڪنڊري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شهدادپور بي اي ، ايم اي سنڌي ادب، ايم اي، پوليٽيڪل سائنس سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي. 85ع ۾ پرائمري ٽيچر طور تعليم کاتي ۾ آئي، بعد ۾ جي ايس ٽي ٿي، بعد ۾ اي ڊي اي او ميل مقرر ٿي مختلف اسڪولن ۾ هيڊ مسٽريس به رهي آهي شاعري ۾ ڪيترن ئي شاعرن سندس همٿ افزائي ۽ اصلاح ڪئي. شاعري جو شوق لطيف سائين، شيخ اياز، استاد بخاري، فيض احمد فيض جي شاعري پڙهڻ سان ٿيو. شروع ۾ ٻاراڻي شاعري شاگردي واري دورکان ڪئي بعد ۾ ٻاراڻيون ڪهاڻيون ۽ مضمون به لکيا. جيڪي گل ڦل، ٻارڙن جي ٻاري، گلڙن جهڙا ٻارڙا ۾ شايع ٿيا. وچ ۾ لکڻ ڇڏي ڏنو، وري 87ع کان لکڻ شروع ڪيو. هن شاعري ۾ غزل، وائي، بيت نظم، آزاد نظم، ربائي، 3 سٽا، 4 سٽا لکيا آهن. ليڪن غزل تي وڌيڪ عبور حاصل اٿس، سندس شاعري عبرت ميگزين، سنڌو ڊائجيسٽ، بختاور، سرتيون، هزار داستان، سوجهرو، ڪاوش، آفتاب، سرواڻ، سنڌ نيوز، الوحيد، تعمير سنڌ ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي آهي، سندس ڪهاڻيون مضمون ڪرنٽ اشوز تي آرٽيڪل به مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. نسرين بهترين ڪمپيئر به آهي، تقرير ۽ ڪمپيئرنگ ڪرڻ جو منجهس ڏانءُ آهي. جنهن به موضوع تي تقرير ڪري ٿي ته ٻڌندڙن ۾ جهڙو سڪتي تاري ٿي وڃي ٿي. سندس ڳالهايل هر لفظ موتين مالا هوندو آهي. لاتعداد علمي، ادبي، ثقافتي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ڪئي آهي، نسرين ڪي ٽي اين سنڌ ٽي وي، مهراڻ ٽي وي، ڌرتي ٽي وي، آواز ٽي وي، جي لاتعداد عورتن جي پروگرامن ۽ ٽاڪ شوز پروگرامن ۾ مهمان جي حيثيت سان حصو وٺندي مختلف موضوع ڪرنٽ اشو تي ڳالهائيندي رهي آهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي 3 سال سگهڙين سٿ پروگرام جي ميزبان رهي، 2 سال ادبي پروگرام جي ميزبان رهي. سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي جوائنٽ سيڪريٽري به رهي آهي. حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ادبي پروگرام جي ميزبان حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ادبي پروگرامن ۾ سندس شرڪت کي يقيني بنايو ويندو آهي هر موضوع جا ڪتاب سندس مطالعي ۾ رهيا آهن. پاڻ صوفي ۽ فقير منش خاتون آهي راڳ جهڙو سندس روح جي غذا هجي. صوفياڻه ۽ ڪلاسيڪل موسيقي شوق سان ٻڌي ٿي. عابده پروين، لتا منگيشڪر، سينگار علي سليم، سڄڻ سنڌي، اميد علي خان، صادق فقير، رجب فقير، احمد مغل جيڪي سندس پسنديده فنڪارن ۾ شامل آهن.کيس گيتن منجهان ڪيچي قول ڪري ويا، جب سي توني مجهي ديونا بنا رکا هي وڻندڙ اٿس. نسرين جي پسند جي شاعري ۾ ڀٽ ڌڻي، احمد فراز، وصي شاهه، شيخ اياز، حسن درس، روبينه ابڙو، پروين شاڪر، استاد بخاري، فيض احمد فيض آهن.
نسرين الطاف نازڪ نفيس ۽ حساس دل عورت آهي. ڪنهن جو به ڏک ڏسي نه سگهندي آهي. ڌيرج سان ڳالهائڻ واري نسرين مختصر ڳالهائي پر جيڪو ڳالهائي بهتر ڳالهائي. غريب ماڻهن ۽ غريب شاگردياڻين جي همٿ افزائي ۽ مالي مدد جهڙو سندس فرض ۾ شامل هجي. پاڻ سماجي ڪارڪن به آهي. سنڌ جي ثقافت سان محبت رکي ٿي شهدادپور جهڙي ننڍڙي شهر ۾ جتي سنڌ جي ٻين شهرن وانگر مرداڻو معاشرو قائم آهي. اتي هڪ عورت لاءِ علمي، ادبي، ثقافتي، سماجي سرگرميون شروع ڪرڻ ۽ حصو وٺڻ ڏاڍو مشڪل آهي. پر هن سماج جي ڪٽ کاڌل ريتن رسمن ۽ معاشري ۾ لڳندڙ ڪيئن من گهڙت الزامن کي هڪ پاسي رکي پنهنجو ادبي سفر جاري رکيو. ان جو ڦل اڄ کيس ان صورت ۾ مليو آهي ته ادبي دنيا ۾ سندس هڪڙو نالو آهي. هن کي ڏسي ۽ هن جي همٿائڻ سان سانگهڙ ضلع جون ڪجهه عورتن ادبي دنيا ۾ ۾ پير پاتو آهي. نسرين سياسي دنيا ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، شاعري ۾ شاهه لطيف پنهنجي خاندان ۾ پنهنجي والد الطاف حسين قريشي کي آئيڊل سمجهي ٿي، زندگي جي وڏن ڏکن ۾ سندس والد الطاف قريشي ۽ جيون ساٿي مرزا شاهه رخ جو وصال آهي، نسرين کي علمي، ادبي، سماجي خدمتن جي اعتراف طور سنڌ صحافي سنگت، ڀٽائي آرٽس ڪائونسل، مهراڻ آرٽس ڪائونسل، پهلا قدم آرگنائيزيشن، سافڪو، هينڊز، تعليم کاتو حڪومت سنڌ پاران ايوارڊ سرٽيفڪيٽ مليا آهن دعا آهي ته نسرين جو ادبي سفر هلندو رهي. ”درد جي ڇانو ۾“رڻ ٿو رڙيون ڪري جهڙا ٻيا به ڪيئن ڪتاب ادبي دنيا کي ڏي. سندس شاعري جي مجموعن ۽ سڄي سنڌ ۾ پڙهندڙن سٺي موٽ ملي آهي کيس پنهنجي شاعري مان هيٺيون شعر وڌيڪ وڻي ٿو.
ڇا ڪندي ڌرتتيءَ، درد جي ڇانو ۾،
رهي زندگي درد جي ڇانو ۾.

ڪي کلڻ جون اسان سان نه ڳالهيون ڪيو!
بي وسي بي وسي، درد جي ڇانو ۾.

ڪين سنسار سک جي جڳهه تو ڏني،
جاءِ جيون وتي، درد جي ڇانو ۾.

جستجو جيءَ پنهنجي ۾ جرڪي سداءَ،
آس پوري نه ٿي، درد جي ڇانو ۾.

سو خوشين جون اميدون ڪري ڪين ٿو،
جو رهيو آدمي درد جي ڇانو ۾.

ديپ دل منجهه، سدائين ٻرندو رهي،
ٿي اچي شاعري، درد جي ڇانو ۾.