شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

سيد غلام شبير شاهه لطيفي

ڀٽ ڌڻي جي ميلي تي ننڍي هوندي کان بابا، چاچا ۽ مامن سان گڏ ويندو هيس پر ميلي جي آخري ڏينهن تي صبح جو دعا خير ۾ سجاده نشين پاران لطيفي حال وسيلا پائي درگاهه تي اچي زيارت ڪرائڻ واري رسم ۾ پهريون دفعو 1980ع ۾ ڀٽ شاهه جي صحافي دوست علي اڪبر سان گڏجي ويو هيس جتي پهريون دفعو لطيف سائين جي سجاده نشين سيد غلام شبير شاهه جو ديدار نصيب ٿيو. 1985ع کان صحافي جي حيثيت سان لطيف جي ميلي جي ڪوريج لاءِ وڃڻ شروع ڪيو ۽ اڄ تائين اهو عمل خدمت واري جذبي تحت جاري آهي. ميلي جي آخري ڏينهن تي دعا واري رسم ۾ هر سال ڪوشش ڪري شريڪ ٿيندو رهيو آهيان. انشا الله جيستائين حياتي آهي، ايستائين اهو سلسلو جاري رهندو. سائين غلام شبير شاهه سان منهنجو تعارف 1993ع ۾ لطيف سائين جو ڪلام پيغام عام ڪرڻ لاءِ شايع ٿيندڙ ميگزين جي اجازت وٺڻ لاءِ ٻي ملاقات ڀيڄ ڀٽائي ميگزين جو پهريون شمارو کڻي علي اڪبر ساند سان گڏ وٽن، حاضر ٿي پيش ڪيم، اهو ڏينهن عرس مبارڪ وچين ڏينهن واري ڌمال وارو هو، مريدن جي رش هئي انڪري تفصيلي ملاقات نه ٿي سگهي، عرس مبارڪ کان هفتو بعد جڏهن ڀٽ شاهه پهتس ته علي اڪبر ساند ٻڌايو ته سائين غلام شبير شاهه اوهان کي ياد ڪري ٿو، مون کي حڪم ڪيو اٿن ته نور سنڌي هاڻ جڏهن به اچي ملاقات ڪرايو. ان ڏينهن اتفاق سان ريڊيو پاڪستان جو اشرف بلوچ ۽ جهول جو ليکڪ صحافي مسڪين محمد وارث خاصخيلي به اتي آيل هئا اسان گڏجي سائين وٽ حاضر ٿياسين پاڻ ڀيڄ ڀٽائي ميگزين شايع ڪرڻ تي مبارڪ ڏني ۽ خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته ان ميگزين جي ضرورت هئي پاڻ فرمايو ته ڪافي سال اڳ اللطيف ميگزين شايع ٿيندي هئي جيڪا بعد ۾ بند ٿي وئي پاڻ کوڙ ساريون دعائون ڏنيون ۽ اسان جي خواهش تي فوٽو به اسان سان گڏ ڪڍرايا ان بعد سائين وٽ حاضرين جو سلسلو شروع ٿيو، ڀٽ شاهه جڏهن به ايندو هيس ڪوشش هوندي هئي ته وٽن حاضري ڪريان سندس طبعيت ٺيڪ هوندي هئي ته ڪافي وقت مختلف موضوع تي ڪچهري ڪندا هئا. ڪافي دفعا سندس طبعيت صحيح نه هئڻ ڪري ملاقات نه ٿي سگهندي هئي لطيف سائين جي عرس مبارڪ جي آخري ڏينهن تي وٽن حاضري ضرور ڪندو هيس ۽ ڀيڄ ڀٽائي ميگزين جون ڪاپيون سندن خدمت ۾ پيش ڪندو هئس پاڻ مريدن پاران ڏنل مٺاين مان چند مٺائي جا دٻا کڻي مون کي ميلي جي مٺاڻي طور ڏيندا هئا ۽ 500 کان 1000 رپيا تائين ميلي جي خرچي طور به ڏيندا هئا. شروع ۾ ميلي جي خرچي وٺڻ کان انڪار ڪيو ته پاڻ چيائيون ته هي دعا جا آهن، انڪار نه ڪندو ڪر پاڻ عام پيرن کان مختلف هئا. پاڻ فقير منش انسان هو. پاڻ فرشتي نما انسان هو. پاڻ اڪثر ڪارو ويس پائيندا هئا. پاڻ لطيف سائين جي 33 سال سجاده نشين رهيا، پاڻ شاهه لطيف فائونڊيشن به جوڙي ۽ ان کي رجسٽرڊ ڪرايو، ان جون سرگرميون نه صرف سنڌ، پاڪستان پر دنيا ۾ ڦهلايون خاص طور ڀارت ۾ پاڻ اتي وڃي لطيف جي عقيدتمندن سان ملاقات به ڪئي. پاڻ بهترين حڪيم به هئا. جڏهن کان سندس طبعيت ناساز رهي ان کانپوءِ شاهه لطيف فائونڊيشن جون سرگرميون گهٽائي ڇڏيون. روحاني سفر به گهٽ ڪندا هئا ۽ وڏي بنگلي تي به گهٽ ايندو هئا، هتي صرف 2 يا 3 دفعا ايندا هئا. جتي مريدن سان ملندا هئا ۽ ايندڙ بيمارن کي حڪمت جا نسخا به لکي ڏيندا هئا پاڻ راڳ جو وڏو ڄاڻو هو. ڪلاسيڪل نيم ڪلاسيڪل راڳ جي کين وڏي ڄاڻ هئي. پاڻ ڪيترائي ڀيرا زنواري به ڪئي، تاريخ، فلسفي ۽ مذهبي ڪتابن سان دلچسپي رکندا هئا. وٽن ننڍڙي لائبيري به هئي سندس ڳالهائڻ جو انداز متاثر ڪندڙ هو. پاڻ لطيف سائين جي ڪلام پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ هر طرح سان ڪوششون ڪيون پاڻ شروع ۾ درگاهه تي لطيف سائين جو جشن ولادت ملهايو پاڻ غريبن جا همدرد هئا، انتهائي پرهيز گار هئا. لطيف جي ڪلام تي عبور حاصل هئن، جڏهن فون جو دور نه هو ته وٽن مريدن دوستن جي خطن جا روزانو رات جو جواب لکائيندا هئا. مريدن علائقي جي ماڻهن جي ڏک سک ۾ باقاعده شرڪت ڪندا هئا. جيستائين سندن صحت اجازت ڏني پاڻ درگاهه جي ترقي توسيع جي حوالي سان به اهم ڪردار ادا ڪيو. 1963ع ۾ جڏهن صدر ايوب ڀٽ شاهه جي عرس مبارڪ تي آيو ته سيد غلام شبير شاهه جي چوڻ تي ڀٽ شاهه کي يونين ڪائونسل جو درجو ڏنو ۽ ترقياتي ڪمن لاءِ فند جو پڻ اعلان ڪيو. 1954ع ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي قيام جي حوالي سان سندس ڪردار رهيو،سندس خواهش تي پيرزادو عبدالستار مرحوم ثقافتي مرڪز جي پيڙهه جو پٿر رکيو اهو مرڪز لطيف جو ڪلام پيغام عام ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. جتي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو بنياد پيو. اتي ڪافي گهر هئا. جيڪي گهر ڌڻي خالي ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ اهو اهم مسئلو هو ليڪن سيد غلام شبير شاهه خوش اصلوبي سان حل ڪرايو پاڻ 54ع کان 70ع تائين ثقافتي مرڪز جا ميمبر به رهيا. 54ع ۾ پاڻ هڪ ماهوار رسالو اللطيف جو اجراءِ به ڪيو. 1960ع ۾ ان جي ايڊيٽر سيد وڌل شاهه جي وفات بعد اهو رسالو بند ٿي ويو. پاڻ درگاهه تي مجلسون به پڙهندا هئا. جڏهن سندن طبعيت صحيح هوندي هئي لطيف سائين جي ملاکڙي ۾ ڪيترائي ڪلاڪ ويهي ملهن کي انعام ڏيندا هئا. پاڻ ڀٽ شاهه جي وچين پڙ جا سنڀاليندڙ به هئا. پاڻ وڏا اعزادار هئا. پنهنجي پڙ تي نغار به وڄايا ۽ سندن نغارا وڄائڻ واري وڄت ٻيو ڪونه ڪري سگهندو،درگاهه تي ڏکڻ طرف زائرين لاءِ مسافر خانو پنهنجي نگراني ۾ ٺهرايو پاڻ 19 اپريل 2003ع تي پاڻ لطيف جي عرس مبارڪ جي پڄاڻي واري ڏينهن تي ڌاڳن واري ۽ دعا واري رسم ۾ شريڪ ٿيا. رات جو سندن طبعيت خراب ٿي وئي۽ رات 12 وڳي سندن روح پرواز ڪري ويو، سندن آخري آرام گاهه شاهه حبيب جي مزار ۾ اندر آهي.