شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

بهترين استاد ، شاعر، ليکڪ ۽ ڪمپيئر معشوق ڌاريجو

معشوق ڌاريجو سنڌ جي خوبصورت شهر قاضي احمد ويجهو ڳوٺ شير خان ڌاريجو ۾ 15 آڪٽوبر 1968ع تي ننڍڙي آبادگار ۽ علائقي جي مثالي هاري الهه ڏنو ڌاريجو جي گهر ۾ جنم ورتو. هي جڏهن ڇهين درجي ۾ هو ته اخبارن ۾ ايندڙ ٻارڙن جا صفحا وڏي شوق سان پڙهندو هو. بعد ۾ هي سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيندڙ ٻارڙن جي ماهوار رسالي گل ڦل جو مستقل خريدار ٿيو. ٻاراڻي ادب جي مطالعي کيس لکڻ جو اتساهه پيدا ڪيو ۽ڇهين درجي ۾ ئي پاڻ ٻاراڻو نظم لکيو، جنهن جا ٻول هي آهن.
گلڙن جهڙا سهڻا ٻار،
جن سان ڪري ٿو سڀ ڪو پيار،
ٻول انهن جا ٻاتا ٻاتا،
کلن ٽڙن ڄڻ کٽڻهار.
معشوق ڌاريجي شاعري جي سکيا ۽ رهنمائي پنهنجي ڇهين درجي جي ڪلاس ٽيچر مشهور شاعر ۽ اديب تاج جويو کان حاصل ڪئي . معشوق ڌاريجي جو چوڻ آهي ته هو ادبي دنيا ۾ جيڪي ڪجهه آهي سو تاج جويي جي همٿ افزائي جي ڪري آهي. پاڻ شاعري جي سڀني ئي صنفن تي طبع آزمائي ڪري چڪو آهي. ليڪن شاعري ۾ هن وڌ کان وڌ وايون لکيون آهن، کيس وائي لکڻ تي وڏو عبور حاصل آهي. پاڻ شاگردي دور ۾ ٻاراڻي ادب ۾ تمام گهڻو ۽ تمام سٺو لکيو ان زماني ۾ سندس ٻاراڻي شاعري ۽ ٻاراڻيون لکڻيون گل ڦل، آفتاب، عبرت، هلال پاڪستان ۽ ٻين اخبارن جي ٻارن جي صفحن ۾ شايع ٿيون هن وقت وٽس واين ۽ ٻاراڻي شاعري جو مجموعو تيار آهي. جيڪو ڇپجڻ جي انتظار ۾ آهي. پاڻ بهترين شاعر سان گڏ بهترين لکيڪ به آهي. پاڻ سنڌ جي ٻرندڙ اشوز کانسواءِ سماج جي ڪٽ کاڌل ريتن رسمن کان وٺي سنڌي موسقي ۽ ٻاراڻي ادب تي به مختلف اخبارن رسالن ۾ لاتعداد مضمون لکيا آهن. ان کانسواءِ پاڻ اديبن جي ڪهاڻين، ناول ۽ شاعري جي مجموعن جا مهاڳ به لکيا آهن، سندس شاعري کي مشهور ۽ اڀرندڙ فنڪارن ڦوٽو زرداري ، ممتاز لاشاري، مولا بخش مري، لطيف چانڊيو، دلشير تيوڻيو، ماسٽر ولي ، عنايت مري، سڪندر رند، وزير عمراڻي، يوسف پنهور، اعجاز خاصخيلي، علي حسن خاصخيلي ۽ ٻين فنڪارن ڳايو آهي. هنن مان ڪافي فنڪارن ڪيسٽن ۾ سندس ڪلام رڪارڊ ڪرايو آهي. سندس ڪلام ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، خيرپور ميرس، مهراڻ ٽي وي ۽ ٻين سنڌي چئنلن تي به نشر ٿيندو رهيو آهي. پاڻ ٽن سالن کان وڌيڪ عرصو ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاهه تي ادبي پروگرام، موسيقي جو پروگرام ۽ هڪ فنڪار پروگرام جو ڪمپيئر به رهيو. مهراڻ ٽي وي تي يڪتاري چپڙي جي فنڪارن جي رهاڻ جو به ميزبان رهيو. معشوق ڌاريجي قاضي احمد سميت سنڌ اندر ٿيندڙ تقريبن چار سئو کان وڌيڪ علمي ادبي ، ثقافتي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ڪئي آهي. سندس ڪمپيئرنگ ڪرڻ جو انداز نرالو ۽ منفرد آهي. پاڻ علائقي جا سماج سڌارڪ به آهن، پاڻ گورنمينٽ هاءِ اسڪول قاضي احمد ۾ استاد آهن. پاڻ شاگردن ۾ به مقبول آهي. سندس پڙهائڻ جو طريقو به بهترين آهي. جنهن سان شاگردن ۾ اتساهه وڌي ٿو. پاڻ ايم اي سنڌي ۽ ايم ايڊ آهن. سندس ادبي خدمتن جي مڃتا طور قاضي احمد، سڪرنڊ ۽ ٻين شهرن ۾ ساڻس چار پنج رهاڻيون ملهائجي چڪيون آهن. جڏهن ته هن مختلف علمي، ادبي، سماجي ثقافتي تنظيمن پاران ويهارو کان وڌيڪ ايوارڊ ماڻيا آهن. مختلف رسالن ، اخبارن ۾ علمي ادبي شخصيتن جا لاتعداد پروفائيل لکيا آهن. پاڻ پروفائيلن تي مبني ڪتاب ڏور مَ ڏيئان ڌار، ماءُ کاهوڙي هليا ”عثمان فقير فن ۽ شخصيت “ شاهنواز خاصخيلي سان گڏ ۽ روشني جو سفر قاضي احمد جي تعليمي تاريخ تي شايع ٿيل آهن. پاڻ اديبن، شاعرن کي پنهنجون لکڻيون شايع ڪرڻ ۽ ساڃاهه وند ڌرين کي پنهنجي آٽو گرافي لکڻ لاءِ پڻ همٿائيندو رهيو آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي آڊيٽر ۽ خزانچي، سنڌي ادبي سنگت ضلعي نوابشاهه جو رابطه سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت شاخ قاضي احمد جو ڪيترائي ڀيرا سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم کان به کوڙ سارا پروگرام ڪرائڻ کانسواءِ دستوري گڏجاڻيون ڪرايون آهن. پاڻ ٻه سئو کان وڌيڪ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مختلف تنظيمن پاران ٿيندڙ علمي، ادبي ، ثقافتي پروگرامن ساڃاهه وند ڌرين سان ملهائجندڙ رهاڻين ۾ محفل صدر، مک مهمان،معزز مهمان،اعزازي مهمان طور شريڪ ٿيو آهي. تقرير ڪرڻ جو معشوق ڌاريجي کي وڏو ڏانءُ آهي. پاڻ بهترين مقرر آهي. جڏهن ته پروگرامن ۾ ڳالهائيندو آهي ته پنڊال ۾ خاموشي ڇانئجي ويندي آهي. معشوق ڌاريجي جي شاعري ۾ پيار، محبت، رومانٽڪ کان وٺي معاشري جي عڪاسي، سنڌ پرستي نظر اچي ٿي.
معشوق ڌاريجي کي ٽي پٽ عاشق علي، ڪاشف علي ۽ مصور علي ۽ چار نياڻيون آهن، سندس شادي سندس سئوٽ حسينه (سهڻيءَ) سان ٿيل آهي. معشوق ڌاريجي شاعري ۽ ادب جي سفر ۾ لاتعداد نوجوانن جي رهنمائي ڪئي آهي جن ۾ عنايت بروهي، مولائي ملاح ۽ محبوب رضا راهو جا نالا قابلِ ذڪر آهن. معشوق ڌاريجي وٽ قاضي احمد ۾ معشوق ڌاريجو لائبريري قاضي احمد جي نالي سان پنهنجو شاندار ذاتي ڪتب خانو پڻ آهي .