سيد عبدالله شاهه جون سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِخدمتون
سيد عبدالله شاهه جو اهو ڪارنامو آهي ته سندس ڪوشش سان سفارشي ڪلچر ۽ ڪرپشن تي ڪجهه ڪنٽرول ٿيو عوام جي جائز ڪم ڪارين لاءِ هنن کان رشوت وٺڻ ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ کين رلائي ذليل ڪرڻ وارين روايتن جو ڪنهن حد تائين خاتمو آڻڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب ويو. ميڊيا تي ايندڙ عوامي شڪايتن عوام سان ٿيندڙ ناانصافين وارين خبرن تي پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ جي روايت قائم ڪئي، عوام جا مسئلا بنا دير حل ڪرڻ هر قسم جون شڪايتون ٻڌڻ لاءِ شڪايتي سيل قائم ڪيو، جنهن جا بهتر نتيجا سامهون آيا. سندس اهو به ڪارنامو رهيو ته هن زميندارن جي نجي جيلن ۾ باندي بڻايل هارين وارين شڪايتن جو پڻ پاڻمرادو نوٽيس وٺي هارين کي آزاد ڪرايو. ۽ اهڙن زميندارن خلاف ڪارروايون ٿيون ۽ سيد عبدالله شاهه جي دور ۾ نجي جيلن وارو سلسلو ڪنهن حد تائين ختم ٿي ويو هو، پر سندس بعد اهو سلسلو وري شروع ٿي ويو. سيد عبدالله شاهه جي ذاتي ڪوششن سان هارين کي بنيادي حق ڏيڻ لاءِ ٽيننسي ايڪٽ تي عمل ٿيو ۽ هاري ڪورٽون قائم ٿيون ۽ اها ڳالهه به رڪارڊ تي موجود آهي ته سيد عبدالله شاهه جي دور ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ گهٽتائي آئي، سندس دور ۾ سندس ذاتي دلچسپي سان ڪافي ترقياتي ڪم ٿيا. سوين ڳوٺن جا روڊ ٺهيا، وڏي تعداد ۾ هنن روڊن جي مرمت ٿي، هزارين اسڪولن جون بلڊنگون جڙيون، ڳوٺاڻي عوام کي ميڊيڪل سهولتون ڏيڻ لاءِ ڳوٺن ۾ سرڪاري اسپتالون قائم ٿيون. هزارين ڳوٺن کي بجلي ڏئي روشن ڪيو . هزارين ڳوٺن ۾ فون گئس گهٽين جون فرش بنديون ، واٽر سپلاءِ جون سهوليتون ڏينون ويون ، شهرن ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان واٽر سپلاءِ ۽ ڪني پاڻي جي نيڪال واري اسڪيمن کي سڌاريو ويو. شهرن جي خسته حالت روڊن جي مرمت ڪرائي وئي، بيروزگارن کي نوڪريون ڏنيون ۽ رهجي ويل ۽ گهٽ پڙهيل نوجوانن کي روزگار سان لڳائڻ لاءِ سڄي سنڌ م صنعتي يونٽ لڳائڻ جون اسڪيمون جوڙيون ويون، سرڪاري کاتن جي ڪارڪردگي کي سڌاريون ويون ۽ انهن جي ڪارڪردگي کي مانيٽرنگ ڪيو ويو. سيد عبدالله شاهه جو اهو سنهري دور آهي. جنهن ۾ آبپاشي انتظام ۾ بهتري آئي ٽيل تائين پاڻي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سرڪاري نيم سرڪاري کاتن ۾ غير ترقياتي فضول خرچ گهٽايا ويا. سيد عبدالله شاهه روايتي وڏن وزيرن وانگر بي تاج بادشاهه بنجڻ بجاءِ فقيراڻي طبيعت رکندو هو. سندس ڪوشش رهي ته سرڪاري اسپتالن ۽ تعليمي ادارن جي ڪارڪردگي بهتر هجي ڇو ته انهن ادارن سان غريب عوام جو ئي واسطو رهي ٿو، سندس ادب فن، ثقافت سان گهري دلچسپي رهي، پاڻ اهڙن پروگرامن ۾ شوق سان شرڪت ڪندو هو ۽ پروگرام ڪرائيندڙ جي هر طرح سان همٿ افزائي ڪندو رهيو، پاڻ وزير اعلى ٿيڻ بعد به سندن چوپائي مال توڙي گهوڙن سان دلچسپي رهي پاڻ سنڌ جي ثقافت جو امين بڻيل هو ميلن ملاکڙن ۾ دلچسپي سان شريڪ ٿيندو هو، ميلن ۾ ملاکڙا چوپائي مال جون نمائشون شوق سان ڏسندو هو. سندس صوفين درويشن بزرگن سان وڏي عقيدت هئي. پاڻ شاهه عبداللطيف ڀٽائي قلندر لال شهباز جا وڏا عقيدتمند هئا. سنڌ جي وڏ وزارت دوران مصروفيتن مان وقت ڪڍي هنن بزرگن جي عرس مبارڪ جي تقريبات ۾ عقيدت سان شرڪت ڪندو هو. لطيف سائين جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد عقيدت وچان روحاني سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه دير لاءِ درگاهه ۾ ويهي رهندو هو ۽ درگاهه ملاکڙي ۽ نمائش ۾ عام ماڻهن سان ملندو هو. ڀٽ ڌڻي جي عرس مبارڪ جي ملاکڙي ۾ بوسڪي جو پٽڪو ٻڌي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ملاکڙو ڏسندو هو ۽ ملهن کي وڏا انعام پڻ ڏيندو هو. سندس خواهش هئي ته سنڌ جي قومي راند ملاکڙي کي سڄي دنيا ۾ روشناس ڪرايان ڀٽ ڌڻي جي ميلي جي ايوارڊ تقريب جي راڳ رهاڻ واري محفل ۾ پڻ آخر تائين شريڪ هوندو هو، آخر ۾ فنڪارن کي وڏا انعام ۽ مالي امداد ڏيندو هو. پاڻ درگاهه جي توسيع ۽ ٻيا ترقيتي ڪم ڪرايا. سيد عبدالله شاهه جي لطيف سائين سان عقيدت جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته سندن خصوصي هدايتن تي لطيف سائين جو ڪلام ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو ۽ ڀٽ ڌڻي بابت ڪيترائي ڪتاب شايع ڪيا ويا. سندس ادب سان گهري دلچسپي رهي، مختلف موضوع تي لکيل ڪتاب سندس مطالعي هيٺ آيا، پاڻ سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ پڻ ڪوششون ڪيون. سنڌ جي هٿ جي هنرن جي ترقي لاءِ به سندس ڪوششون رهيون، سيد عبدالله شاهه سنڌ جي صحافين سان ويجها ۽ بهتر تعلقات رهيا، صحافين ۽ پريس ڪلبن جي دل کولي مالي مدد ڪندو هو. پاڻ آزاد صحافت ۾ يقين رکندو هو، غريب فنڪارن، شاعرن، سگهڙن، اديبن ۽ صحافين جي بيماري بابت اخبارن ۾ خبرون اچڻ تي پرگهور لهندو هو، سندس ڪوشش رهي ته سنڌ مان بدعنوانيون ظلم زيادتين پوليس اسٽيٽ جو خاتمو اچي سنڌ ڌرتي جو هر ماڻهو روزگار سان هجي، خوشحال هجي ڪنهن سان به زيادتي ظلم نه ٿئي، ڪوبه ڏاڍو ڪنهن غريب جي تذليل نه ڪري هر ڳوٺ ۾ شهرن واريون بنيادي سهوليتون هجن، هڪ انصاف ڀريو معاشرو هجي، هر ماڻهو کي تڪڙو انصاف ملي بي پهچ غريب مسڪين ماڻهن جو سرڪاري اسپتالن مان مفت علاج ملي هر ماڻهو جي اولاد کي بهترين تعليم ملي، تعليمي انتظاميا بهترين هجي هر ماڻهو کي بنيادي حق ملن، سنڌ جو ادب فن ثقافت ۽ هنر ترقي ڪري صحافت آزاد هجي، صحافين کي بنيادي سهولتون مليل هجن. صوفين ، بزرگن جي هي سر زمين امن جو گهوارو هجي ۽ پاڻ سنڌ سر زمين جي گدلاڻ واري سياسي فضا جي آبياري محبت جي آڪسيجن سان ڪئي، پاڻ ان لاءِ ڪافي ڪجهه ڪيو ۽ اڃا ڪافي ڪجهه ڪرڻ پئي گهريو ڇاڪاڻ ته سالن کان زنگجي ويل معاشري کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ وقت گهربو هو، سندس اهي خواهشون پوريون ٿيڻ کان اڳ جمهوري ۽ عوامي حڪومت جو خاتمو آندو ويو جنهن سان سندس خواب رهجي ويا غير جمهوري حڪومت ايندي عبدالله شاهه جي عوامي خدمتن سنڌ کي امن جو گهوارو بنائڻ۽ بنا فرق عوام جي خدمت ڪرڻ ۽ عوام دوست وزير اعلى ٿيڻ جي ڏوهه ۾ سياسي انتقامي ڪاررواين تحت سندس خلاف ڪوڙا ڪيس درج ڪيا ويا ۽ پاڻ نه چاهيندي به پاڻ مرادو جلاوطن ٿيو ۽ ڊگهو عرصو پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ماڻهن کان پري رهي وڏو عذاب ڀوڳيو ۽ آخري وقت ۾ سخت بيمار رهڻ بعد جڏهن کيس يقين ٿي ويو ته هاڻ هو ڊگهو عرصو زندهه نه رهي سگهندو ته هن سنڌ سان محبت هئڻ جو ثبوت ڏيندي زندگي جون آخري گهڙيون پنهنجي ڌرتي ڀومي ۽ ڌرتي وارن سان گڏ گذارڻ ۽ پنهنجي ڌرتي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪرڻ جي خواهش ڪئي ۽ ڪئين ڪوڙا ڪيس هئڻ ۽ دوستن جي جهلڻ باوجود پنهنجي ڌرتي ڀومي تي اچي ويو ۽ سنڌ پهچڻ تي سندس نيڻن مان لڙڪ لڙي پيا ۽ هتي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجن ماڻهن سان مختصر وقت رهڻ بعد دم ڌڻي حوالي ڪري پنهنجون سوين يادون ڇڏي اسان کان ڏور هليو ويو اتي جتان ڪوبه موٽڻو نه آڻي سندس سنڌ واسين جا اهي ڀلا ڀاڳ آهن جو عبدالله شاهه جو فرزند سيد مراد علي شاهه اڄ سنڌ جي وڏي وزير جي حيثيت سان بلڪل پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلندي عوامي سياست ڪري رهيو آهي. پنهنجي والد وانگر بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪرڻ جي ڪوشش رهيو آهي. والد وانگر ڪيل واعدا وچن وفا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. جڏهن پاڻ آبپاشي جو وزير هو ۽ سنڌ ۾ نهري پاڻي جو شديد بحران آيو، آبپاشي نظام درهم برهم ٿي ويو هر طرف پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ ايريگيشن ۾ ڪرپشن جو پڙاڏو گونجڻ لڳو. اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جي صدر مملڪت آصف علي زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي سيد مراد علي شاهه ۾ اهڙيون اميدون نظر آيون، جيڪو پنهنجي صلاحيتن سان سنڌ کي پاڻي جي بحران مان ڪڍي سگهي ٿو ۽ سيد مراد علي شاهه جو قلمدان تبديل ڪندي کيس سنڌ جي ايريگيشن جو قلمدان ڏنو ويو ۽ سيد مراد علي شاهه ان چيلينج کي قبول ڪندي پاڻي جي شديد بحران تي ڪافي حد تائين قابو پائڻ ۽ ايريگيشن مان ڪرپشن کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون.