شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

صحافت جو مڻيادار ماڻهو شهيد فقير محمد رحيم مهر

سانگهڙ ضلعي جي 3 صحافين شهادت ماڻي آهي. شهيد فقير محمد رحيم مهر جنهن کي سانگهڙ شهر ۾ شهيد ڪيو ويو، شهيد آفتاب نظاماڻي جنهن کي لساني فسادن ۾ حيدرآباد ۾ شهيد ڪيو ويو. سرهاڙي جو شهيد صحافي نظر بروهي کي گهر ۾ شهيد ڪيو ويو. شهيد محمد رحيم مهر سانگهڙ ضلعي جو دلير صحافي هو، جنهن صحافت ذريعي عوام جي خدمت ڪئي، مظلومن جو ساٿ ڏنو، حق سچ لکندو رهيو. انگريز سامراج کي هن ڌرتي تان تڙي ڪڍڻ لاءِ شروع ڪيل حر تحريڪ وطن يا ڪفن جو مرڪز رهندڙ گڙنگ بنگلو تعيمر ڪرائيندڙ خليفي فقير محمد مهر جي گهر ۾ جنم ورتو. انگريز دور ۾ سندس سڄي خاندان کي شهيد ڪيو ويو. هن خاندان مان فقير محمد رحيم مهر ۽ سندس ڀاءُ فقير عبدالحيمد مهر ان ڪري بچي ويا جو هو گهر نه هئا، ننڍي هوندي کان يتيمي واري زندگي گهاري پاڻ مختصر تعليم حاصل ڪري سگهيا، هوتچند آساڻي جي ادارت ۾ هفتيوار اخبار جنم ڀارت شايع ٿي ته پاڻ ان اخبار جو سانگهڙ مان رپورٽر ۽ مضمون نگار جي حيثيت سان صحافت شروع ڪئي، ان سان گڏ پاڻ ان دور ۾ شايع ٿيندڙ سنڌي ، اردو اخبارن، روزانه قرباني، روزانه آزاد،، روزانه الوحيد، روزانه سنڌ،روزانه جنگ، روزانه ڊان، روزانه امروز، روزانه منزل ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن جو رپورٽر ٿيو ۽ انهن اخبارن ۾ مضمون لکيا، ان دور ۾ ايترا صحافي نه هئا فقير محمد رحيم مهر ان دور ۾ قلم جي نوڪ سان سچ لکيو، نتيجي ۾ مٿس ڪيترائي قاتلاڻه حملا ٿيا، پوليس جو رويو اهو ته ان نه ڪيس ورتا نه حملي آورن کي گرفتار ڪيو ، هڪ دفعي ته پوليس جي موجودگي ۾ مٿس حملو ڪيو ويو. سچ لکڻ ڪري کيس ڪيترائي ڀيرا ڪوڙن ڪيسن ۾ جيل موڪليو ويو. 1950ع ۾ فقير صاحب الفقراءَ نالي اخبار ميرپورخاص مان جاري ڪئي۽ ان ۾ به ڪڙو سچ لکڻ ڪري الفقراءَ جو ڊڪليئريشن رد ڪيو ويو ته پاڻ خدمت نالي سان هفتيوار اخبار شايع ڪئي، الفقراءَ ۾ سندس ڪالم فقيراڻو ڏنڊو وڏي مشهوري ماڻي، سچ ۽ حق تي مبني هن ڪالم جي ڪري ماڻهو اخبار جو انتظار ڪندا هئا. بعد ۾ الفقراءَ 70ع کان سانگهڙ مان شايع ڪئي. الفقراءَ ايتري ته مقبوليت حاصل ڪئي جو ڪافي ماڻهو فقير صاحب کي الفقراءَ جي نالي سان سڏيندا هئا. مون سميت سانگهڙ ضلعي جا ڪيترائي صحافي الفقراءَ جي پيداوار آهن. فقير صاحب بيباڪ صحافي سان گڏ بهترين مضمون نگار هو، هر مسئلي، ظلم زيادتين، وڏيرا شاهي، غلط ريتن رسمن خلاف سندس مضمون ڏاڍا سخت هوندا هئا. ان دور ۾ سڄي سنڌ ۾ هفتيوار اخبارون ٽپال ذريعي موڪليون وينديون هيون۽ الفقراءَ جو ماڻهو انتظار ڪندا هئا. الفقراءَءُ جا هفتي ۾ ٻه پرچا شايع ٿيندا هئا. انهن ۾ واري سان ادبي ۽ ٻارن جا صفحا به شامل ڪيا ويا، فقير محمد رحيم مهر وڏو ڏياءُ وارو هو. نوراني چهرو، اکيون سهڻيون وڏيون، ڇاپايائين ڏاڙهي، سنڌي پٽڪو ٻڌندو هو، وليز جيپ ۾ گهمندو هو، ڳالهائڻ جو نرم هو، ڪوڙ نه ڳالهائيندو هو نه ٻڌندو هو، ڪوڙن ماڻهن سان اصل نه پوندي هئن، 23 آگسٽ1981ع اهو نڀاڳو ڏينهن هو، جنهن جي شام سانگهڙ ضلعي جي عوام، صحافين ۽ فقير محمد رحيم مهر جي خاندان دوستن لاءِ شام غريبا ٿي وئي جو کيس سانگهڙ جي وچ شهر ۾ مٿس ڪارتوسي پستول جا فائر ڪيا ويا، جنهن ۾ پاڻ شديد زخمي ٿي پيو. کيس سول اسپتال سانگهڙ پهچايو ويو پر اتي ڪوبه ڊاڪٽر نه هو ته کيس حيدرآباد نيو ويو، مٽياري ويجهو پاڻ دم ڌڻي حوالي ڪري شهادت ماڻي. کيس مڪمل پلاننگ تحت شهيد ڪيو ويو، مٿس حملي بعد ٿاڻي تي ڪو پوليس آفيسر نه هو، اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هو. 24 آگسٽ تي شهدادپور مان نثار بالادي ۽ آئون سندس آخري سفر ۾ پهتاسين ۽ سندس فرزند فقير علي محمد مهر سان مشوري بعد نثار بالادي آئون ۽ ڪجهه ٻيا دوست الفقراءَ پريس تي پهتاسين ۽هنگامي حالتن ۾ 25 آگسٽ تي الفقراءِ جو پرچو شايع ڪيو. فقير صاحب سان منهنجي ملاقات 1978 ڌاري عاجز منگي ڪرائي جڏهن ته الفقراءَ ۾ عاجز جي معرفت ملدسي ۾ نمائندي طور صحافت شروع ڪئي، جڏهن ته مٿس حملا ٿيندا هئا يا ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويندو هو ته پاڻ الفقراءَ ۾ ان خلاف لکيل آرٽيڪل ۾ لکندو هو ته ”هي سر ڪٽجي سگهي ٿو پر ڪڏهن سندن آڏو جهڪي نه ٿو سگهي“، سندس شهادت بعد سندس پٽ فقير علي محمد مهر بخشڻ مهراڻوي ڪجهه وقت الفقراء شايع ڪئي پر مستقل طور شايع نه ٿي رهي آهي.