شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

سماج سڌارڪ خاتون راڌا ڀيل

سنڌ جي اقليتي عورتن ۾ چند عورتن پنهنجي شاندار ڪردار ڪري وڏو نالو ڪڍرايو آهي. انهن ۾ راڌا ڀيل به شامل آهي. پاڻ لبرل ادب دوست ۽ سماج سڌارڪ عورت آهي. پاڻ ميرپورخاص ۾ ڪنهن به فورم پاران انساني حقن، عوامي مسئلن، ناانصافين خلاف ڌرڻو هجي، ريلي هجي، بک هڙتال هجي يا عوام ۾ صحت، تعليم جو شعور ڏيڻ لاءِ ريلي هجي، راڌا اهڙن احتجاجن ۽ شعور ڏيندڙ ريلين ۾ پنهنجي ساٿياڻين سان گڏ پيش پيش هوندي آهي. شاگردي واري دور ۾ کيس پوليس آفيسر ٿيڻ يا اهڙي سياسي ليڊر ٿيڻ جو شوق هو. جنهن سان پاڻ مثالي عورت بڻجي وڃي، پاڻ نه پوليس آفيسر بڻجي سگهي نه سياست ۾ نالو ڪڍرائي سگهي، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ خاص طور سنڌ ۾ سياست خاص طور اقتداري سياست مورثي بڻجي چڪي آهي، سياست ڪاروبار بڻجي چڪي آهي، وڏيرڪو نظام غريب، مخلص نوجوان قيادت کي اڳتي اچڻ نه ٿو ڏي. راڌا جو پوليس آفيسر وارو خواب ته اڌرو رهيو پر سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ وارو جنون اڃا برقرار اٿس. سندس خواهش آهي ته هو اسيمبلي جي ميمبر ٿي پنهنجي ڀيلڪي ويس ۾ اسيمبلي ۾ وڃي ۽ اتي سنڌ جي عوام سان ٿيندڙ ناانصافين ظلم زيادتين، عورتن سان ناروا سلوڪ خلاف ۽ عورتن جي حقن لاءِ ڀرپور انداز ۾ آواز اٿاري کيس يقين آهي ته سندس خواهش هڪ ڏينهن ضرور پوري ٿيندي، ڇاڪاڻ ته نيڪ نيت ماڻهن جو ڀڳوان به مدد ڪندو آهي. راڌا سياسي دنيا ۾ ته اڃا نالو روشن نه ڪري سگهي آهي پر سماجي دنيا ۾ سندس نالو نه صرف ميرپورخاص پر سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. پاڻ سنڌ اندر عورتن سان ٿيندڙ ظلم زيادتين خلاف نه صرف ميڊيا تي آواز اٿاريندي رهي آهي پر ان خلاف احتجاج به ڪيا آهن. ڪافي هنڌن تي پهتي به آهي ۽ اهڙين مظلوم عورتن جي قانوني مدد به ڪئي آهي. پاڻ سماج جي ڪٽ کاڌل ريتن رسمن، غريبن بي پهچ ماڻهن تي ٿيندڙ ظلم زيادتين خلاف نه صرف احتجاج ڪري ٿي پر عملي طور به ڪم ڪيا آهن، جن بي پهچ ماڻهن جا سرڪاري آفيسن ۾ڪم ڦاٿل آهن ۽ کين بنا سبب رلايو وڃي ٿو. غريب مريضن کي سرڪاري اسپتال ۾ لاڀ نه ٿو ملي ۽ جڏهن ماڻهو مدد لاءِ راڌا وٽ اچن ٿا ته پاڻ انهن غريب ماڻهن سان گڏ آفيسن ۾ وڃي انهن جا ڦاٿل ڪم ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿي، اسپتالن ۾ وڃي انتظاميا سان ملاقاتون ڪري انهن جي مالڪي ڪري ٿي. ڪيترن ئي غريب مريضن کي هڙان وڙان دوائون وٺي ڏي ٿي. ڪيترن ئي غريب شاگردياڻين جن وٽ فيون ناهن، انهن کي فين ۾ مدد ڪري ٿي. ميرپورخاص ۾ سندس عوام ۽ سماجي تنظيمن ۾ ايتري ته مقبوليت وڌي وئي آهي جو نه صرف ميرپورخاص پر ٿر، عمرڪوٽ ۽ ٻين علائقن ۾ ٿيندڙ سيمينارن، ورڪشاپ ۾ راڌا جي شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي ٿو. 2011ع وارين برساتي ٻوڏن ۾ جڏهن بااثر ماڻهن پاران امدادي ڪاررواين ۾ اقربا پروري شروع ڪري پنهنجا نوازيو پاليسي تي عمل ڪري رهيا هئا ته راڌا ڀيل ان خلاف احتجاج ڪيو. بعد ۾ ان وقت جي ڪمشنر امدادي ڪاررواين واري ٽيم ۾ هن کي به شامل ڪيو ۽ امدادي سامان کان رهجي ويل متاثرين کي امداد ڏياري، پاڻ يونيسيف جي مدد سان متاثرين جي ڪئمپن ۾ عارضي جهوپڙي اسڪول قائم ڪرائي متاثرين جي ٻارن جي تعليم متاثر ٿيڻ نه ڏني. جڏهن اڳتي هلي يونيسيف وارن اهي اسڪول بند ڪيا ته راڌا ڀيل جي ڪوششن سان ڪجهه اسڪول پنهنجي مدد پاڻ ڪريو اصول تحت پوءِ به کليل رهيا. هن جي سدائين ڪوشش رهي آهي ته انهن اقليتي ماڻهن جن جو تعليم ڏانهن رجحان نه آهي، انهن سان ملاقات ڪري انهن ۾ تعليمي شعور پيدا ڪري ان ۾ ڪافي قدر ڪامياب ٿي آهي. خانه بدوش جيڪي پنن ٿا، انهن جي به ٻارن کي تعليم ڏيارڻ جو شعور پيدا ڪرڻ جي ڪامياب ڪوششون ڪيون آهن. شروع ۾ جڏهن ننڍا ٻار گهر ۾ ڇڏي سماجي ڪمن پويان ٻاهر نڪتي ته سندس گهر وارن مخالفت ڪئي، جڏهن هن مرداني معاشري ۾ جتي عورتن لاءِ مرد وانگر ٻاهر نڪري ڪم ڪرڻ مشڪل آهي، طرح طرح جون ڳالهيون الزام تراشيون راڌا به اهڙن مسئلن ۾ گهيري ۽ ماڻهن سندس مڙس کي زال جي گهر کان ٻاهر نڪرڻ ۽ پورو ڏينهن ٻاهر رهڻ خلاف ڀڙڪايو. ان تي زال مڙس ۾ جهيڙا به ٿيا. ڳالهه ذري گهٽ طلاق تي پهچڻ واري هئي پر راڌا جا حوصلا بلند رهيا، سماج ۾ پنهنجو جيڪو ڪردار ادا ڪري رهي هئي اهو جاري رکيو، هن پڪو پهه ڪيو ته هن سماج ۾ رڳو پاڻ لاءِ سوچڻ جيئڻ انسانيت نه آهي، سنڌ جي ڏاهي رسول بخش پليجو سان راڌا ڀيل جي ملاقاتن هن ۾ وڌيڪ حوصلو همٿ اتساهه پيدا ڪيو. راڌا ڀيل سماجي ناانصافين عوام سان ظلم زيادتين، عوامي مسئلن جي حل لاءِ ميڊيا بيانن ، احتجاجن، فيس بوڪ تي پوسٽ رکڻ، عملي طور ڪم ڪرڻ سان گڏ اخبارن ۾ مضمون به لکڻ شروع ڪيا، ڪاوش ۾ هائيڊ پارڪ ۾ هن ڪيترن ئي حساس مسئلن تي لکندي رهي آهي. سندس تحريرن ۾ به چاش آهي، هن ۾ لکڻ جو ڏان به آهي، شاگردي واري دور ۾ راڌا شاهه لطيف، شيخ اياز، استاد بخاري کان متاثر ٿي شاعر بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪجهه نظم به لکيا پر شاعري واري ڏات هن تي مهربان نه ٿي، انڪري چاهيندي به شاعري واري ميدان ۾ نه هلي سگهي. سندس ادب سان گهري دلچسپي آهي. ڪهاڻين، ناولن، افسانن، شاعري، فلسفي، مذهب، تاريخ، دنيا جي جنگين، نفسيات کان وٺي هر موضوع جا ڪتاب پڙهي ٿي، ڪتابن جي وسيع مطالعي سان سندس ڄاڻ ۾ وڌيڪ اضافو آندو آهي. راڌا ننڍي هوندي کان ذهين مطالعي جو شوق رکندڙ اجاين ڳالهين تي وقت نه وڃائڻ، آزاد خيال، انسانيت جي خدمت ڪرڻ جو جذبو رکي ٿي. ننڍي هوندي ڀائرن ۽ ٻين گهر ڀاتين سان ونجهه وٽي راند شوق سان کيڏندي هئي، هن ٻڌايو ته سندس والدين شوق سان هن کي نه پڙهايو، ننڍي هوندي پاڙي جي ٻارن سان گڏ پاڻ مرادو اسڪول هلي ويندي هئي. سندس پڙهڻ سان لڳاءُ ڏسي بعد ۾ والدين کيس تعليم ڏياري. پاڻ اڪيلي سر ڪم ڪرڻ بعد ساٿين جي مشوري سان راڌا آرگنائيزيشن قائم ڪري ان پليٽ فارم تان ڪم ڪري ٿي ساڻس گڏ سماجي ڪمن خلق خدا جي خدمت وارو جذبو رکندڙ به رضاڪارانه طور هن سان گڏ سماجي ڪم ڪري رهيا آهن. ٽيم ورڪ جي ڪري راڌا وڌيڪ عوام جي خدمت ڪري رهي آهي. پاڻ بهترين ڪمپيئر، شوقيه فنڪار، بهترين مقرر به آهي، پاڻ خاندان ۽ سهلين جي محفل يا گهر ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ بهترين انداز ۾ ڳائي به ٿي جيڪڏهن موسيقي جي تعليم وٺي ته بهترين سماجي ڪارڪن سان گڏ بهترين فنڪار به ثابت ٿي سگهي ٿي. پاڻ جڏهن شيخ اياز جو گيت “سکي پيا کي ملين ته چئجان چاندني تو سواءِ نه ٿيندي” ۽ اردو ۾ “چل اڙ جا ري پنڇي تيرا ديس هُئا بيگانا” ڳائي ٿي ته ويٺل جهومڻ تي مجبور ٿين ٿا. راڌا ڏاڍي حساس رحم دل خاتون آهي. ڪنهن جو به ڏک درد سهي نه سگهندي آهي. ڪنهن کي ڏکارو ڏسي روئي ڏيندي آهي، ايترو حساس جو ڏک واريون فلمون، ڊراما ڏسي ٻارن وانگر اوڇنگارون ڏئي روئي ڏي ٿي. سندس خواهش آهي ته ميرپورخاص ۾ هڪ اهڙو آشرم پنهنجي خرچ تي ٺهرائي جتي ٻهراڙي جا شاگرد، خاص طور شاگردياڻيون جيڪي چاهيندي به شهر ۾ رهڻ جي سهوليت نه هئڻ سندن ڳوٺ پري هئڻ، سفري سهوليتون نه هئڻ ڪري هو اعلى تعليم نه ٿا حاصل ڪري سگهن، انهن کي اتي رهڻ ۽ کاڌي جي سهوليت ڏني وڃي. ان سان علائقي جا وڏي تعداد ۾ اعلى تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندڙ ذهين ٻار آرام سان پڙهي ڪنهن منزل تي پهچي سگهن ٿا. سندس اها به خواهش آهي ته پاڻ پوڙهن ماڻهن لاءِ هاسٽل ٺهرائي انهن جي رهائش کاڌو، ڪپڙا ۽ ٻين سهوليتن جو اهتمام هجي. راڌا ڀيل 4 فيبروري 1978ع ۾ ميرپورخاص ضلعي جي خير محمد ڀرڳڙي ڳوٺ ويجهو وحيد فارم ۾ غريب هاري مولو ڀيل جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس وڏا ڇاڇرو تعلقه جي ڳوٺ ترسالو ڀيل جا رهواسي هئا ٿر ۾ ڏڪار جي ڪري روزگار سانگي هو هتي اچي رهيا ۽ هتي جا ٿي ويا. سندس والد ذهين اڻ پڙهيل ليڪن وڪيلن جهڙو ذهين هو. پاڻ نه صرف پنهنجي برادري پر ٻين برادرين جا به فيصلا ڪندو هو. غريب هئڻ جي باوجود سخي، مهمان نواز هو، بعد ۾ کيس علائقي جي رئيس ڪمدار ڪري رکيو ۽ پاڻ مثالي ڪمدار ثابت ٿيو. هن روايتي ڪمدارن وانگر ڪنهن به هاري تي ظلم نه ڪيو. ڪنهن جي دل نه ڏکائي، راڌا 5 ڪلاس ڳوٺ سانولو ڪمدار جي اسڪول ۾ 8 درجي تائين ڳوٺ خير محمد ڀرڳڙي جي اسڪول ۾ ڏهين ڪلاس ڪوٽ غلام محمد گرلس اسڪول مان ڪئي 93ع ۾ سندس شادي بلوچ آباد سنڌڙي جي ماستر سترام داس ڀيل سان ٿي، سال کن ڳوٺ ۾ رهي بعد ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ خاطر زال مڙس ميرپورخاص ۾ اچي رهيا جتي هن بي اي تائين تعليم حاصل ڪئي ۽ پاڻ پي ٽي سي ۽ سي ٽي جا امتحان به ڏنا. کيس 4 پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي.