شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

بهترين سماج سڌارڪ شاعر ۽ تعيلمدان ولي محمد دانش جتوئي

ولي محمد، جنهن کي هاڻي اسين سڀ دانش جتوئي جي نالي سان سڃاڻون ٿا. ڀٽائي جي ڀونءِ جو هي باشندوبظاهر هڪ سادو سودو پنهنجي ڪم سان ڪم رکندڙ اسانجي نظر ۾ پهنجي آفيس جي ڪمري ۾ ليپ ٽاپ تي راند ڪندي نظر ايندو آهي. پر اها ٻي ڳالهه آهي ته هن جو ڪم ڪرڻ جو طريقه ڪار ايڪيهين صدي جي اصولن تحت آهي ۽ هي انٽرنيٽ جي وسيلي دنيا سان ڳنڍيل رهي ٿو ۽ تعليم جي ترقي لاءِ جاکوڙيندو رهي ٿو. هي اڄوڪي سنڌ جي انهن چند سڄاڻ ماڻهن مان هڪ آهي جنهن کي دنيا سڃاڻي ٿي. دانش جتوئي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته برطانيه جو2 ڀيرا چونڊجندڙ وزير اعظم ٽوني بليئر کيس پنهنجو دوست سمجھي ٿو ۽ مختلف موقعن تي هن سان رابطي ۾ رهندو آهي.دانش جتوئي آءِ ٽي پروفيشنل آهي، هن ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪندي، 2007 کان اڄ تائين پاڪستاني اسڪولن جي شاگردن ۽ استادن کي آمريڪا، برطانيا، آسٽريليا، انڊيا، انڊونيشيا، فلپائين، عمان، يو اي آءِ جي ٻارن کي وڊيو ڪانفرنس ذريعي ڊائيلاگ ڪرايا آهن، دانش سان منهنجي سڃاڻپ اڄ جي نه آهي. کيس تڏهن کان سڃاڻان جڏهن هن کان دنيا اڃان اڻ واقف هئي. ڪجهه ٻار ٻالڪپڻي کان ئي هوشيار ۽ ناماچار هوندا آهن ۽ شايد دانش به انهن خوشنصيبن مان هڪ هو جنهن تي ڏات ڌڻي پهنجي مهربانين جا پلر پلٽي ڇڏيندو آهي. دانش به روايتي نوجوانن وانگر مهراڻ يونيورسٽي مان انجنيئر ٿيڻ پي چاهيو پر قدرت کي ڪجھه ٻيو ئي منظور هو ۽ دانش انجنيئر ٿيڻ بجاءِ آ ٽي پروفيشنل ٿي ويو ۽ گلوبل وليج جو باشندو بنجي ويو. دانش انهن ڏينهن ۾ ڪمپيوٽر سائنس پڙهيو جڏهن ڪمپيوٽر جي تعليم اڃان عام نه ٿي هئي.
دانش جتوئي 4 جنوري 1973 تي نوشهري فيروز ضلعي جي درياءَ ڪناري ننڍڙي ڳوٺ بکري جي هڪ هاري محمد اسماعيل جتوئي جي گھر ۾ جنم ورتو. سندس والدين 1985 ۾ ڀٽائي جي محبت ۾ ڀٽ شاهه ۾ آباد ٿيا ۽ هاڻي ڀٽ شاهه جا ئي ٿي رهجي ويا آهن. دانش پهنجي تعليم ڀٽ شاهه جي هاءِ اسڪول ۽ سروري اسلاميه ڊگري ڪاليج هالا مان حاصل ڪئي. پروفيشنل تعليم سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف مئٿميٽڪس ۽ ڪمپيوٽر سائنس مان 1997 ۾ حاصل ڪئي2005 ۾ ٿاماست يونيورسٽي بئنڪاڪ ٿائيلينڊ مان پيس ائنڊ ڪنفلڪٽ رزاليوشن جو ڪورس ڪيو ۽ 2009 ۾ نئشنل ڪاليج آف اسڪول ليڊرشپ ناٽنگھم برطانيا مان اسڪول ليڊرشپ جو ڪورس ڪيو.دانش جي ٽريننگ برٽش ڪائونسل، ٽوني بليئر فاونڊيشن، ۽ گلوبل نوميڊس گروپ آمريڪا مان هجڻ جي ڪري هن جي سوچ صاف سٿري ۽ ذهن کليل آهي. هن جا عقيدا پختا ۽ سياسي سماجي سوچ عوامي آهي. دانش ٽيڪنالاجي جو ماڻهون هجڻ جي باوجود لطيف جذبن وارو شاعر به آهي سندس شاعري تي ڄامشوري جي ڇڙواڳ هوائن ۽ اتي جي اپسرائن جو وڏو هٿ آهي جن هن جي اندر جي شاعر کي جاڳائي ڇڏيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي دانش هڪ خوبصورت شاعر بنجي ويو. دانش غزل، نظم، ۽ وائي جي صنفن تي لکيو آهي ۽ ڪجهه آزاد نظم پڻ لکيا آهن پر بنيادي طور تي کيس غزل پسند آهي. دانش جي شاعري تي شيخ اياز، امداد حسيني ۽ استاد بخاري جي شاعري جا پاڇا نظر اچن ٿا، جنهن جو سبب هو پاڻ ئي ڄاڻي ٿو.
دانش ايم ايس سي جي ڊگري ملڻ کان پوءِ ڪراچي جو رخ ڪيو ۽ سمنڊ ڪناري آباد هن شهر جي سپين مان موتي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. 1997 ۾ڪراچي ۾ ڪمپيوٽر جي ليڪچرار جي حيثيت سان پاڪستان ايئر فورس جي ڪاليج ۾ پڙهائڻ جو موقعو مليس، جنهن کان پوءِ بحريا ڪاليج، علي ڳڙهه انسٽيٽيوٽ، ۽ زيبسٽ ۾ پڙهايائين.دانش 1999 ۾ پاڪستان ايمبيسي ڪاليج تهران ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. تهران جي پاڪستان ايمبيسي ڪاليج ۾ پڙهائيندي دانش کي کوڙ ساري مڃتا ملي، ڪاليج جي شاگردن جي ڪمپيوٽر ايگزيبيشن ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ کانپوءِ دانش ڄڻ ته ڪمپيوٽر جو هيرو بنجي ويو، ان اعزاز ۾ ايران جي سرڪار هنکي اعزازي طور تي تهران جي سڀني اسڪولن لاءِ آءِ ٽي ايڊوائيزر مقرر ڪيو جيڪو هڪ پاڪستاني لاءِ اعزاز کان گھٽ نه هو.بقول دانش، تهران ۾ ڪم ڪندي مونکي ان ڳالهه جو احساس ٿيو ته مونکي پاڪستان واپس وڃي پهنجي ڳوٺ جي تعليم جي بهتري لاءِ ڪجھه ڪرڻ گھرجي ۽ هڪ دانش مان گھڻا دانش پيدا ڪرڻ گھرجن. دانش کي ايران کان واپس موٽي اچڻ تي منسٽري آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ڪلسٽر ڪائونسل مان اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي نوڪري ملي ۽ هو اسلام آباد هليو ويو. سرڪاري ادارن جي ڪم ڪرڻ جو نرالو انداز ڏسي دانش اسلام آباد کي خير آباد چئي ڀٽ شاهه موٽي آيو ۽ 2004 ۾ هڪ پرائيويٽ اسڪول دي سٽيز اسڪول ڀٽ شاهه جو بنياد رکيو. جيڪوهن وقت انٽرنئشنل اسڪول جي حيثيت رکي ٿو. هي اسڪول برطانيا، آمريڪا، آسٽريليا، ڪئناڊا ، انڊيا ۽ دنيا جي ٻين سڌريل ملڪن جي اسڪولن ۽ تعليمي ادارن سان لاڳاپيل آهي. دانش کي آمريڪا، انگلينڊ، اسڪاٽلينڊ، ۽ ويلس جا سڀئي نالي وارا شهر ڏسڻ جو موقعو مليو آهي جن ۾ نيويارڪ، واشنگٽن ڊي سي، نيو جرسي، لنڊن، برمنگھم، ليڊس، مانچيسٽر، اسٽيفرڊ اپان ايوان، بريڊفورڊ ، آڪسفورڊ، ڪيمبرج ۽ ٻيا ننڍا وڏا شهر شامل آهن جتي جي تعليمي ادارن مان سکيا ملڻ جو موقعو مليو اٿس.دانش جو يقين آهي ته امن کان سوا دنيا جي سڄي ترقي ڌوڙ ۽ ڌڌڙ مثل آهي. ان ڪري هو پهنجي طور تي ڪوشش ڪندو رهي ٿو. هن هڪ ننڍڙي تنظيم پيس ايجوڪيشن جي نالي سان ان خواب جي ساڀيان لاءِ کولي آهي جيڪا پاڪستان ۽ دنيا جي مختلف ملڪن جي شاگردن کي پاڻ ۾ وڊيو ڪانفرنس ذريعي ڊائلاگ ڪرائي ٿي ته جيئين اهي هڪٻئي جي ويجھو اچن ته جيئين ذهنن مان نفرتون ڪڍي سگهجن دانش جو موسيقي سان گهرو لڳاءُ آهي. بهترين شوقيه راڳي آهي. دوستن جون محفلون دانش جي ڳائڻ کانسواءِ اڌوريون هونديون آهن پاڻ شاهه لطيف سچل سرمست بلا شاهه، شيخ اياز، استاد بخاري مخدوم طالب الموليٰ، امداد حسيني، فيض محمد فيض، وصي شاهه، حسن درس، آڪاش انصاري ۽ ٻين شاعرن جي خوبصورت شاعري ڳائي محفل ۾ ويٺلن کي جهومائي ڇڏيندو آهي ڀٽ شاهه ۾ راندين جي سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ سندس ڪوشسون قابل تعريف آهن پاڻ خود ڪرڪيٽ جو بهترين رانديگر آهي ڀٽ شاهه ۾ ادبي ثقافتي سرگرمين کي زور وٺرائڻ لاءِ به سندس ڪوششون قابل تعريف آهن، سندس ڪوشش سان ڀٽ شاهه ۾ ادبي ثقافتي ڏينهن به ملهايا ويا آهن شيخ اياز جي ڀٽ شاهه ۾ ملهائيندڙ ورسي جي حوالي سان سندس ساٿ ۽ ڪوششون به اڻ وسرندڙ آهن پاڻ ڀٽ شاهه ۾ سماج سڌارڪ طور به سڃاتو وڃي ٿو وقت به وقت ڀٽ شاهه ۾ امن امان جي خراب صورتحال سماجي براين خلاف ۽ بنيادي مسئلا حل ڪرڻ جي حوالي سان عوامي سجاڳي جي حوالي سان عوام ۾ جاڳرتا ريليون به ڪڍرائيندو رهيو آهي. پاڻ دنيا جو ادب پڙهي ٿو جن ۾ سياست سماجيات مذهب نفسيات فلسفو لسانيات آٽو بايوگرافي جا ڪتاب پڙهيا آهن وٽن ننڍڙي پر چونڊ ڪتابن جي لائبريري پڻ آهي پاڻ ڀٽ شاهه ۽ آسپاس جي غريب ٻارن جي والدين سان ملاقاتون ڪري کين ٻار پڙهائڻ جو شعور ڏيندو رهي ٿو ۽ جاڳرتا پيدا ڪندو رهي ٿو. کيس هڪ فرزند احسان دانش 2 نياڻيون ڪائنات دانش ۽ خوشبو دانش آهن. سندس خواهش آهي ته سندس ٻار معاشري ۾ اهڙو ڪردار ادا ڪن جو دنيا کين عزت ڏي انهن جي ڪري سندس نالو به عزت احترام سان ورتو وڃي پاڻ شاگردن کان وٺي عام ماڻهن تائين انساني حقن جي ڄاڻ ڏيندو رهيو آهي پاڻ ايف ايم ڀٽ شاهه جو شروعات ۾ مختلف پروگرامن جو انائونسر به رهيو آهي پاڻ ڪيترائي علمي ادبي سماجي ثقافتي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ به ڪندو رهيو آهي پاڻ بهترين مقرر پڻ آهي هر موضوع تي بهتر ۽ متاثر ڪندڙ انداز ۾ تقريرون ڪري ٿو.